خطرناڪ مرضن کان بچڻ چاهيو ٿا ته ڀينڊي کائو
ڀينڊي اسان جي غذا ۾ شامل ٿيندڙ اها بهترين سبزي آهي، جنهن جي فائدن بابت گهڻا ماڻهو لا علم هوندا آهن. سائي رنگ جي ڀينڊي صحت جي حوالي سان وڏي ڪارائتي سبزي آهي. جنهن جي فائدن جي فهرست تمام ڊگهي آهي. طبي ماهرن موجب عام سبزي هجڻ باوجود ڀينڊي ۾ وٽامن، معدنيات ۽ ٻيا غذائي جُز وڏي مقدار ۾ هوندا آهن، جيڪي شگر ۽ بڪين جي بيماري کان به بچائين ٿا. ڀينڊي ۾ وٽامن اي، سي، ڪي ۽ بي ته موجود هوندا ئي آهن، پر سي ۽ ڪي جي مقدار گهڻي هوندي آهي. ان کانسواءِ ڪيلوريز به وڏي مقدار ۾ هونديون آهن. ڪوليسٽرول گهٽائي ٿي: ڪوليسٽرول جو وڌيڪ مقدار دل جي بيمارين جو سبب بڻجندو آهي. جڏهن ته ڀينڊي ۾ ڪوليسٽرول ناهي هوندو. ڇو ته اها صحتمند فائبر (ريشي) سان ڀرپور هوندي آهي. هڪ تحقيق موجب ڀينڊي جو استعمال ڪندڙ ماڻهو دل جي بيمارين کان بچيل رهن ٿا. ڀينڊي جو استعمال ڪندڙ ماڻهو سَهڪي کان بچن ٿا. ڀينڊي شگر جي مريضن لاءِ به انتهائي فائديمند آهي، اها انساني جسم ۾ شگر جي سطح قابو ۾ رکي ٿي ۽ ان جي باقاعدي استعمال سان شگر جا مريض بچي سگهن ٿا. شگر جي مريضن کي بڪين جي مرضن جو به خطرو هوندو آهي، شگر جا مريض جيڪڏهن باقاعدي سان ڀينڊي جو استعمال ڪن ته انهن جون بڪيون بهتر حالت ۾ رهنديون ۽ وڏي حد تائين بڪين جي بيماري کان بچي سگهن ٿا. ڀينڊي ڪينسر کان به تحفظ ڏئي ٿي، ان ۾ موجود ليڪٽن ڇاتي جو ڪينسر پيدا ڪندڙ 72 سيڪڙو خلين کي ختم ڪري سگهي ٿو. ڀينڊي جي ٻجن ۽ پنن ۾ فليونوائيڊ ۽ فينول موجود هوندا آهن، جيڪي ذهني دٻاءَ کان ڇوٽڪارو ڏيارين ٿا، هي اهي ئي جُزا آهن، جيڪي ذهني دٻاءَ کان ڇوٽڪارو ڏياريندڙ دوائن ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن.