تاريخ جي ڄاڻ رکڻ به ضروري آهي

الطاف شيخ جو سفر نامو: جيءَ اندر جهاتي

تاريخ جي ڄاڻ رکڻ به ضروري آهي

الطاف شيخ

1982ع ڌاري جڏهن سمنڊ جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ ڪناري جي نوڪريءَ لاءِ اچي رهيس ته مونکي پهريون دفعو احساس ٿيو ته پنهنجيون اوڻايون پوڻايون به وڏي دل سان ٻڌڻ کپن. اسانجي نيول اڪيڊميءَ جو ڪمانڊنٽ ماهوار ميٽنگ  ۾ اسان ڌارين ملڪن کان آيل جهازن جي چيف انجنيرن ۽ ڪئپٽنن سان ڪئڊٽن جي تعليم تي discuss ڪرڻ بعد اسان کان رهائش ۽ روز مرهه جي زندگي بابت خير عافيت پڇي پوءِ پنهنجي لاءِ يعني ملئي ماڻهن لاءِ پڇندو هو ته اهڙي ڪا ڪوتاهي يا ڪمزوري هجي ته ٻڌايو….. ”ڏسو نه! توهان دنيا جا مختلف ملڪ ۽ ماڻهو ڏٺا آهن. اسان جھنگ جا ماڻهو آهيون…. اسان ۾ اڃان به ڪيتريون ئي بين الاقوامي ليول جون ڪوتاهيون هونديون جن جي توهان ضرور نشاندهي ڪريو.“

ڪمانڊنـٽ (ڪئپٽن حمزو جنهن کي بعد ۾ داتڪ جو به خطاب مليو) منهنجو پهرين جو دوست هو بلڪه مونکي ملائيشيا ۾ نوڪري ڪرائڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو. پنهنجي منهن چيو مانس ته: ”حمزه تون به ڪمال ٿو ڪرين آفيشل ميٽنگن ۾ ڪي ڪي اهڙا ٿو سوال ڪرين جو اسان کي شرم ٿو اچي.“

”الطاف! آءِ مِين اِٽ. ان ۾ شرم جي ڳالهه ڪهڙي آهي. پنهنجيون غلطيون ۽ ڪمزوريون جيسين Identify نه ڪنداسين ته انهن کي صحيح ڪيئن ڪنداسين“. هن چيو.

۽ مون ڏٺو ته انهن ميٽنگن ۾ اسان مان ڪيترن هن کي اهو به چيو ٿي ته ملئي سست آهن. توهانجي ملئي ٻارن ۾ ڪِتاب پڙهڻ جي عادت ناهي. توهان ملئي ماڻهو کائڻ مهل وات جو چشڪو ٿا ڏيو جيڪو ڀر ۾ ويٺل ڌارئين ملڪ جي ماڻهوءَ کي خراب ٿو لڳي…. وغيره وغيره.

ملائيشيا ۾ مون سان گڏ ان اڪيڊميءَ ۾ منهنجو پيٽارو جو دوست ۽ درٻيلي جو مخدوم ڪئپٽن احمد حسين مخدوم پڻ هو جنهن ڪئڊٽن کي نيويگيشن ۽ Ship Stability پڙهائي ٿي. ان کان اڳ سامونڊي نوڪري ۾ پڻ ڪيترن ئي جهازن تي اسان گڏ Sail ڪيوهو. هن جي ناٽيڪل برانچ هئي منهنجي انجنيرنگ. اسان ملائيشيا جي بندرگاهن: پينانگ، پورٽ ڪلانگ (ڪئالالمپور جي ڀر وارو بندرگاهه) ۽ ’جوهور بارو‘ ۾ ڪيترائي دفعا آياسين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اسان جو جهاز هنن بندرگاهن ۾ ڪيترائي ڏينهن ترسي پوندو هو ۽ اسان باءِ روڊ بس، ٽرين يا ٽئڪسي ۾ اپوح، ملاڪا، ڪئالا ڪنگسار، الور اسٽار ۽ ٻين ڀر وارن ملئي شهرن کان وڃي نڪرندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ يعني 1968ع کان ستر واري ڏهاڪي تائين ملائيشيا ڪو اڄ جهڙو يورپ نه هو. سندس ڳوٺن توڙي شهرن جو حال اسانجي ڪنڊياري، موري، مٽياريءَ کان به هيڻو هو. واپار ۽ شهرن ۾ چيني ماڻهو ڇانيل هئا جن جي هٿن ۾ واپار ۽ ڪارخانا هئا. ملئي مسلمان گوڏ ٻڌي ڳوٺن ۾ کيتي ٻاري ڪري سادگي ۾ رهيا پيا هئا. سندن توڪل ۽ ”هر ڳالهه کي رب جي رضا سمجھي خوش رهڻ“ وارين عادتن کي ڏسي ڪئپٽن مخدوم مونکي چوندو هو ”ملئي ماڻهن جو حال به پنهنجي سنڌين جهڙو آهي.“

”سچ ٿو چوين!“ آئون سندس observation کي داد ڏيندو هوس.

بهرحال جهاز گڏ هلائڻ بعد احمد حسين مخدوم سان ڪناري جي نوڪريءَ ۾ به ساڳي ملڪ، ساڳي شهر ۽ ساڳي اداري ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ڪئپٽن حمزي جي مٿين ڳالهه ڪئپٽن مخدوم کي به حيرت ۾ وڌو ۽ مونکي هڪ ڏينهن چيائين: ” ملئي ۽ سنڌي ماڻهو ٻين ڳالهين ۾ کڻي هڪ جهڙا هُجن پر ان ڳالهه ۾ ملئي ماڻهو زور آهن…. يعني پنهنجيون اوڻايون وڏي دل سان ٻڌن ٿا.“ ۽ پوءِ ان ئي ڏينهن شامَ جو مخدوم مونکي چيو: ”ڏسجانءِ ويٺو ته ملئي ماڻهو ڄٽ نه رهندئي ۽ سگهو ئي ترقي ڪري اڳيان وڌي ويندا.“

اڄ ملائيشيا کي يورپ جهـڙو ڏسي ۽ ٻهراڙيءَ جي ملئي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي جپانين جيان سمارٽ ۽ محنتي ڏسي حيرت ٿي ٿئي ۽ مخدوم جي اها ڳالهه ٿي ياد اچي. مخدوم به مون وانگر ملئي ماڻهن جي ويجھو رهيو آهي….. بلڪه هو ته اڄ ڏينهن تائين ملئي ماڻهن جي پَٽن (ملائيشيا، سنگاپور ۽ برونائي ۾) رهيو پيو آهي. اسان اهو به ڏسندا هئاسين ته ملئي ماڻهو اسان وانگر پنهنجن وڏن جون ڳالهيون ٻڌائي پاڻ نه پڏائيندا هئا. هرڪو محنت ۾ لڳو رهندو هو ته پاڻ ڪجهه ٿي ڏيکاري. ذات پات جو چڪر ته هوندو ئي نه هو جو ملائيشيا ۾ ڪوبه ذات نٿو لکي …. فقط فلاڻو پُٽ يا ڌيءَ فلاڻي جي، نه وري ڪا پيري مريدي يا گادي نشيني جو چڪر هو. هن ڌرتي ”ملايا“ (مغربي ملائيشيا)  تي پورچوگالي آيا ….. 1511 کان 1641 تائين راڄ ڪيائون، ان بعد هي ملڪ ملايا 170 سالن تائين ڊچن (هالنڊ وارن) جي بيٺڪ ٿي رهيو ۽ پوءِ هڪ صديءَ کان به مٿي انگريزن جي حڪومت رهي …. ويندي ٻي جنگِ عظيم دوران 1941ع کان 1945ع تائين هي ملڪ جپانين جي قبضي ۾ هو. هاڻ وڃي اسان کان ڏهه سال کن پوءِ 1957ع ۾ خود مختيار ملڪ ٿيو. پر ڏٺو وڃي ته هتي جا ماڻهو اسان کان گهڻو اڳيان نڪري ويا آهن. هنن وٽ به اسان وانگر وڏيرا سسٽم ۽ سلطان شاهي آهي پر هنن جي سلطانن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ ڀوتارن کي ٿو ڏسجي ته هو ۽ هنن جو اولاد هر دور ۾ پڙهيو ڳڙهيو ۽ هنن پنهنجي ڌرتيءَ کي ٺاهيو. اسان وٽ ائين نه ٿيو ۽ نه اڄ تائين ٿي رهيو آهي. باقي شل نه تهذيب تمدن جي ڳالهه نڪري! اسان موهن جو دڙو جو مثال ڏئي پاڻ کي وڏي Civilized قوم سڏرائينداسين ….. هوشوءَ ۽ هيمونءَ جو مثال ڏئي پاڻ کي پهلوان سڏرائينداسين …. اسانجي حاڪمن ڇا پئي ڪيو …. اها خبر به نه ۽ نه انهن جو نالو وٺنداسين. انگريزن هندستان تي راڄ دوران اتي اسڪول، اسپتالون ۽ ريل گاڏيون پئي هلايون ته ساڄي پاسي ٿائلنڊ جي ٿائي حاڪمن به پنهنجي ملڪ کي ان طرز تي مضبوط پئي ڪيو پر هيڏانهن کاٻي پاسي سنڌ ۾….. جيڪو هندستان جو حصو نه هو پر هڪ خودمختيار ملڪ هو، بقول امر جليل جي جنگ اخبار (20 جنوري 2015ع) واري ڪالم جي ”سنڌ بدحال، ڪمزور، مقروض ۽ ٽن حصن ۾ ورهايل ملڪ هو. جتي جي حاڪمن جو اهڙو حال هو جو سر چارلس نيپيئر اڍائي ٽن ڪلاڪن جي جنگ ۾ سنڌ فتح ڪري ورتي.“

هيءَ ڳالهه ان تان ياد آئي ته گذريل سال ڪوالالمپور ۾ سنڌ جي تاريخ کان اڻ واقف اسانجي هڪ سنڌي شاگرد هڪ انگريز کي جڏهن پنهنجي بهادري جي پئي ٻٽاڪ سٽاڪ هنئي ته اسان ههڙا پهلوان آهيون ته هن کڻي ميرن واري ڳالهه ڪئي ته اسانجو نوجوان پريشان ٿي ويو جنهن کي پوءِ سمجھائڻو پيو ته اها حقيقت آهي …. انگريز صحيح ٿو چوي.

ان قسم جو هڪ ڪالم ”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“ اسان جي پيٽارو جي ڪاموري دوست آفتاب ميمڻ جو پڻ سامهون رکيو آهي جيڪو پڪ اٿم ته ڇپجڻ مهل اسان جي ڪيترن ماڻهن ملئي ماڻهن وانگر وڏي دل سان قبول ڪرڻ بدران گوڙ ڪيو هوندو. آفتاب ڏيپلي جو ميمڻ آهي هو سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري جي عهدي تان ٻه سال کن اڳ رٽائرڊ ٿيو. بيحد ذهين، تاريخ جو ڄاڻو ۽ محنتي آهي هو اسان جي پيٽارين ائسوسيئيشن جو ٻه دفعا صدر به رهي چڪو آهي پر سندس وڏي سڃاڻپ هڪ ليکڪ ۽ جرنلسٽ جي آهي. سندس ٽي چار ڪِتاب پڻ ڇپجي چڪا آهن. هو سنڌي کان علاوه اڙدو ۾ به لکي ٿو ۽ سندس هي ڪالم جنهن جون ڪجهه سٽون هيٺ لکان ٿو، اڙدو اخبار ۾ ڇپيو هو:

”…… سنڌ جي آخري ٽالپر حاڪمن مان حيدرآباد وارا ٽالپر صاحبان انگريز چارلس نيپيئر جي فوج جي اچڻ جو ٻڌي سَهي واري ننڊ مان سجاڳ ٿيا. نه باقاعده تربيت يافته فوج ۽ نه وقت جي ضرورت مطابق هٿيار پنهوار…. ان تي رونگ محلاتي سازشون! پنهنجو پاڻ ۾ اٽڪيا پيا هئا. راجا چچ وارو سنڌ جيڪو وڃي ڪشمير جي ويجھو لڳو هو موجوده صوبي سنڌ ۾ سڪڙجي ويو هو….. سو به خيرپور جي راڄڌاڻي الڳ ته حيدرآٻاد الڳ ته ميرپور خاص الڳ! هر هڪ جو ڪعبو قبلو الڳ الڳ.  اهڙي طرح ظاهري طور ته سنڌ جا ٽي حصا هئا پر اصل ۾ انهن ٽن حصن جا به ڪيترائي ڀاڱا ڀاڱا ٿي چڪا هئا. خيرپور جا مير صاحبان انگريزن سان صلح ڪري ويٺا ته ميرپور جا مير صاحب ننڍن ٽولن ۾ ورهائجي چڪا هئا. ڀاءُ جو ڀاءَ جي ڳچيءَ ۾ هٿ هو. اهڙي حالت ۾ حيدرآباد جي ميرن کي شڪست ڏيڻ ۽ ڪراچي تي قبضو ڪرڻ انگريزن لاءِ ڪو مشڪل نه هو. ٽالپر حاڪمن بلوچ سردارن کي مدد لاءِ سڏايو. بلوچ ته بلوچ، سماٽ (غير بلوچ) ۽ هندو به مدد لاءِ تيار ٿي ويا …. ايتريقدر جو ميگھواڙ به مدد لاءِ اچي ويا.

”17 فيبروري 1843 بروز جمعو ـــ موجوده حيدرآباد جي ويجھو مياڻيءَ وٽ هڪ ٽن ڪلاڪن جي مختصر جنگ هلي. هن جنگ ۾ سڀ کان اڳ ڀڄي جان بچائڻ ۾ مير صاحبن کان علاوه بلوچ برادري به هئي جنهن جي زور تي هو سنڌ تي حڪومت ڪندا رهيا. بهاول خان رند جي سرداريءَ ۾ آيل رند بلوچ ميدان جنگ مان ڀڄي ويا. انهن سان گڏوگڏ لغاري بلوچ پنهنجي سردار نواب احمد خان لغاري سان گڏ فرار ٿي ويا. مير نصير خان ٽالپر ۽ مير شهداد خان ميدانِ جنگ ۾ مڙس ماڻهو ٿي مقابلو ڪرڻ بدران راهه فرار اختيار ڪئي، چانگ، گوپانگ، مري ۽ نظاماڻي البت ميدان جنگ ۾ پنهنجي سالارن جي هلي وڃڻ جي باوجود وڙهندا رهيا. ٻن ٽن ڪلاڪن جي هن جنگ ۾ انگريز فوج جا فقط 27 سپاهي مئا ۽ ٽالپرن جي لشڪر جا پنج هزار کن ماڻهو! ڪيڏي بي ترتيب ۽ بي دلي واري لڙائي هئي!

وڏن عهدن تي ميرن جا مقرر ڪيل پنهنجا چمچا ….. ويندي هاويل نالي توبخاني جو توبچي عين وقت تي دوکو ڏئي ويو. سالار هوش محمد عرف هوشو کي به تڏهن خبر پيئي جڏهن توب خاني کي باهه وڪوڙي وئي. البت هوش محمد قمبراڻي (هوشو شيدي) ۽ ان جا ساٿي پنهنجي ٽالپر حاڪمن تان قربان ٿي ويا ۽ شهيد سڏرايا. دوران جنگ هوشوءَ پنهنجي لشڪر جي همت وڌائڻ لاـءِ نعرو هنيو هو: ”مرويسون، مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون.“

سالار هوشوءَ اهو نعرو ته هنيو پر ٿيو ڇا؟ انگريزن ته سنڌ تي قبضو ڪري ورتو. فقط والي رياست خيرپور کي فرزندِ ملڪه انگلستان جو اعزاز ڏئي نالي ماتر حڪومت ڪرڻ لاءِ ڇڏيو ويو.“

آفتاب ميمڻ صاحب لکي ٿو ته: ”اڄ وري اهو نعرو ٻڌڻ ۾ اچي پيو. بقول شاعر مصطفيٰ زيديءَ جي ”آپ ڪهتي هين تو صحيح هوگا!“ سنڌ جي حقن جي علمبرداري جو نعرو هڻڻ وارن کي گهرجي ته ماڻهن کي جاهل رکڻ بدران اندروني سنڌ ۾ تعليم جو صحيح نظام رکن ….. لسٽن تي ڀرتي ڪرائڻ بند ڪن ….. اٽي ۽ دال جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪن، امن امان ۽ انصاف مهيا ڪن ڇو جو ان سنڌ جا هاڻ نه شهر محفوظ آهن ۽ نه ڳوٺ! سنڌ جي خذمت ڪرڻي آهي ته فقط ۽ فقط ميرٽ کي اصول بڻايو ….. باقي کوکلن نعرن سان ماڻهن جو پيٽ نٿو ڀرجي.“

آفتاب ميمڻ جو هي تفصيلي ڪالم سندس تازو ڇپيل ڪِتاب ”قابلِ رحم قوم“ ۾ پڻ ڇپيو آهي. جيڪو ”ڊان پبليڪيشن“ وارن لاهور مان ڇپرايو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي جنهن ۾ فاصل مصنف ڪيترين ئي حقيقتن تان پڙدو کنيو آهي ۽ سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم ۽ بي انصافين کي ظاهر ڪيو آهي. سنڌ جو غريب ۽ لاچار ماڻهو وڃي سو وڃي ڪيڏانهن! اڄ به هڪ طرف سندس ووٽ تي چونڊيل حڪمران هن جي ڀينگ ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف عدل، انصاف ۽ حفاظت مهيا ڪرڻ وارا ادارا هن جي زندگي سان راڱا ڪري رهيا آهن …. اهي ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙا ملڪ ڀاڳن وارا آهن اسان کي ته يورپ جهڙو ڪو رابن هڊ ڌاڙيل به نصيب نه ٿيو. اسان جي ته ڌاڙيلن جي به ڇا ڳالهه ڪجي! اسان جو سنڌي درويش ڳوٺاڻو رڳو خوش فهميءَ ۾ مبتلا! چي: اسان جي ڪچي جا ڌاڙيل اهڙا خوفناڪ آهن (يا پهلوان آهن) جو کين چئجي ته ڪشمير فتح ڪري اچن!….. هاءِ ڙي اسان جي سادن ماڻهن جي سوچ! اسانجا ڌاڙيل، ڦورو، اغوا ڪار شير شاهه جي شڪري وانگر رڳو گهر جا ئي ڪڪڙ ماري ڄاڻن ٿا. هو رڳو پنهنجا امن پسند ۽ ڪمزور ماڻهو: هندو ميمڻ، شيخ، انصاري، قاضي ڦري سگهن ٿا، اغوا ڪري سگهن ٿا …. ڪنهن پنجابي، پٺاڻ يا مهاجر کي ڀُل ۾ به هٿ پئجيووڃين ته نه رڳو سندن پر تر جي پوليس جون به وايون بتال ٿيو وڃن. سچ چوندو هو انور پيرزادو مرحوم_ يعني تڏهن اسي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ڌاڙيلن کي پالڻ ۽ پٺڀرائي ڪرڻ جو فيشن شروع ٿيو هو، ”اسان جا سنڌي سمجھن ٿا ته اسان جا هي ڌاڙيل ضياءَ آمر جو مقابلو ڪندا …. پر اهي اسان کي ئي ماريندا.“

 سو ڪنهن محفل ۾ ويهي اها ٻٽاڪ نه هڻجو ته اسان جا ڌاڙيل وڏا پهلوان آهن …. ماڻهو توهان کي اهو ئي چوندا ته اهي پنهنجن کي ئي ماري ڄاڻين سي به جيڪي ڪمزور آهن. ڪنهن چانڊئي، مگسي، شر، جتوئي ۽ جماليءَ ۾ هٿ وجھڻ مهل ٻه دفعا سوچين ٿا ۽ غير سنڌين کان ته اسانجي پوليس وارن توڙي ڌاڙيلن جي ڪانچ ٿي آلي ٿئي.

ان ڳالهه تي اسان جي ان ڊاڙ ٻٽاڪ جي به ڳالهه ياد اچي وئي جڏهن اسين سئيڊن جي ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي ۾ پڙهندا هئاسين جِتي اسين نوي کن ملڪن جا جهازران هاسٽل ۾ رهندا هئاسين. هڪ رات ڊنر بعد ڪجهه يورپي، عرب ۽ اسان جي ننڍي کنڊ يعني پاڪستان، انڊيا ۽ بنگلاديش جا ڪجهه مسلمان گڏ ويٺا هئاسين ۽ مسلمانن جي ان سُنهري دؤر بابت ڳالهائي رهيا هئاسين جڏهن مسلمانن جي حڪومت فرانس، اسپين، موراڪو ۽ ممباسا تائين وڃي پهتي هئي. ان بحث ۾ مون ڏٺو ته اسان جا هندوستاني ۽ پاڪستاني مسلمان جهازي پنهنجي روايتي جذباتي انداز ۾ شروع ٿي ويا ته اسان مسلمانن هينئن ڪيو اسان هينئن ڪيو. عرب جهازي جيڪي ڪافي وقت کان خاموش اسان جا ڪڙڪا ٻڌي رهيا هئا تن مان نيٺ هڪ عرب يورپئن کي مخاطب ٿيڻ بدران اسان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي چيو: ”آهي ڇا جو توهان پڏڻپائي پيا ڪريو. يورپ تائين  قبضو توهان مسلمانن نه پر اسان عربن ڪيو. توهان جو ته اهو حال هو جو پنهنجي ملڪ ”هندستان“ کي به نٿي بچائي سگهيائو. بابر جهڙو ماڻهو جنهن کي پنهنجي وطن ۾ ئي موچڙا هڻي ڪڍيائون اهو به توهان جو اچي والي وارث ٿي ويهي رهيو. محمود غزنوي توهان جي ننڍي کنڊ تي سترهن دفعا حملو ڪري، ملڪ کي ٺاهڻ يا توهان مسلمانن جي مدد ڪرڻ بدران ڦرلٽ ڪري مالن سان خرجينون ڀري خراسان ۽ ڪابل هليو ويو ٿي. محمد غوريءَ ست دفعا حملو ڪيو پر توهان ۾ اها همت نه هئي جو پهرين دفعي ئي کڻي هن کي اهڙي سيڪت ڏيو ها جو وري توهان ڏي رخ نه ڪري ها. غلام گهراڻي جو قطب الدين ايبڪ نه ڏسو، خلجي ۽ تغلق نه ڏسو….. لوڌي نه ڏسو ته سوري نه ڏسو …. هر هڪ پنهنجي پيءُ جي ملڪيت سمجھي توهان تي ڪاهون ۽ حڪومتون پئي ڪيون …. توهان ننڍي کنڊ جي ماڻهن ۾ اها همت نه هئي جو کڻي پنهنجي زمين تان ڌارين کي ڀڄايو…. سو ايران، جبرالٽر، قبرص، اندلس يا مالي ۽ مورطانيا توهان ننڍي کنڊ جي مسلمانن فتح نه ڪيو پر اسان جي عربن!

 ٿڌيءَ دل سان سوچجي ته ان ۾ حقيقت به نظر ايندي ….. ۽ هي تلخ حقيقتون ان ڪري به لکي ويٺو آهيان جو اسان ماڻهن۾ ڊاڙ ڦٽاڪ هڻڻ جي عادت آهي …. جيڪا پنهنجي گهٽي، ڳوٺ يا پنهنجن ماڻهن جي وچ ۾ ويهي هڻڻ ٻي ڳالهه آهي پر ٻاهر جي دنيا وارن سان ڳالهائڻ کان اڳ تاريخ جي حقيقتن جي ڄاڻ رکڻ ضروري سمجھان ٿو.