حياتيون خطري ۾ آهن، بااثر جوابدار قتل يا اغوا ڪرائي سگهن ٿا: امِ رباب

ميهڙ جي رهواسڻ قانون جي شاگردياڻي ۽ پنهنجي پيءُ، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيس جي پيروي ڪندڙ بهادر نياڻي ام رباب سکر ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي خدشو ڏيکاريو آهي ته حياتيون خطري ۾ آهن، بااثر جوابدار قتل يا اغوا ڪرائي سگهن ٿا، هن چيو ته اسان جي اسڪول ويل ٻارڙن تي بااثر جوابدارن جي چوڻ تي فائرنگ ڪئي وئي آهي، حراسان ڪيو پيو وڃي، پوليس ڪرائي جا قاتل گرفتار نه ڪري سگهي آهي، فائرنگ ڪندڙن جا نالا ڏنا پر ايف آءِ آر داخل نه ٿي، هن الزام هنيو ته ايم پي اي کي قاتل ايس ايم ايس ڪري پوليس چڙهائي کان روڪڻ جو چيو، سنڌ حڪومت پوليس کي جوابدارن جي گرفتاري کان روڪي ٿي، هن چيو ته جڏهن اسڪول مٿان فائرنگ ٿي آهي ته منهنجي گهر تي حملو ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته ڀاتين جي قتل ۾ ملوث ٻنهي ايم پي ايز کي پ پ حڪومت مدد ڏئي رهي  آهي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود اهي گرفتار ناهن ٿيا. هن چيو ته منهنجي گهر ۾ 3 قتل ٿيا آهن، انصاف ڏيارڻ بدران تنگ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ٽن سالن کان لاڳيتو عدالتن ۽ آفيسن جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان، امِ رباب گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments