جمن احمداڻي جو ڪهاڻي ڪتاب ”ڦاهي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالهه! “ غلام نبي سومرو
معروف معروف ڪهاڻيڪار جمن احمداڻي جي ڪهاڻين جي هيءَ ٽين سهيڙ آهي جا مطالعي هيٺ آهي: ”ڦاهي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالهه“ سندس هن ڪتاب جي ڳالهه ڪجي، انهيءَ کان اڳ ساڻس هڪ ملاقات جو مذڪور ڪجي.
04 جون 2022ع جي انهيءَ شام جو جڏهن پاڪستان آرٽس ڪائونسل جي حسينه معين هال ۾ ڪهاڻيڪار عبيد راشديءَ جي ڪهاڻين جي نئين مجموعي ”27 ڊسمبر“ جو مهورت ٿي رهيو هو ته اسين انهيءَ سلسلي ۾ ڪراچي آيل هئاسين، اهو حُسن اتفاق هو جو تقريب کانپوءِ آرٽس ڪائونسل جي ڪينٽين تي جمن احمداڻيءَ سان ملاقات ٿي. ساڻس محترم بخشڻ مهراڻوي به گڏ هو ۽ اسين حيدرآباد کان آيل دوست وزير حسين ميمڻ، ليکڪ خواجه غلام علي کوساڻي ۽ محترم راشد لکمير جو ڪراچيءَ کان ئي آيو هو. اسين سڀ ڪينٽين تي ڪچهري ڪري رهيا هئاسين. پاسي کان هڪ ٻي ميز تي پروفيسر عاليه امام ٻين شاعرن اديبن سان ويٺل هئي. نما شام جي مهل هئي ۽ ڪراچيءَ جي سامونڊي هوا جا جهوٽا اسان کي ڇهي رهيا هئا. اهو مهربان وقت هو ۽ تڏهن اسين مٿي ذڪر ڪيل سڀئي دوست ڪينٽين تي ڪچهري ڪري رهيا هئاسين، چانهن جو دور پئي هليو. اديبن ۽ ادب دوستن جي ڪچهري جو رنگ الڳ هجي ٿو. جو اهي سڀئي ڳالهيون دل سان ڪندا آهن. ادب ۽ فن تي ڳالهه ٻولهه ۽ ڪچهريءَ کان وڌيڪ دل جي ڳالهه ڪرڻ جو رستو ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. جيڪو زندگيءَ جي ڳجهارت جي کول ڪري ۽ زندگيءَ جي اسرار تي روشني وجهي. وري فن جي تخليق ۽ تحرير انهيءَ کي پڙهڻ ۽ پرکڻ تائين جو عمل اڃان به هڪ اڳتي قدم آهي. انهيءَ رهاڻ جي خاص ڳالهه محترم جمن احمداڻي ۽ محترم بخشڻ مهراڻوي سان ادب ۽ شاعريءَ تي ڳالهه ٻولهه هئي. ادب، تخليق ۽ فن تي انهيءَ گفتگو کي ياد رکي، حيدرآباد موٽي مون سندس ڪهاڻين جي سهيڙ ”ڦاهي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالهه“ جو مطالعو ڪيو. جڏهن آئون سندس ڪهاڻين جي هيءَ سهيڙ پڙهي رهيو هئس ته ڪهاڻين ۾ اڻ ڇهيل موضوعن کي نئين تخليقي جوهر ۾ ڏسي حيران ٿيس ته مون محترم جمن احمداڻي کي زندگيءَ جي پهرين فون ڪال ڪئي، اسان تادير سندس ڪهاڻين جي ڪتاب ”ڦاهي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالهه“ تي ڳالهايو، نه صرف ڪتاب تي پر اصل ۾ ماڻهو جي درد تي ۽ انهيءَ درد جو تسلسل تي. جنهن جون ڪجهه تصويرون هن ڪتاب جون ڪهاڻيون آهن.
جمن احمداڻيءَ جي ڪهاڻين جي هيءَ سهيڙ ”ڦاهي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالهه“ پاڻ سان ڪهاڻيءَ جي بيان جو هڪ نئون انداز کڻي آئي آهي. انداز جو نئون آهي ته حيران ڪندڙ پڻ آهي. انساني ارتقا جي هزارين سالن جي سامهون هاڻ ڪجهه ڏهائين جي اندر ماڻهو ۽ سماج ۾ هي جيڪو بدلاءُ آيو آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ بايو ٽيڪنالاجي جو، ماڻهوءَ ۽ مشين جو. انهيءَ تبديليءَ سان ماڻهو نيٺ هم آهنگ ٿي ويندو، پر هي جو پوين ڪجهه سالن کان هلندڙ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جو عمل آهي. انهيءَ هڪ طرح سان ماڻهو ۽ ماحول کي چئلينج ڪري وڌو آهي. انهيءَ ماحول ۾ حياتي گذاريندڙ ماڻهو جي وارتا ئي آهي جا جمن احمداڻي پنهنجي ڪهاڻين ۾ بيان ڪئي آهي. ڪتاب جو پيش لفظ پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب لکيو آهي. هي ڊجيٽل عهد جنهن کي ڊاڪٽر صاحب ڄڻ دوکي جو دور چئي ٿو. انهيءَ ۾ سندس Narrative چٽو آهي. جيئن ته سندس مطالعو وسيع آهي، هو انٽرنيٽ ۽ سائيبر اسپيس جي پيدا ڪيل انقلاب کي سمجهي ٿو- ته ادب ۽ فن کي به. پاڻ هن ڪتاب جي تناظر ۾ جديد ڪهاڻي کي ادب جي ترقي پسند دور سان لاڳاپيل سمجهي ٿو. سائين بهتر ڪيو آهي ته هن جمن احمداڻي جي ڪهاڻين جو هڪ ماڻ مقرر ڪيو آهي: ”هن وقت ڪهاڻيءَ جو اسلوب نئون ناهي، پر ڪهاڻيءَ جا موضوع نوان اچي چڪا آهن.“
مٿئين ڳالهه جي تسليميءَ کانپوءِ مون کي جمن احمداڻي جي هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ آيل ڪهاڻين کي غور سان پڙهڻو پيو. اچو ته ڏسون ”ڦاهي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالهه“ جون ڪهاڻيون ڪهڙي ڪٿا بيان ڪن ٿيون.
ڪتاب ۾ ڪل 41 ڪهاڻيون آهن ۽ اهي سڀ ڪهاڻيون سنڌي ڪهاڻيءَ جو نئون روپ کڻي آيون آهن. ”ڦاهي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالهه“ ڪتاب جي ڪهاڻي ڪلا، سنڌي ڪهاڻي جي نئين منزل ڏانهن سفر جي ڪهاڻي آهي. مشهور ليکڪ خواجه غلام علي کوساڻيءَ سان جڏهن مون ليکڪ جي ڪهاڻي ”موبائل فون جي ور چڙهي ويل رشتا“ تي ڳالهايو پئي ته مون هن کان پڇيو ته ڳالهه اتي پهچي چڪي آهي ڇا؟ سائيبر اسپيس سڀ ڪجهه ڳهي رهيو آهي. رشتا، ناتا سڀ ڪجهه.
جواب ۾ چيائين: ها- سڀ ڪجهه، نه صرف انساني رشتا، گهر، شهر پر سڄو انساني سماج تبديل ٿي رهيو آهي، هن انساني ارتقا جي ڳالهه ڪئي ته انساني ترقيءَ جو سفر لازم آهي ته ترقيءَ جي طرف ويندو، اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو. جڏهن اسين محنت ڪريون ٿا، سائنس ۽ ادب پڙهون ٿا، لکون ٿا، تخليق ڪريون ٿا. ۽ فن ۽ نئين ٽيڪنالاجي سان پنهنجي وابستگي قائم رکون ٿا ته پوءِ اسان کي مايوس ٿيڻ جي ضرورت ڪونهي.
سائيبر اسپيس جو هي جيڪو نئون لقاءُ آهي، اهو تيزيءَ سان اسان جي وچ ۾ اچي موجود ٿيو آهي. جنهن جي ڪري سماج ۽ انساني رشتن ۾ ٽوڙ ڦوڙ ٿي رهي آهي، جمن احمداڻي اسان جي ٻوليءَ جو انهيءَ سلسلي ۾ نمائنده ڪهاڻيڪار آهي جنهن انهيءَ سموري بدلاءُ تي قلم کنيو آهي.
هو انساني ڪيفيت جو به ليکڪ آهي. خوف جي ڪيفيت تي هن جي ڪهاڻي ”امان ڇا گولي ڀتين مان ٽپي ايندي آهي“؟ هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي.
جمن احمداڻي جي ڪتاب جي پنهنجي پاران واري حصي ۾ جو ”اڪيلائپ وحشت جي ماءُ“ جي عنوان هيٺ آهي. هڪ جاءِ تي ڄڻ هو پنهنجي ڪهاڻين متعلق لکي ٿو ته: ”اها وحشت جڏهن ڪنهن اوچتي ڌماڪي ۾ تبديل ٿيندي ته هن ڪائنات جو حشر ڇا ٿيندو!! اهو به سوچڻ جي ضرورت آهي.“ جڏهن جمن احمداڻي ”ٻاويهين صديءَ جو سج اولهه کان اڀرڻ گهرجي!“ جهڙي ڪهاڻي لکي ٿو ته پوءِ اميد جاڳي ٿي ته انسان جو مجموعي عمل ئي نتيجا ڏيندڙ آهي. جمن احمداڻي پنهنجي ڪهاڻين ۾ ورجاءُ نٿو ڪري. ڪتاب ۾ ڇپيل هر ڪهاڻي جي پنهنجي الڳ ڪهاڻي آهي. ”ڦاهي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالهه“ جون ڪهاڻيون پڙهندي آئون خود حيرت جو شڪار ٿيو آهيان. جتي جتي هن جي ڪهاڻي توهان کي حيرت ۾ وجهي ته پوءِ سمجهو ته ليکڪ جي تحرير جو جادو قائم آهي، ڪهاڻي ادب جي اهم صنف آهي ۽ ڪهاڻي جي عاشقن لاءِ جمن احمداڻي جو ڪتاب ”ڦاهي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالهه“ ڪهاڻي جو هڪ نئون جهان پاڻ سان کڻي آيو آهي. هي ڪتاب مرڪ پبليڪيشن ڪراچي 2021 ۾ ڇپي پڌرو ڪيو آهي. 128 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 250 رپيا آهي.
***