توهان سڀ بلاول سان سَڙو ٿا، پر آئون بلاول مان خوش آهيان: گهرو وزير شيخ رشيد

هڪ پاسي اليڪشن ڪميشن آڏو شامِ غريبان هئي ته ٻئي پاسي پيپلز پارٽي عمرڪوٽ ۾ جشن ملهائي رهي هئي، توهان سڀ بلاول سان سَڙو ٿا، پر آئون بلاول مان خوش آهيان، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جلد پاناما ٽو بڻجي ويندو، پي ڊي ايم جا سمورا مامرا مولانا فضل الرحمان جَي کاتي ۾ ايندا ۽ کيس نقصان ٿيندو، هي سياڻا ماڻهو آهن، مولانا سان پهرين به دوکو ٿيو، هاڻي به دوکو ٿيندو، مولانا فضل الرحمان مڙئي اشتعال ۾ آهي ۽ هو سڀ کان وڌيڪ خساري وارِي شخصيت هوندو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد چيو ته نيب گهرو وزات جي ماتحت نه آهي. نيب ۽ مراد علي شاهه پاڻ ۾ ڄاڻن، ايم ڪيو ايم سان سڄي زندگي سٺو واسطو رهيو آهي، وقت نه هجڻ سبب هن ڀيري متحده وارن ڏانهن نه ويندس.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments