خيرات نٿا گهرون، نقصان جو ازالو ڪيو وڃي: مراد علي شاهه
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته خيرات نٿا گهرون، جِن جي ڪري هي سڀ ڪجهه ٿيو آهي، اُنهن جي ذميواري آهي ته مدد ڪن. هن چيو ته اسان کي 15 لک خيمن جي ضرورت آهي، پر ساڍا 4 لک کان وڌيڪ خيما نه مليا، اعتراف ڪريون ٿا ته اڌ کان وڌيڪ ماڻهن کي رليف نه ڏيئي سگهيا آهيون. وڏي وزير مراد علي شاهه رتوديرو، ميرو خان ۽ ڏوڪري ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن جا دورا ڪيا، جنهن دوران کيس برساتي ٻوڏ جي تباهڪارين بابت بريفنگ به ڏني وئي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ تربيلا جهڙن 20 ڊئمن جيترا وسڪارا ٿيا آهن، درياهه جي ساڄي پاسي ڪشمور کان منڇر ۽ سيوهڻ تائين رڳو درياهه نظر ايندو، ماڻهن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته پاڻي ڪڍڻ ۾ وقت لڳندو. هن چيو ته پاڻي کي منڇر ذريعي درياهه ۾ ڇوڙ ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي، امدادي سامان من پسند ماڻهن کي ملڻ جون ڳالهيون غلط آهن. مراد علي شاهه چيو ته راشن ڏينهن جو نه پر رات جو ورهايو ويندو آهي. 2010ع جي ٻوڏ ۾ به رات جو راشن ورهايو هو ٻئي پاسي رتوديرو ۾ ٻوڏ متاثرن وڏي وزير اڳيان امداد نه ملڻ جون دانهون ڪيون، عورتون ۽ ٻارن سوڌو ٻوڏ متاثرن دانهيندي چيو ته گهر ٻڏي وڃڻ بعد دربدر ٿي ويا آهيون، متاثرن چيو ته انتظاميا هيل تائين راشن ۽ خيما ناهن ڏنا.