بلوچستان جي وڏي وزير جو شاگردن جي گرفتاري تي رد عمل.
بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال احتجاج دوران گرفتار ٿيل شاگردن کي فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ايس پي سٽي کي هڪدم معطل ڪري ڇڏيو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير چيو آهي ته هن احتجاج ڪندڙ شاگردن جي گرفتاري جو حڪم نه ڏنو هو. هن چيو ته پوليس ۽ شاگردن وچ ۾ ٽڪراءُ ٿيو، جنهن کانپوءِ گرفتاريون ڪيون ويون.مان پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته گرفتار ٿيل شاگردن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته شاگردن جي گرفتاري کانپوءِ ايس پي سٽي کي فوري طور تي آفيس مان معطل ڪيو ويو آهي. هن يقين ڏياريو ته عورت شاگردن سان بدسلوڪي ڪرڻ تي ليڊي ڪانسٽيبل خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي. ياد رهي ته بلوچستان جي گادي واري هنڌ ۾ شاگردن آن لائن ڪلاسن خلاف احتجاج ڪيو، جنهن تي پوليس مظاهرين خلاف ڪارروائي ڪري ڪيترن ئي شاگردن کي حراست ۾ ورتو هو.