حڪومت جون ڇڏيل ملڪيتون وڪرو ڪيئن ٿيون ڪري سگهجن: سپريم ڪورٽ
سپريم ڪورٽ چيو آھي ته حڪومت جون متروڪه ملڪيتون وڪرو ڪيئن ٿيون ڪري سگهجن، سپريم ڪورٽ متروڪه ملڪيتن جو وڪرو قانون جي ڀڇڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو آھي. اقليتن جي حقن بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته لکن جي حساب سان اهي ملڪيتون وڪرو ڪري کائي ويا، ايئن ته متروڪه ملڪيتون بورڊ ٺاهڻ جو مقصد ئي ختم ٿي ويو. بورڊ پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي. سپريم ڪورٽ متروڪه ملڪيتن جي وڪري خلاف نوٽيس وٺي ڇڏيو. ڊي جي ايف آءِ اي کي طلب ڪيو ويو.

