بنارس شهر جي ملير لانڍي ڏي….

الطاف شيخ جو سفر نامون “بنارس کان برموڊا تائين” مان کنيل

بنارس شهر جي ملير لانڍي ڏي….

الطاف شيخ

اڄ منهنجو گهمڻ جو ڪو اڳواٽ پروگرام نه هو سو بنارس شهر جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان آٽو ۾ چڙهي شهر کان ٿورو ٻاهر ائين نڪري پيس جيئن ڪو ڪراچي جي شاهراهه فيصل يا ايئرپورٽ کان ملير ۽ لانڍي ڏي نڪري پوي. ڪراچي ۾ اها هوا خوري ستر واري ڏهي تائين ڪئيسين پر هينئر ته ڪو مجبوري ۾ به ٻاهر نڪرڻ کان گريز ڪري ٿو. ڪراچي ۾ رهندڙ هر وقت نفسياتي خوف ۾ رَهي ٿو ته ڪٿي ڪو بم نه ڦاٽي، ڪٿي ڪا وائڙي گولي راهه ڀلجي لڳي وڃي. ملير ۽ ماڙيپور وڃي اتي جي زيتونن جا باغَ ۽ سمنڊَ جا ڪنارا گهمڻ، سئنيما هالن ۾ فلمون ۽ ٿيٽرن ۾ ڊراما ۽ پتلي شو ڏسڻ اسان وٽ ڄڻ خواب بڻجي ويو آهي. ٻيو ته ٺهيو ماڻهو مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ عبادت لاءِ ويندي پاڻ کي غير محفوظ سمجھن ٿا، عبدالله شاهه غازي جي مزار يا منگهو پير ويندي ڊڄن ٿا. لطيفو ئي سهي… خير عافيت پڇڻ تي انڊيا جي وزير اعظم چيو ته ڪڏهن خوشي آهي ڪڏهن غم. جواب ۾ نواز شريف چيس….” ۽ هِتي ڪڏهن گولي آهي ته ڪڏهن بم!“.

بهرحال ڏوهه هندن جي هن پوتر بنارس ۾ به ٿين ٿا، پر نسبتن امن ۽ شانتي آهي، پوليس جو ڊپ ۽ قانون تي عمل آهي تڏهن ته مڪاني توڙي ڌارين ملڪن جا ماڻهو…. ويندي اڪيليون ڇوڪريون شهر جي گپاگيهه وارين گهٽين ۾ توڙي شهر کان ٻاهر پارڪن، مندرن پڪنڪ اسپاٽن ۽ ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ سير سپاٽا ڪنديون وتن. سندن چهري تي رونق، خوشي ۽ سڪون جا تاثرات صاف ظاهر نظر اچن ٿا.

هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ لاءِ انڊيا ۾ سواريءَ جو ڪو مسئلو ناهي. سرڪاري ۽ خانگي بَسن کان علاوه آٽو (يعني پاڻ واريون رڪشائون)، سائيڪل رڪشائون ۽ ٽئڪسيون عام نظر اچن  ٿيون جن جو ڀاڙو آمريڪن ۽ يورپي ملڪن جي ماڻهن کي ته گهٽ لڳي ٿو، پر اسان لاءِ به گهٽ آهي جو پاڪستان ۾ رڪشائن ۽ ٽئڪسين جا ڀاڙا آسمانَ سان ڳالهيون ٿا ڪن ۽ بسن جي سواري آسمان تان ڪريو کجور ۾ اٽڪيو وارو حِسابُ آهي. منهنجي عمر جو ڪو ماڻهو ته ڪراچي ۾ بس جي سواري ڪري ڏيکاري ۽ جيڪي نوجوان ۽ مجبور ماڻهو بس ۾ سوار آهن اهي ڪيڏي جوکم ۾ بس ۾ چڙهن ٿا، بس اندر يا ڇت تي ويهن ٿا ۽ هلندڙ بس مان ٽپ ڏيئي لهن ٿا! اهڙي حالت ۾ ڪهڙو  ٽوئسٽ اسان وٽ ايندو ۽ بس ۾ چڙهي ڪراچي جهڙي شهر جو سير جو لطف وٺي سگهندو؟

سو انڊيا جي هر شهر ۾ سواري سولائيءَ سان ۽ سستي اگهه تي مليو وڃي، پر تنهن هوندي به اڄ مون پهرين نظر ايندڙ رڪشا واري کي جڏهن ترسايو ۽ هن پڇيو ته صاحب ڪهان چلنا هي ته جواب بدران مون سوال ڪيومانس ته توهان جو نالو ڇا آهي؟

”ڪرشن“

”شل گوپين سان خوش هجين مون کي اهو ٻڌاءِ ته هينئر ڏهين بجي کان شامَ جو پنجين تائين ڪيترو ڪمائيندو هوندين؟“ منهنجي ان سوال تي پهرين ته هو حيران ٿي ويو، پر پوءِ مرڪي چيائين ”اٽڪل ٻه سئو رپيا.“

”چڱو ڪرشن هڪ ڪم ڪر تون مون کي ۽ منهنجي هن ساٿي عثمان کي، اسان جي مرضي مطابق بنارس جي پسگردائي جا پنجين تائين چڪر ڏيار. اسان توکي ٻيڻ پئسا يعني 400 رپيا ڏينداسين ۽ پيٽرول يا گئس پڻ اسان وجھرائي ڏينداسين.“ اسان جي آفر تي هو راضي ٿي ويو ۽ اسان لاءِ به اهو بهتر سودو هو. جِتي وڻي اتي بيهاري چانهه پيون يا فوٽو ڪڍون. عثمان زاهد ڀر واري شهر لکنئو جو رهاڪو آهي. هن هِتان جي بنارس جي يونيورسٽي مان تاريخ ۾ ايم اي ڪئي. نوڪري ته ڪا نه ملي سگهيس، پر پيٽ گذر لاءِ اڙدو، هندي ۽ انگريزي ۾ ترجمو ڪري ٿو ۽ ٻاهرين ملڪن مان آيل ٽوئرسٽن (سياحن) کي بنارس جون تاريخي جايون ڏيکارڻ لاءِ گائيڊ جا فرض سرانجام ڏئي ٿو. ٻه ڏينهن کن اڳ منهنجي ساڻس ملاقات ٿي هئي ۽ مون کيس پاڻ سان وٺي هلڻ لاءِ چيو هو. اڄ اسان ٻئي واندا هئاسين سو بنارس جا ٻاهريان علائقا گهمڻ لاءِ نڪري پياسين.

اسان ورانسي (بنارس) جنڪشن اسٽيشن جي ڀرسان حبيب شاهه مسجد وٽ ملڻ جو پروگرام ٺاهيو هو. بنارس جي هڪ ٻي يونيورسٽي ”مهاتما گانڌي ڪاشي وڌيا پيٺ“ وارو روڊ Vidyapeeth روڊ جِتي اسٽيشن روڊ سان اچي ملي ٿو اتي هيءَ مسجد حبيب شاهه مسجد آهي.

صبح جو مون کي هن يونيورسٽي ۾ وڃڻو هو جِتي مون کي ڊاڪٽر ڀڳوان داس سينٽرل لائبريري ڏسڻ جو شوق هو.

هيءَ يونيورسٽي (مهاتما گانڌي ڪاشي وديا پيٺ) يو پي (اتر پرديش) رياست جي اعليٰ يونيورسٽين مان هڪ آهي جنهن سان ڇهن ضلعن جا 227 ڪاليج affiliated آهن. ڪيترائي اڪيڊمڪ ۽ پروفيشنل ڪورس ڪرايا وڃن ٿا. هيءَ يونيورسٽي مهاتما ڪرمچند گانڌي ۽ ڊاڪٽر ڀڳوان داس جي ڪوششن سان بنارس ۾ ٺاهي وئي. هندستان تي انگريزن جي راڄ جي خلاف جيڪا مهاتما گانڌيءَ سوراج (پنهنجو پاڻ تي راڄ ڪرڻ يعني Self Rule جي مهم هلائي ان سلسلي ۾ هيءَ يونيورسٽي، گجرات واري يونيورسٽي (گجرات وديا پيٺ) ۽ مسلمانن جي جاميه مليه اسلاميه تعليمي ادارا کوليا ويا جيڪي هندستان ۾ رهندڙ هندن ۽ مسلمانن پنهنجي مدد سان کوليا جن تي انگريزن جو نه ڪنٽرول هو نه هنن طرفان ڪا  support مهاتما گانڌيءَ ۽ نهروءَ ايتري قدر جو جاميه مليه اسلاميه يونيورسٽي لاءِ چندا حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. بنارس جي هن يونيورسٽي جي افتتاح تي سڄي يونيورسٽي قرآن سورن ۽ ويدن جي منترن سان گونجڻ لڳي هئي. ان موقعي تي هندستان جا ڪيترائي تعليمدان، مفڪر ۽ قوم پرست موجود هئا جهڙوڪ پنڊت موتي لال نهرو (جواهر لعل نهرو جو پيءُ)، مولانا محمد علي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد، وغيره. ڊاڪٽر ڀڳوان داس هن يونيورسٽي جو پهريون وائيس چانسلر ٿيو هو جنهن جي نالي هن يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري آهي. ڊاڪٽر ڀڳوان داس 1869ع ۾ ڄائو. پاڻ ٿيوسافسٽ هو. برٽش انڊيا جي سينٽرل ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر پڻ رهيو. هن هندستان تي انگريز راڄ کان نجاتَ چاهي ٿي ۽ آزادي لاءِ جدوجهد ڪئي. اڳتي هلي 1955ع ۾ کيس ڀارت رتنا ايوارڊ سان نوازيو ويو. ڀڳوان داس هندي ۽ سنسڪرت جو وڏو ڄاڻو هو ۽ پاڻ ٽيهارو کن ڪِتابَ لکيائين. ٻه ٽي ڪِتابَ جيڪي مون کي هن يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري ۾ نظر آيا ۽ نالا ياد اٿم، هن ريت آهن:

  • My Picture of Free India هي ڪِتاب هِتي بنارس ۾ 1944ع ۾ ڇپيو.
  • Ancient Solutions of Modern Problems

۽

  • Indian Ideals of Women’s Education هن ڪِتابَ جو پهريون ڇاپو 1929ع جو آهي جيڪو مدراس ۾ ڇپيو. هن يونيورسٽي جي ٻاهران ئي مسجد حبيب شاهه آهي جِتي لکنئو جو رهاڪو گائيڊ عثمان مون سان گڏ هلڻ لاءِ انتظار ڪري رهيو هو ۽ هِتان ئي اسان ڪرشن جي آٽو (رڪشا) ڪئي.

عثمان ٻڌايو ته ”هيءَ مسجد حبيب شاهه مسجد هِتي جي هڪ بزرگ، صوفي ۽ نيڪ انسان حضرت خواجا حبيب علي شاهه نالي آهي جنهن جو شجرو اسلام جي پهرين خليفي حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رضه سان ملي ٿو. پاڻ شاعر به هو ۽ ڪيتريون ئي ٻوليون آيس ٿي، جيئن ته: هندي، اردو، فارسي، ڪوڪني وغيره. سندس ديوان ”ديوانِ حبيب“ هڪ خزانو چيو وڃي ٿو جنهن ۾ هن جو پنهنجي پروردگار لاءِ عشق جو اظهار ڪيو آهي. هن جي شاعري اڄ به قوال ڳائين ٿا. هن جي شاعري ۾ سندس پير و مرشد ۽ ٻين صوفي درويشن لاءِ پيش ڪيل ڀيٽا آهي…“

عثمان هن بزرگ جو ان سلسلي ۾ هڪ اردو شعر ٻڌايو.

هماري ڪڇ ڀي نا ٿي حقيقت

تمهاري در سي ملي هي عزت

خراب هوني  نا ديجئو صاحب

تمهاري در ڪا بنا هوا هون.

عثمان کي حبيب شاهه جا ڪيترائي اردو شعر ياد هئا.

آٽو رڪشا جو ڊرائيور اسان ٻن کي مٿي بيان ڪيل بنارس جي حبيب شاهه مسجد وٽ پنهنجي رڪشا ۾ ويهاري اسان جي چوڻ موجب وديا پيٺ روڊ تان ساڄي مڙي اسٽيشن روڊ تي آيو کاٻي پاسي ڏي ڦٽندڙ پٽيل روڊ تي چڙهيو. پٽيل روڊ ڪو وڏو ناهي. ٿورو ئي اتر طررف وڃي اوڀر کان اولهه ڏي ويندڙ راجا بازار روڊ سان لڳي ٿو. اسان ان روڊ تي چڙهي کاٻو پاسو اختيار ڪيو ۽ اندرا پل ذريعي ٻئي پاسي آياسين. ڀرسان ريلوي اسٽيشن ڪري شايد ريل جا پٽا ان پل هيٺان لنگهن ٿا.

راجا بازار روڊ تي، پل ٽپڻ بعد گنگا ندي اچي ٿي جنهن کي ٽپڻ بعد هڪ هنڌ بنارس جي ڪورٽ نظر آئي. اتي ٿوري دير بيهاري اسان چوڌاري عمارتن ۽ نظارن جا فوٽو ڪڍيا. ان بعد ساڳيو روڊ وٺي هلڻ تي هڪ هنڌ جِتي يو پي ڪاليج نظر آيو اتي هڪ ساڄي کان کاٻي وهندڙ روڊ ”ڪائو تليا ڪون روڊ“ ڪراس ڪري ٻئي پاسي آياسين ته اسان  وارو روڊ سنڌائورا روڊ ٿي ويو. اتي ئي ٻن روڊن جي ڪراس وٽ جِتي هِڪَ پاسي يو پي ڪاليج آهي ته ٻئي پاسي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج آهي. بهرحال اسان سنڌائورا روڊ ورتو جيڪو سمجھو ته بنارس جو شاهراهه فيصل آهي ۽ جيڪو اسان کي بنارس شهر مان ڪڍي ڪراچي جي قائدآباد، لانڍي، پپري جهڙي بنارس شهر جي پسگردائي ۾ وٺي آيو.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments