خاص

حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اي سي سي اجلاس ۾ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جي منظوري ڏني ويندي

ناڻي واري وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ اقتصادي رابطه ڪميٽي (اي سي سي) اڄ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جي منظوري ڏيندي. اي سي سي اجلاس ۾ مهمند ۽ ديامر ڀاشا ڊيم جي لاءِ 50 ڪروڙ ڊالرن جي يورو بانڊ جي اجرا جي منظوري ڏيڻ جو به امڪان آهي. ذريعن موجب اقتصادي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ 6 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اڄ ٿيندڙ اجلاس ۾ وزارت هائوسنگ جي لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽ جي منظوري ڏيڻ جو به امڪان آهي. اجلاس ۾ نون ٽرمينلز ٺاهڻ جو معاملو ڪميٽي ۾ پيش ڪيو ويندو جي آءِ ڊي سي گورنمينٽ هولڊنگ پرائيويت لميٽيڊ جي لون جي معاملي تي به غور ڪيو ويندو. گذريل هفتي اي سي جي اجلاس ۾ قومي اليڪٽريڪل وهيڪل پاليسي جي منظوري به ڏني وئي هئي. جاري ڪيل بيان موجب اي سي سي مقامي تيار ڪيل موبائل فونز تي لاڳو 4 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو. بيان موجب اسلام آباد ۾ نئين تعمير ٿيل آئسوليشن اسپتال ۽ انفيڪشنز ٽرينمنٽ سينٽر لاءِ 21 ڪروڙ 93 لک گرانٽ جي منظوري ڏني وئي.