خاص

جنهن کي عاصم باجوه جي مني ٽريل تي اعتراض آهي اهو جي آءِ ٽي لاءِ درخواست ڏئي: شهزاد اڪبر

وزيراعظم جي مشير براءِ احتساب شهزاد اڪبر جو چوڻ آهي ته جنهن کي اطلاعات واري خصوصي معاون عاصم باجوه جي مني ٽريل تي اعتراض آهي ته اهو جي آءِ ٽي جوڙڻ لاءِ درخواست ڏئي. وزيراعظم جي مشير شهزاد اڪبر داتا درٻار تي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي ميڊيا سان گفتگو ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته لاهور ۾ عورت سان ڏاڍائي وارو معاملو حڪومت لاءِ ٽيسٽ ڪيس آهي. هن جو چوڻ هو ته عورت سان ڏاڍائي ڪيس ۾ لاهور پوليس صحيح طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي، پنجاب جون شاهراهون سڀني لاءِ محفوظ هونديون. اپوزيشن جي حوالي سان مشير براءِ احتساب جو چوڻ هو ته اپوزيشن وٽ الزامن کانسواءِ ڪجهه به ناهي، الشريف ڪوڙ ڳالهائي فرار ٿيو، رانا ثناءُ الله نيب جي سوالن جا جواب ڏي. اپوزيشن جي، اي پي سي جي حوالي سان ڳالهائيندي شهزاد اڪبر چيو ته مولانا فضل الرحمان اي پي سي لاءِ رينٽ اي ڪراوڊ وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. خصوصي معاون براءِ احتساب، جنرل رٽائرڊ عاصم باوجوه جي حوالي سان ڳالهائيندي شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته جنهن کي عاصم باوجوه جي مني ٽريل تي اعتراض آهي اهو جي آءِ ٽي ٺاهڻ لاءِ درخواست ڏئي. سي سي پي او لاهور متعلق پڇيل سوالن تي احتساب واري مشير چيو ته ن ليگ جي هڪ اڳوڻي وزير عمر شيخ جي تعريف ڪندي کيس سي سي پي او لڳائڻ جو مطالبو ڪيو هو. ان موقعي تي سي سي پي او لاهور عمر شيخ جو چوڻ هو ته عورت سان ڏاڍائي ڪيس ۾ هن وقت چار ٽيمون هڪ کوجين جي، ڊي اين اي، جيو فينسنگ ۽ سي سي ٽي وي ڪئمرائن کان مدد ورتي پئي وڃي.