تـاج بـلوچ سـان گـهـاريـل گـهـڙيـون! سليم چنا Aug 2020

هڪ ليکڪ جي حيثيت سان تاج بلوچ سان منهنجو اڻ ڏٺو تعارف 1960ع جي پوئين سالن ۾ اخبارن ۽ رسالن کي پڙهڻ سان ٿيو.

1980 جي ڏهاڪي ۾ تاج بلوچ حيدرآباد جي خزاني آفيس ۾ بدلي ٿي آيو ۽ اسان سان منظور چيمبرز ۾ ٿيندڙ هفتي وار ادبي گڏجاڻين ۾ هو هڪ ادبي ۽ ذاتي دوست ٿي شامل ٿيو.

سندس ذاتي نوجوان دوستن ۾ مان، روشن سندر چانڊيو، افتخار بلوچ روز جا دوست هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن غلام مصطفيٰ کهڙو ۽ اڪبر ساگر به اسان جي سٿ ۾ شامل ٿي ويندا هئا.

روشن، غلام مصطفيٰ ۽ اڪبر ساگر، منظور چيمبرز ۾ گڏجي رهندا هئا. هڪ ٻيو دوست به مستقل رهندو هو اڪبر قريشي جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ نوڪري ڪندو هو. اڪبر ساگر سيلانين وانگر اچي هفتن جا هفتا رهندو هو ۽ وري ڪنهن ٻئي هنڌ هليو ويندو هو.

تاج صاحب روزانو رات جي ماني منظور چيمبرز جي گرائونڊ فلور تي ٺهيل دڪانن مان هڪ دڪان جيڪو مسجد توڪل جي بلڪل سامهون هو تنهن ۾ هلندڙ هڪ ڪينٽين تي کائيندو هو  جنهن لاءِ هو شام جو ئي اتي پهچي ويندو هو ۽ سندس حاضري ۾ مان، روشن ۽ افتخار موجود هوندا هئاسين. چانهه جي دور تي ڪچهريءَ دوران روشن کانئس شاعري، ادب ۽ صحافت بابت سوال ڪندو هو ۽ افتخار کاٻي ڌر سان عملي طور لاڳاپيل هجڻ سبب ڪارل مارڪس، لينن، انقلاب روس، روسي ادب ۽ اديبن بابت سوال ڪندو رهندو هو. تاج بلوچ انتهائي ذهانت سان مختصر جواب ڏيئي وچ ۾ ڪو نه ڪو ٽوٽڪو يا چرچو ٻڌائي کين کلائي به وجهندو هو.

مان تاج کان ڪوبه سوال نه ڪندو هئس، پر غور سان کيس ٻڌندو هئس. ادب ۽ اديبن بابت سندس تنقيدي ۽ تعريفي رايا، پوءِ جڏهن تاج رات جي ماني کائي وٺندو هو ته چوندو هو اچو ته واڪ ڪيون. روشن چوندو هو ته مون کي ننڊ ٿي اچي، افتخار جو گهر ٽنڊو آغا واري پاسي هو، سو اهو به موڪلائڻ لڳندو هو.

پوءِ افتخار کي موڪل ڏيئي روشن کي چوندو هو تون آهين کانءُ ۽ ڦانءُ، هاڻي ڦان ٿي وڃي ڪِر-(ننڊ ڪر) اسين هلون ٿا. پوءِ مان ۽ تاج واڪ ڪندا ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ پهچي ويندا هئاسين.

ڪڏهن ڪڏهن ع. ق شيخ سان ملندا هئاسين نه ته اسان گهڻو ڪري فتاح هاليپوٽو “شرجيل” جي ڪمري تي اچي ڪچهري ڪندا هئاسين. جيڪو ڪڏهن بليڪ اينڊ وائٽ T.V تي پي ٽي وي وارن جو ڪو پروگرام پيو ڏسندو هو ته ڪڏهن برش سان ڪينواس تي تصور پيو ٺاهيندو هو ته ڪڏهن ڪا ڪهاڻي يا نثري نظم لکي رهيو هوندو هو. پوءِ سڀ ڪم ڇڏي چانهه لاءِ ڪٽلي رکي اسان سان ادب، آرٽ ۽ فنون لطيفه تي ڳالهائيندو هو.

ڳالهائيندا هو ٻئي پاڻ ۾ هئا هتي به ٻڌڻ ڏسڻ وارن ۾ مان هئس. ايئن چانهه جون چاهت ڀريون چسڪيون ڀري ڪلاڪ ڏيڍ ڪچهري ڪري اسان موٽي ايندا هئاسين. تاج پنهنجي گهر ڏانهن ته مان پنهنجي گهر موٽي ايندو هئس.

تاج وٽ رکي رکي سندس چوڻ تي آفيس به هليو ويندو هئس، منجهند جي ماني گڏ کائي آفيس مان اٿي ايس ايس پي آفيس هليا ايندا هئاسين. جتي وري هڪ آفيس  ايس. پي ٽريفڪ جي به هئي، جنهن ۾ اسان جو منتظر هوندو هو، مشهور نقاد ۽ اديب امير علي چانڊيو ان سان سندس آفيس ۾ ادبي ڪچهري ڪري چانهن پي موڪلائي هليا ايندا هئاسين. تاج واپس خزاني آفيس ۾ ۽ مان  پنهنجي گهر هليو ايندو هئس ۽ حيران پيو ٿيندو هئس ته لاڙڪاڻي جي هن ايس پي امير علي چانڊيو وٽ بين الاقوامي ادب جي ڪيڏي نه وڏي ڄاڻ جي کاڻ آهي. امير علي پنهنجي آفيس ۾ ڪڏهن ڪڏهن مون کي ۽ روشن سندر چانڊيو کي به گهرائي وٺندو هو پوءِ اتي اسين سندس شاهه جي بيتن جا انگريزي ۾ منظوم ترجما ٻڌندا هئاسين، اياز، تنوير، شمشير، امداد، استاد ۽ تاج بلوچ جي شاعري بابت هن جا رايا ٻڌي اچرج ۾ اچي ويندا هئاسين ته هي پوليس آفيسر آهي يا اديب فائنل يا اديب فاضل آهي يا سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي اٿس. دراصل امير علي کي ننڍپڻ کان ئي ڪتابن پڙهڻ جو شوق هو، هو غريب جو ٻار هو پڙهي لکي پهرين ماستر ٿيو پوءِ ڪميشن جو امتحان ڏيئي پوليس گروپ جوائن ڪيائين سندس بهترين مطالعي ۽ تنقيدي اڀياس کي شيخ اياز به ساراهيو آهي.

تاج بلوچ نه فقط هن جو ذاتي دوست هو، پر محبتي دوست به هو تنهنڪري ڪڏهن مون سان ته ڪڏهن روشن سان سندس قاسم آباد واري گهر وڃي پهچندو هو. چرچا، ڀوڳ، کل، ٽهڪ، ٺڪاءَ به هلندا هئا، پر عارضي، اصل ڳالهيون ڊگهيون ڳالهيون علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ تاريخي هونديون هيون. مان ۽ روشن جي ٻئي گڏ هوندا هئاسين يا اڪيلا ته اسان جا اهڙن ڄاڻو ماڻهن آڏو وات پٽيل ئي هوندا هئا، پر ٻنهي جا ذهن پنهنجي حافظي جي قوت جي آڌار تي پيا سندن نقطا شعور ڏانهن لاشعور منتقل ڪندا هئا ۽ هاڻ تحت الشعور ۾ ايڏي سگهه هجي جو انهن کي ٻاهر ڪڍي اهي گوهر بيان ڪري سگهون جيڪي انهن جي گفتگو جا موتي هوندا هئا.

بهرحال تاج سان ڪڏهن محمد ابراهيم جويو وٽ، ڪڏهن نياز همايوني وٽ، ڪڏهن عوامي ڪتاب گهر تي ترقي پسند ادب خريد ڪرڻ لاءِ، ڪڏهن ريڊيو پاڪستان تي ساڻس هڪ ساٿ ڏيندڙ دوست جي حيثيت ۾ سلسلو جاري هو. ڪڏهن ته چوندو هو، شام جو جاءِ تي اچ ته ڪنهن اديب دوست وٽ هلون ۽ پوءِ مان شام جو سندس سرڪاري گهر (هاڻوڪي هاءِ ڪورٽ جي ڀرسان) پهچي ويندو هئس ته گڏجي ڪنهن نه ڪنهن اديب وٽ يا ٺلهو شهر جو چڪر ڏيئي (واڪ واري خواهش پوري ڪري) منظور چيمبرز هيٺان ڪينٽين تان ماني کائي جتي ويٺل هوندا هئا روشن ۽ افتخار ته انهن سان ڪچهري ڪري موڪلائبو هو.

تاج مڌ جو متوالو هو اڪثر مون کي صلاح هڻندو هو مان انڪار ڪندو هئس. هڪ ڏينهن آفيس ۾ منجهند جي ماني کائي (جيڪا ڀرسان هوٽل تان گهرائيندو هو) مون کي چيائين ساڍا ٽي سئو رپيا اٿئي؟ مون چيو ها آهن، چيائين مون کي ڏي. ڏنامانس ته چيائين شام جو جاءِ تي ضرور اچجانءِ ضروري ڪم آهي. مان شام جو سندس سرڪاري گهر تي پهتس ته تاج صاحب ميڪدو سجايو ويٺو هو مان به ويهي رهيس. ٻه پيگ ٺاهيائين ۽ چيائين توکان پئسا هن بوتل جا ورتا هئم هاڻ توکي پيئڻو پوندو، چيم پئسن تان هٿ کنيم اهي ٻئي پيگ ۽ بوتل سڄي تون پي، تنهن تي چيائين تون ڪهڙو شاعر آهين جو جام ٿو موٽائين؟

چيومانس مان تصوراتي پياڪو آهيان عمر خيام صراحي مان جام ڀري پياريندو آهي مان تصور ۾ پيئندو آهيان ۽ شعر لکندو آهيان.

تصور ئي تصور ۾ غالب جي جام سان جام ٽڪرائيندو آهيان ۽ بقول ڪنهن شاعر جي ته:

گو هاٿون مين نهين جنبش آنکون مين دم هي،

رهني دو اي ساقي ساغر و مينا ميري آگي.

ايئن مٽ مڌ جا خيالن ئي خيالن ۾ اندر اوتجي ويندا آهن. ساقي ۽ پيمانا به حيران ٿي ويندا آهن ۽ ان وقت خيالي مدهوشي ۾ مست ٿي شاعري به اندر ۾ اچي هلچل مچائي پنن تي لکجي ويندي آهي. انهيءَ ڪري تون مزي سان پنهنجا پيمانا پُر ڪري پي مان ويٺو آهيان. تاج پيئندو به ويو ۽ پنهنجي شاعري به ٻڌائيندو مون کان داد وٺندو رهيو ۽ پوءِ بوتل ۾ جڏهن ڦڙو به نه رهيو خمار جو لطف وڌيو، حيدرآباد جي ٿڌين هوائن تاج جو آجياڻو پورو ڪيو ته تاج کان موڪلائي پنهنجي گهر هليو آيو هئس. تاج نثري نظم، نظم ۽ غزل جو تمام سٺو شاعر هو. سندس غزل ۾ بهترين تغزل موجود آهي.

سال 1986ع ۾ ساس جي گڏجاڻي ۾ مون پنهنجي ڪهاڻي “سج منهنجي هٿن ۾” پڙهي هئي، صدارتي راءِ ڏيندي مدد علي سنڌي چيو هو ته تمام پراڻو موضوع آهي. ڪارو ڪاري تي گهڻيون ڪهاڻيون لکيون ويون آهن. البته ڪهاڻي ۾ منظر ڪشي ۽ ٻولي بهترين آهي. ٻئي ڏينهن تي تاج جي گهر تي مون کيس ساڳي ڪهاڻي پڙهي ٻڌائي ته تاج کي ڪهاڻي هر لحاظ کان ڏاڍي وڻي. البته نالو مٽائي لکيائين ته ڪهاڻي جو نالو هجڻ گهرجي “ڳاڙهي شاخ سورج جي) پر ڇپرائڻ مهل مون ان کي اصل نالي “سج منهنجي هٿن ۾” سان ئي ڇپرايو. اهڙيءَ ريت تاج کي منهنجا نثري نظم به وڻندا هئا.

هڪ ڀيري شام جو مان تاج صاحب جي سرڪاري گهر تي ويس ته ٻڌايائين اڄ مون وٽ پيگ پارٽي آهي. شيخ اياز، محمد ابراهيم جويو ۽ غلام رباني آگرو ايندا تون ويهه ته انهن سان تنهنجي به ڪچهري ڪرايان. چيومانس ته جويو صاحب سان ته ادبي ميٽنگن ۽ پروگرامن ۾ ڪچهريون ٿيل آهن. شيخ اياز ۽ آگري صاحب سان به ملاقات ٿيل آهي، پر اڄ توهان جي رنگ ۾ ڀنگ وجهڻ نٿو چاهيان. توهان کُلي کائو پيو ۽ ڪچهري ڪريو مان هلان ٿو وري سڀاڻي گڏ آهيون. تاج بلوچ کي ڪهاڻي ته مون سندس گهر تي، پر شاعري (ڪجهه نثري نظم) سندس آفيس ۾ ڏيکاريا هئا، تاج کي شاعري وڻي هئي، پر منهنجن ٻن ٽن نظمن تي سائي مس واري سرڪاري پين سان ڪجهه اکر ۽ جملا ٺاهي ڏنا هئائين، جيڪو رجسٽر اڄ به مون وٽ موجود آهي، پر حسب عادت نه مون ڪهاڻي جي نالي واري تبديليءَ کي قبول ڪيو نه ئي سندس تبديل ٿيل نظم قبول ڪيا ۽ جيئن لکيا هئم ايئن ئي ڇپرائي ڇڏيم. تاج کي خبر پئي، پر مون کي ڪجهه نه چيائين جڏهن ته تاج منهن تي توڙي پر پُٺ وڏو گاريال هو.

1987-08-22 تي روشن سندر چانڊيو مون کي ۽ منصور ٻرڙو، جوت ساهت سنگت حيدرآباد سنڌ پاران سنڌي شاعرن جو ميڙ (مشاعرو) منظور چيمبرز ۾ ڪرايو هو. جنهن ۾ تاج بلوچ کي به گهرايو هيوسين. مون ان مشاعري ۾ پنهنجو نثري نظم “قومي ورثو” پڙهيو هو جيڪو منهنجي نثري نظمن جي ڪتاب “قيدي پکي” جي صفحي نمبر 99-98 تي ڇپيل آهي. تاج صاحب پنهنجي تقرير ۾ ان نثري نظم “قومي ورثو” جي ڏاڍي تعريف ڪئي هئي. ايئن سندس حيدرآباد واري نوڪري جي عرصي ۾ ساڻس ڪيتريون اڻ ڳڻيون ملاقاتون ذهن جي ڪينواس تي ٽڙيل پکڙيل آهن، پر جڏهن پاڻ ڪراچي ويو هليو ته رابطو دير دير سان ٿيندو هو. جڏهن PTCL تان روشن کيس فون ڪندو هو ته مان به گڏ هوندو هئس يا پاڻ قسمتي حيدرآباد ڪنهن ادبي پروگرام ۾ ايندو هو ته ملاقات ۽ ڪچهري ٿي ويندي هئي. آخر ۾ سوجهري رسالي واري دور ۾ ساڻس رابطو رهيو، پر فون تي ڪهاڻين جي ڇپرائڻ مهل يا جڏهن پاڻ حيدرآباد ايندا هئا تڏهن اهو ساڻس منهنجو هڪڙو ذاتي ۽ ادبي تعلق هو.

حيدرآباد ۾ نوڪري دوران تاج بلوچ ادبي شخصيتن سان نجي توڙي ادبي پروگرامن جيڪي اڪثر پاڪستان نيشنل سينٽر-ايني بسنت هال، ماهتاب محبوب، حميد سنڌي، ولي رام ولڀ، مدد علي سنڌي وٽ يا مرڪزي اردو بورڊ، مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي جڳهين تي ٿيندا هئا ۾ ملندو هو. رسول بخش پليجي، نياز همايوني، پرواني ڀٽي، امداد حسيني، طارق اشرف، غلام نبي مغل، عبدالقادر جوڻيجو، علي بابا، شوڪت حسين شورو، مشتاق احمد شورو، نثار حسيني، قاضي خادم، ظفر حسن سان به تاج بلوچ جون ادبي رس رهاڻيون ٿينديون رهنديون هيون.

نصير مرزا، طارق عالم ابڙو، زوار نقوي، غلام مصطفيٰ کهڙو، سارنگ شاهه، اڪبر ساگر، لياقت رضوي، اسرار بشام، آسي زميني، روشن سندر چانڊيو، افتخار بلوچ، منصور ٻرڙو ۽ مان سنڌي ادبي سنگت جي هفتيوار گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئاسين جتي تاج بلوچ به اڪثر ايندو هو. گڏجاڻين ۾ سندس تنقيدي يا تعريفي رايو انتهائي اهميت جوڳو هوندو هو. جنهن سان سندس وسيع مطالعي جي خبر پوندي هئي. اهڙيءَ ريت سندس حيدرآباد ۾ موجودگي ادبي مورچي سان متحرڪ رهي. هو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي باقائده پروگرام ڪرڻ به ويندو هو ۽ ريڊيو جا علمي ادبي اڪابر به سندس ادبي حلقي ۾ شامل هئا.

هڪ ڀيرو مان سندس  آفيس ۾ ويٺو هئس ته ناميارو ڊپٽي ڪمشنر محمد هاشم ميمڻ (جيڪو ان وقت نوڪري تان لٿل هو يا سندس پوسٽنگ رڪيل هئي) سفيد شلوار قميص ۾ هڪ عام ماڻهو جيان تاج صاحب جي آفيس ۾ داخل ٿيو. تاج ۽ مون کيس يڪدم سڃاتو ۽ اٿي بيهي ڀليڪار ڪري ساڻس احترام سان ملياسين. هاشم صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ خوش خير عافيت کانپوءِ ٽريزري ۾ ڦاٿل ڪنهن ڪم جو تاج صاحب سان ذڪر ڪيائين. تاج صاحب ان وقت ئي فائل گهرائي ان تي نوٽ هڻي فائل کي اڳتي اماڻي هاشم صاحب کي چيو ته سر توهان بي فڪر ٿيو، مون ڪم کي اڪلائي ڇڏيو آهي سمجهو ڪم ٿي ويو. هاشم صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ موڪلائي اٿڻ لڳو ته تاج کيس چانهه پاڻي جي صلاح ڪئي، پر پاڻ چيائين کيس شهر ۾ ٻيا به ڪم آهن، توهان جي وڏي مهرباني.

هاشم صاحب جي وڃڻ کانپوءِ تاج مون کي چيو سليم! سنڌ کي اهڙا سچا ۽ مخلص آفيسر گهرجن، مون به چيو ها سائين بلڪل صحيح ٿا چئو. هاشم صاحب کي مان اڪثر سندس مسلم سوسائٽي واري بنگلي ۾ ايندي ويندي ڏسندو آهيان. ڇو ته سندس بنگلي جي بلڪل سامهون مقبول احمد ميمڻ ولد محمد صادق ميمڻ “تان ڪي ڏونگر ڏوريان” آتم ڪٿا واري ليکڪ جو گهر آهي ۽ مان اتي پنهنجي پياري اسڪولي دوست ڊاڪٽر عرفان احمد ميمڻ وٽ ويندو رهندو آهيان.

هڪ ڀيرو مان تاج وٽ آفيس پهتس ته پاڻ هڪ فائل کولي منهنجي سامهون رکيائين جيڪو منهنجي والده جي رٽائرمينٽ کانپوءِ واري پينشن، جي پي فنڊ، گريجوئيٽي وغيره تي هو. سڀ خبر هئم، پر اڻڄاڻ ٿي ويس. ميار ڏيندي چيائين ته منهنجي هتي هوندي، تو هي فائل اسان جي پٽيوالي کي ڏنو آهي جيڪو ويچارو مختلف هنڌان صحيحون ڪرائيندو مون وٽ پهتو آهي. شرمسار ٿي چيم پٽيوالي درمحمد جي ماءُ ۽ منهنجي ماءُ ساهيڙيون ۽ پاڙيسري آهن. درمحمد منهنجن ننڍن ڀائرن جو دوست آهي. ممڪن آهي اهو ڪم انهن درمحمد کي ڏنو هجي، مون کي ته ڪا خبر ڪونهي. امان تازو پرائمري اسڪول ٽيچري مان رٽائرڊ ٿي آهي.

بهرحال تاج مون کي پنهنجائپ مان چيو ته سڀاڻي امان کي آفيس وٺي اچ ته هي سڄو ڪم مان پاڻ ڪرائي ٿو ڏيان. ٻئي ڏينهن تي مان امان کي وٺي آفيس آيس. تاج امان کان ڪاغذن تي ڪجهه صحيحون ورتيون، اسان کي چانهه پياري ۽ امان کي چيو ته توهان وڃي گهر ويهو، آفيس جا سڀ ڪم مان پاڻ ڪرائي وٺندس. امان کيس دعائون ڏيئي ٿورا مڃيا پوءِ مان امان کي وٺي گهر هليو آيو هئس.  هي عملي ڪردار هو ان شخص جو، وٽس اڪثر آفيس ۾ وڃڻ جي ڪري مون کي اهو به معلوم ٿيندو رهيو ته تاج پنهنجي آفيس جي ڪم ۾ ماڻهن جي ڪم اچڻ ۾  اڳڀرو هو. هو فائل روڪي تنگ ڪرڻ وارن مان نه هو.

بظاهر منهن تي يا پر پُٺ چڱن ڀلن ماڻهن کي گاريون ڏيئي دل جو بار هلڪو ڪري، شاعريءَ جي ڳوڙهن سان وضو ڪري  ادب، آرٽ، امن، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي تڏي تي ويهي، وطن، ويڙهيچن، جي دردن ۽ پنهنجي اندر جي اڌمن کي هڪ ڪلاڪار ٿي لکندو هو. اهائي سندس عادت، رياضت ۽ عبادت هئي. اهو ئي  سنڌ جو صدا ملوڪ شاعر، ايڊيٽر، اديب ۽ نقاد تاج بلوچ هو. 

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
2 Comments
Oldest
Newest Most Voted
Inline Feedbacks
View all comments
trackback

… [Trackback]

[…] There you can find 64413 additional Information to that Topic: humsari.com/تـاج-بـلوچ-سـان-گـهـاريـل-گـهـڙيـون/ […]

trackback

… [Trackback]

[…] Info on that Topic: humsari.com/تـاج-بـلوچ-سـان-گـهـاريـل-گـهـڙيـون/ […]