حڪومت سرٽيفائيڊ چور آهي: مريم نواز

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته عمران خان جڏهن ڪنٽينر تي هو ته چوندو هو ته ان وقت مهانگائي وڌندي آهي جڏهن ملڪ جا حڪمران چور هوندا آهن ۽ اهڙي ريت حڪومت سرٽيفائيڊ چور آهي. ٻئي پاسي مريم نواز پنهنجي والد نواز شريف جي سڃاڻپ ڪارڊ تي جعلي ويڪسين واري خبر کي ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏنو ۽ چيو ته حڪومت جي هر شيءِ وانگر ان جو ويڪسينيشن ڪارڊ به جعلي آهي. واضح رهي ته نواز شريف جي نالي تي جعلي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي رپورٽ سامهون آئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نواز شريف کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي ڊيٽا انٽري ڪئي وئي. 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments