توشا خانا ريفرنس: نواز شريف جي طلبي جو اشتهار جاري، عوامي هنڌن تي لڳايو ويو.
توشا خانا ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي طلبي جو اشتهار جاري ڪيو ويو آهي جنهن کي عوامي هنڌن تي لڳايو ويو آهي. احتساب عدالت طرفان جاري ڪيل اشتهار ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف ڄاڻي واڻي عدالتي ڪارروائي کان مفرور آهي. اڳوڻي وزيراعظم کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. نواز شريف کي پيش ٿي توشا خانا ريفرنس جو جواب ڏيڻ جي لاءِ 17 آگسٽ تائين آخري موقعو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا 50 هزار جي مچلڪن سان ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارا وارنٽ نيب ڏانهن موڪليا ويا آهن جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن آصف زرداري ضامن سان گڏ پيش نه ٿئي ته کيس گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي.