جهانگير جي حرم ۾ هڪ هزار عورتون هيون امام راشدي
مغل بادشاهن کي ٽي شيون تمام گهڻيون پياريون هونديون هيون، فوج، خزانو ۽ عورتون. حرم جون ڪيتريون ئي عورتون مغل فوج سان گڏ هلنديون هيون. بادشاهه جي عزت ۽ عورتن جي عزت هڪٻئي سان جـُڙيل هوندي هئي. حرم جي عورتن کي چوديواري ۽ پردي ۾ رهڻو پوندو هو. وڏو حرم يعني گهڻيون زالون رکڻ مغل بادشاهن جي وقار جي علامت سمجهيو ويندو هو. محلن ۾ رهندڙ عورتون ڏاڍيون سمجهدار ۽ خوش مزاج هونديون هيون. اڪبر جي بنگال محل ۾ ڪيترن ئي نسلن جون عورتون رهنديون هيون. چوديواري جي اندر رهندي انهن جي دلين تي ڪڏهن به ڪو اثر نه پوندو هو. ڇو ته محلن ۾ انهن عورتن کي سڀ سـُک حاصل هئا. وڏين وڏين ٽولين ۾ رهڻ ڪري انهن جو وقت به سٺو گذري ويندو هو. انهن ۾ خودداري ۽ خود اعتمادي به هوندي هئي. محلن ۾ اندر خوبصورت تلاءُ، ڦوهارا، باغيچا ۽ ڪـُشادا اڱڻ هوندا هئا، ڪمرن کي وهندڙ پاڻيءَ سان ٿڌو ڪيو ويندو هو ۽ عورتن جي وهنجڻ لاءِ حوضن جي پاڻيءَ کي عطر سان خوشبودار بڻايو ويندو هو. ڪمرن ۾ قيمتي غاليچا، وهاڻا هوندا هئا، جهانگير جي محل ۾ هڪ هزار ۽ اڪبر جي حرم ۾ پنج هزار عورتون هيون. گـُجرات جي حاڪم نصير الدين جي حرم ۾ پندرهن هزار عورتون هونديون هيون. زناني محل جي سارسنڀال جي لاءِ عورتون ۽ کدڙا پهريدار مقرر ٿيل هئا.
حرمَ واريون عورتون شادي ڪري آندل، تحفي ۾ آندل، پڪڙي آندل يا خريد ڪري آنديون وينديون هيون. محلن ۾ انهن کي ڪيترا ڀيرا شاهي نالا به ڏنا ويندا هئا. جيئن مهرالنساءِ کي اڳ ۾ نور محل ۽ بعد ۾ نورجهان جو لقب ڏنو ويو. اهڙيءَ ريت اڪبر جي ماءُ کي مريم مڪاني يعني ٻنهي جهانن جي ديوي ۽ جهانگير پنهنجي ماءُ کي مريم مزماني يعني دنيا جي ديوي جو خطاب ڏنو هو. شاهجهان وري پنهنجي ماءُ کي بلقيس مڪاني يعني پاڪيزگيءَ جي ديوي جو خطاب ڏنو. شاهجهان پنهنجي زال ارجمند بيگم کي ممتاز محل جو خطاب ڏنو. محلن ۾ کدڙن کان علاوه عورتون به خنجرن ۽ تير ڪمانن سان پهرو ڏينديون هيون. انهن جي ڊيوٽي چوويهه ڪلاڪ هلندي هئي. رات جو جڏهن دروازا بند ڪيا ويندا هئا ته اونداهيءَ کي دُور ڪرڻ لاءِ مشعلون ٻاريون وينديون هيون. محل جي انچارج عورتن جي پگهار تمام گهڻي هوندي هئي. نورجهان پنهنجي جائيداد جي سنڀال لاءِ پنهنجا وڪيل مقرر ڪيا هئا. محل جي جاچ جـُوچ ڪرڻ وارين عورتن جي ماتحت ٻه يا ٽي کدڙا رکيل هوندا هئا، جيڪي محلن ۾ بنا روڪ ٽوڪ جي ايندا ويندا هئا. انهن کي هر ڳالهه جي خبر هوندي هئي. اهي گهڻو ڪري بنگال جا هوندا هئا. انهن ڏينهن ۾ کدڙن جي وڌيڪ ضرورت تحت ڪيترن مردن کي زبردستي کدڙو بڻايو ويندو هو. کدڙا محل جي عورتن سان گڏ به ايندا ويندا هئا. اهي سٺو کائيندا پيئندا هئا ۽ شاهي عورتن تي نظر پڻ رکندا هئا. ڪيترا ڀيرا اهي کدڙا شاهي عورتن جي جنسي حوس پوري ڪرڻ لاءِ ٻاهران مردن کي اندر آڻڻ ۾ مدد پڻ ڪندا هئا. هڪ دفعي اورنگزيب جي ڀيڻ روشن آرا پنهنجي محبوب کي ويهه ڏينهن پنهنجي ڪمري ۾ رهائي موج مستي ڪئي. جڏهن روشن آرا کي خبر پئي ته اها ڳالهه شهنشاهه تائين پهتي آهي ته هن پاڻ ئي ان جي شڪايت ڪئي ته ڪو مرد کيس لـُٽڻ ڦـُرڻ لاءِ اندر آيو آهي. شهنشاهه کي جڏهن اها شڪايت پهتي ته ان جي محبوب دريءَ مان جمنا نديءَ ۾ ٽپو ڏئي جان بچائي.
شاهجهان جو عشق ظفر شاهه جي زال سان مشهور آهي. بابر ۽ جهانگير ته هم جنس پرست هئا. هڪ ڀيري جهانگير جي درٻار ۾ ڏاڍو خوبصورت ساڌُو ڇوڪرو آيو ته ان کي ڏسي جهانگير مست ٿي پيو. شاهجهان بابت ماڻهو چوندا هئا ته جڏهن ممتاز محل فوت ٿي وئي ته اورنگزيب، شاهجهان ۽ جهان آرا کي آگري واري قلعي ۾ قيد ڪري رکيو ته ٻنهي ۾ ڪجهه اهڙا تعلقات پيدا ٿي پيا هئا. محلن ۾ رهندڙ عورتون پنهنجي جنسي آسودگيءَ جي لاءِ هڪ طريقو اهو به ايجاد ڪيو هو ته اهي بيماريءَ جي بهاني سان غير ملڪي ڊاڪٽر کي محل ۾ گهرائينديون هيون. ان ڊاڪٽر کي محلن ۾ مان ايترا ته نياپا اچڻ لڳا جو هـُو اچڻ کان نٽائڻ لڳو. عام عورتون پنڌ سفر ڪنديون هيون، جڏهن ته شاهي عورتون پالڪيءَ ۾ اينديون وينديون هيون. پالڪيءَ جي پردن تي زريءَ جو ڪم ٿيل هوندو هو ۽ منهن ڏسڻ لاءِ شيشو به لڳل هوندو هو. شاهجهان جي ڌيءَ جهان آرا جڏهن به پالڪيءَ مان پير ٻاهر ڪڍندي هئي ته کدڙا مور ڇـَل هلائيندا هئا ۽ اڳيان وري پاڻيءَ سان ڇڻڪار ڪندا هلندا هئا ته جيئن ان کي گرمي نه لڳي. نوڪر پويان ڇٽيون کڻي هلندا هئا. عطردان عطر هاريندا هلندا هئا. پان کارائڻ واريون عورتون پان دان ۽ ٿـُڪ دان کڻيو هلنديون ۽ ڪي عورتون هاٿيءَ تي به سفر ڪنديون هيون ۽ ڪي ڏاند گاڏيءَ تي به هلنديون هيون. جهانگير کي انگريزن هڪ بگي ڏني هئي جيڪا هـُن نورجهان جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ جهانگير پنهنجي لاءِ اهڙي بگي ٺهرائي هئي. ان وقت هندستان تي چئن گهوڙن واري بگيءَ جو راڄ هو. جهانگير، نورجهان، مرزا غياث بيگ، اعتماد دوله ۽ آصف خان جو انهيءَ چئن گهوڙن واري بگيءَ تان پاڻ ۾ جهڳڙو تڏهن شروع ٿيو جڏهن جڳت گو سائين يعني بلقيس مڪاني مري وئي. جيڪا شاهجهان جي ماءُ ۽ اودپور جي مها راجا اود سنگهه جي ڌيءَ هئي. ان کانپوءِ جهانگير جي طبيعت خراب ٿي پئي. آفيم، شراب ۽ شباب جي گهڻائي سبب کيس بيماري وڪوڙي وئي، ايتري تائين جو شاهي حڪيم روح الله ۽ رڪنا جيڪي جهانگير جو علاج ڪري رهيا هئا انهن جواب ڏئي ڇڏيو. جڏهن دوائن اثر ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو ته هـُن ٻيهر شراب ۽ آفيم جو سهارو ورتو، پر نورجهان ڏسي رهي هئي ته جهانگير ڪمزور ٿي رهيو آهي، جيڪو خود نورجهان لاءِ به خطرو هو. ڇو جو ان جا مخالف طاقتور ٿيندا پئي ويا.
***