بلاول سان گڏ ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي موجود ڪيترائي وزير ڪورونا جو شڪار

ٻوڏ متاثر ميرپورخاص ڊويزن جي دوري ۾ بلاول ڀُٽو زرداري سان گڏ موجود سنڌ جا ڪيترائي وزير ۽ ڪارڪن اسيمبلي ڪورونا جو شڪار ٿي ويا. هڪ نجي چئنل سان گفتگو دوران پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سنڌ جي وزير مير شبير بجاراڻي چار ڏينهن اڳ ڪورونا پازيٽو اچڻ تي آئسوليشن ۾ وڃڻ جي تصديق ڪئي. وزيراعليٰ سنڌ جي خصوصي معاون قاسم نويد قمر به پنهنجي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هو ڪورونا ٽيسٽ جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ حيدرآباد ۾ پنهنجي گهر ۾ آئسوليشن ۾ آهي. پيپلز پارٽي ٽنڊوالهيار مان چونڊيل رڪن سنڌ اسيمبلي امداد پتافي پنهنجو ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته سندس هڪ ٻيو ساٿي سنڌ اسيمبلي جو رڪن گهنور اسراڻ به ڪورونا کان متاثر ٿيو آهي. ذريعن مطابق هي سمورا اڳواڻ بلاول ڀٽو سان ٻوڏ متاثر ميرپورخاص ڊويزن جي علائقن جي دوري تي ساڻس گڏ هئا ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ هنن هڪ ئي گاڏي ۾ سفر به ڪيو.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments