حڪومت پاران سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول پاڪستان قائم ڪرڻ جو فيصلو

حڪومت ائٽلانٽا جي طرز تي سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار فيصل سلطان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اهو ڪم آخري مرحلي ۾ آهي، سي ڊي سي کي صدارتي آرڊيننس يا بل ذريعي قائم ڪيو ويندو جنهن جو ڊرافٽ به ٺهي چڪو آهي. هن ٻڌايو ته سي ڊي سي قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪي ۽ برطانوي حڪومتون مدد ڪري رهيون آهن، سي ڊي سي ادارو پاڪستان ۾ صحت جي سلسلي ۾ کنيل اهم قدم آهي. ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ هو ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ موجود پاڪستاني ڊاڪٽر به ان سلسلي ۾ پرعزم ۽ پرجوش آهن.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments