دانشور، ليکڪ ۽ فڪري استاد: جـــامي چـــانـــڊيـــو

زاهدھ ابڙو: ڇا جامي چانڊيو پنهنجي سفر ۽ ان جي سمت کان مطمئن آهي؟

جامي چانڊيو: توهان جي وڏي مهرباني همسري مئگزين آئون شوق سان پڙهندو آهيان، انتهائي معياري رسالو آهي ۽ مهرباني جو توهان مون کي به هن سفر ۾ شامل ڪيو. جيستائين ان ڳالهه جو سوال آهي ته ماڻهو پنهنجي سفر مان مطمئن آهي يا ناهي، مان سمجهان ٿو ته اطمينان جستجو جو موت آهي. جڏهن به ڪو آرٽسٽ، ڪو اديب، ڪو تخليقڪار، علم جو ڳولائو جڏهن به پنهنجي ڪم مان مطمئن ٿيو وڃي ته ان جو مطلب آهي ته هاڻي ان وٽ اڳيان ڪجهه نه بچيو آهي ان لحاظ کان مان تمام گهڻو پرسڪون ماڻهو آهيان، پنهنجي داخلي مزاج ۾ پرسڪون رهيو آهيان. مون سڄي زندگي لطيف سائين جي ان سِٽ کي پنهنجو شعار سمجهيو آهي:

ڪيف ڌار ڪوءِ، جيئي ڪونه جهان ۾- (شاهه)

جيستائين تعلق آهي زندگيءَ ۾ ماڻهوءَ جي آدرشن ۽ جستجو جو جيئن ته زندگي تمام ٿورڙي آهي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ آدرش تمام وڏا ٿين ٿا، ڪاش انسان جي زندگي ان جي آدرشن سان پڄي سگهي ها يا ان جي زندگي ان جي آدرشن جيتري هجي ها. ان ڪري جيڪو به ماڻهو پنهنجي زندگي با مقصد گذاري ٿو ان کي آخر ۾ ايئن لڳندو آهي جيئن فيض صاحب چيو:

ڪڇ عشق ڪيا ڪڇ ڪام ڪيا

زندگي ڪو يون هي تمام ڪيا

مون کي زندگيءَ ۾ هونئن تمام گهٽ شين جو ڪامپليڪس رهيو آهي. مون کي فقط زندگيءَ ۾ تڏهن سخت محروميءَ جو احساس ٿيندو آهي جڏهن مان لائبريرين ۾ ويندو آهيان. سوچيندو آهيان ته ايترو ڪجهه ڪيئن پڙهي سگهندس اهو سڀ ڪيئن اڪلائي سگهندس، ان ڪري زندگي مون کي ڏاڍي ننڍي لڳندي آهي. منهنجي زندگيءَ جو دلچسپ پاسو اهو آهي ته اها گهڻ طرفي آهي جيتوڻيڪ اها بظاهر گهڻ طرفي لڳي ٿي، پر منهنجي لاءِ اها هڪطرفي آهي، جيڪو منهنجو ڪم، مزاج ۽ رخ آهي ان ۾ مون کي شخصي طور تمام گهڻو اطمينان حاصل آهي. ٻيو ته آئون گهڻيون خواهشون نٿو پاليان شايد اهو سبب به آهي. گهڻو Ambitious ناهيان اندازو لڳايو ته هڪڙو ٻار ڪڊيٽ ڪاليج پيٽارو مان نڪري ٿو تمام ذهين ٻار ۽ اهو Ambitious ناهي. منهنجن سڀني دوستن کي سي ايس ايس ڪرڻ جو شوق ٿيو، ڪن کي فوج ۾ وڃڻ جو شوق ٿيو ۽ آئون ان زماني ۾ به ويهي ڪتاب پڙهندو هئس. منهنجو شوق ۽ عشق ڪتابن سان ئي هو ان ڪري مان اهو چئي سگهان ٿو ته مان پنهنجي چونڊ جنهن کي توهان سمت چيو آهي ان کان مطمئن آهيان. مون کي جيڪڏهن ڏهه جنم ٻيا ملن ته آئون وري اهڙي ئي حياتي چونڊيندس باقي هاڻي انهن حالتن ۾ ماڻهو ڇا ٿو ڪري سگهي ان جي لاءِ هميشه بيچيني ۽ تشنگي رهي ٿي.

زاهدھ ابڙو: توهان جي زندگيءَ ۾ تمام گهڻا رخ نظر اچن ٿا سياست، صحافت، تنقيد ان کان علاوه توهان جي هڪ اين جي او به آهي ڇا توهان مطمئن آهيو ته توهان اهي سڀ پاسا سٺي طريقي سان نڀايا آهن يا توهان کي ڪنهن هڪ پاسي ڪم ڪرڻ کپي ها ته توهان وڌيڪ بهتر زندگي گذاري سگهو ها يا بهتر ڪم ڪري سگهو ها.

جامي چانڊيو: هڪڙو فلسفي ۽ سائنسدان آهي هن پنهنجي آٽو بايو گرافي ۾ ڪمال جي ڳالهه ڪئي آهي، ان کان به ماڻهو ايئن ئي پڇندا هئا ته تون Physicist آهين پوءِ تون تصوف ۾ دلچسپي ڇو ٿو رکين تنهنجي دلچسپي فنونِ لطيفه ۾ ڇو آهي؟ هن پنهنجي آٽو بايو گرافي ۾ هن تي هڪ پورو باب لکيو آهي جنهن جو عنوان هوSwimming in the Same Ocean هن جو چوڻ آهي ته ماڻهن کي بظاهر لڳي ٿو ته اهي شيون مختلف آهن، پر آئون ته سوچ جي ساڳئي سمنڊ ۾ تيراڪي ڪري رهيو آهيان، پر ٻين کي ايئن ٿو لڳي ته شيون مختلف آهن. ساڳئي طريقي سان ماڻهن کي لڳندو آهي ته منهنجا شعبا گهڻا آهن، پر مون کي ڪڏهن به نه لڳندو آهي ته منهنجا شعبا گهڻا آهن، ڇاڪاڻ ته مان جنهن به شعبي ۾ هوندو آهيان ڪم ته ساڳيو ئي ڪندو آهيان. ان ڪري جو منهنجو بنيادي شعبو ته لکڻ جو آهي مان اديب آهيان، قلمڪار آهيان، ريسرچ ڪندو آهيان، تنقيد منهنجو ڪم آهي، پڙهائڻ منهنجو ڪم آهي، پر جيڪڏهن توهان ڏسندا ته منهنجا شعبا علم، تنقيد ۽ سماج آهن. ظاهر آهي سياست ته سماج کانسواءِ ٿي نٿي سگهي ان ڪري مون پنهنجي زندگيءَ کي ڪڏهن به ايئن نه ڏٺو آهي ته مان گهڻن شعبن يا ڪمن ۾ ورهايل آهيان، مان صحافت ۾ به اهو ئي لکندو ۽ پڙهندو هئس، مان جيڪڏهن اسيمبلين ۾ وڃي پڙهائيندو آهيان تڏهن به ساڳيو ڪم ڪندو آهيان، جيڪڏهن لکندو آهيان ان کي به ساڳيو ڪم سمجهان ٿو، منهنجو بنيادي طور تي گهڻو وقت گذري ئي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ٿو. پندرهن پندرهن ڪلاڪ ويهي آئون ڪم ڪندو آهيان منهنجي ڌيءَ حيران ٿي ويندي آهي ته آئون ايترو ڪم هڪ ساهيءَ سان ڪيئن ٿو ڪريان. منهنجي خوش بختي شروع کان اها ئي رهي آهي ته مان جيڪو به ڪم ڪريان ٿو اهو ڪم منهنجي مٿان بار ناهي، اهو منهنجي روح جو ڪم آهي، اهو منهنجي عشق جو ڪم آهي جيڪو مون کي ٿڪائي نٿو، ان ڪري پڙهڻ، لکڻ، پڙهائڻ علم جي جستجو سماج لاءِ ڪم ڪرڻ ان جي ٽرانسفارميشن اهو هڪڙو ئي ڪم آهي.

زاهدھ ابڙو: ان مان هڪڙو ٻيو سوال پيدا ٿو ٿئي ته توهان علم سان شوق رکو ٿا پڙهائڻ توهان جو شوق آهي ته توهان باقائده ٽيچنگ طرف ڇو نه ويا؟

جامي چانڊيو: ان جا ٻه سبب آهن هڪڙو سبب اهو آهي ته ننڍي عمر ۾ مان هڪ اهڙي پروسيس ۾ اچي ويس جنهن ۾ پڙهائڻ جو تصور ڪلاس روم وارو نه هو، مون پنهنجي سامهون رسول بخش پليجو کي ڏٺو جنهن جي لاءِ هي سڄو سماج يونيورسٽي هئي يا ڪلاس روم هو. مون سائين جويو صاحب کي ڏٺو جيڪو منهنجو استاد هو ان جو به ڪلاس روم سڄو سماج هو. هڪ ته منهنجو ننڍي وهيءَ ۾ ان تربيت جو حصو ٿيڻ جي ڪري منهنجي ذهن ۾ ڪڏهن به اهو نه آيو ته تعليم صرف ڪلاس روم ۾ ٿيندي آهي. ان ڪري اسان وٽ جيڪا متبادل تعليم ٿيندي آهي جنهن کي انقلابي تعليم چئبو آهي. هڪ ته تعليم جو تصور تبديل ٿي ويو، بائلو فراري واري ڳالهه وانگر ته تعليم رڳو ڪلاس روم واري ناهي ٿيندي پروفيشنل ڪمن جي لاءِ، سماج کي تبديل ڪرڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻ جو هڪ سبب آهي. هڪ ته سبب اهو آهي، پر ان جي باوجود به مناسب نٿو لڳي ته پنهنجن استادن جي ڪا ڪمزوري بيان ڪجي مان جڏهن يونيورسٽي ۾ پڙهندو هئس، ان وقت ۾ يونيورسٽي ۾ اسان جي ڊپارٽمينٽ ۾ جيڪي استاد هوندا هئا انهن ۾ گروهه بندي هوندي هئي ان وقت الانا صاحب وائيس چانسلر هوندو هو ۽ هو وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ مون سان ملڻ ايندو هو ۽ هو منهنجي لاءِ چوندو هو، “هي منهنجو دوست آهي”، هو چوندو هو ته هي بنيادي طور تي اديب آهي، دانشور آهي، توهان وٽ الائي ڪيئن هليو آيو آهي. ان وقت ۾ استادن کي اِن سيڪيورٽي محسوس ٿيڻ لڳي. هڪ دفعو ته بنا ڪنهن اطلاع جي هو سڌو هليو آيو ۽ منهنجي نالي پڇڻ لڳو، “هو ڪٿي آهي؟ ڪلهه هن مون تي اخبار ۾ تنقيد ڪئي آهي ۽ مان ان سان ڳالهائڻ آيو آهيان.” هن کي اها خبر نه هئي ته مان فزڪس کان علاوه ٻيو به ڪجهه پڙهان ٿو ۽ لکان ٿو. منهنجا استاد آهن ۽ انهن جا نالا نٿو کڻڻ چاهيان ۽ انهن شعوري ڪوشش ڪري منهنجون مارڪون ايتريون گهٽايون ته جيئن مان فرسٽ ڪلاس کان رهجي وڃان هڪ مارڪ کان فرسٽ ڪلاس کان رهجي ويس. حسين شاهه بخاري صاحب ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر هو، جنهن کي ڏاڍو ارمان ٿيو صفا ٻڏي ويو ۽ چيائين ته هنن ڏاڍي زيادتي ڪئي آهي ۽ مون کي چيائين ته مان ٻيهر امتحان ڏيان ۽ هو پاڻ هر شيءِ جي نگراني ڪندو. مون کيس چيو ته استاد به انسان آهن انهن جا به ڪي مسئلا آهن انهن کي اِن سيڪيورٽي محسوس ٿي. مون کي گهڻي ڪا دلچسپي ناهي ڇو ته مان ان وقت پليجي صاحب سان هڪ سياسي عمل ۾ هئس، اسان جا آدرش ۽ خيال ٻئي قسم جا هئا، هي سڄو سماج هڪ ڪلاس روم آهي. انهن سببن جي ڪري مان فارمل ٽيچنگ ۾ نه رهيس، پر مان سمجهان ٿو ته هڪڙو پروفيسر پنهنجي سڄي ڪريئر ۾ يونيورسٽي ۾ جيتريون بيچز ڪڍي ٿو مون ويهن سالن ۾ انهن کان ڊبل بيچز پوري ملڪ ۾ ڪڍيون هونديون، اها پليجي صاحب ۽ جويو صاحب جي ڏسيل واٽ هئي ته سماج اسان جي يونيورسٽي ۽ ڪلاس روم آهي ۽ اسان پاڻ به پاڻ کي شاگرد ئي سمجهون ٿا. ان ڪري پيشه وراڻه طور تي فل ٽائيم ٽيچنگ ۾ نه رهيس.

زاهدھ ابڙو: : توهان جو تعلق رسول بخش پليجو جي پارٽيءَ سان رهيو، پر توهان سياست کي به پنهنجو مستقبل نه ٺاهيو.

جامي چانڊيو: اها آکاڻي به ڏاڍي دلچسپ آهي، 1986ع ۾ پليجو صاحب به جيل مان نڪري آيو، مان پاس آئوٽ ٿي نڪري آيس ۽ منهنجو پهريون ڪتاب 1986ع ۾ شايع ٿيو، منهنجي سڄي زندگيءَ جو مرڪز ۽ محور ادب هو. منهنجي سڄي دنيا ادب هئي، مان ڪهاڻيون لکندو هئس ۽ شاعري ڪندو هئس، سياست جي باري ۾ ڪڏهن سوچيو ئي ڪونه هو. حالانڪه پنهنجي ٻاروتڻ ۾ سرگرم سياسي ڪارڪن رهيس جيترو ڪو ٻار ٿي سگهي ٿو، 1987ع ۾ مان پليجي صاحب سان ذاتي طرح مليس ۽ پوءِ فل ٽائيم اچي ويس. ايئن ناهي ته ڪو پليجو صاحب سان يا پارٽين سان ڪڏهن ڪو وقفو نه آيو، اها به هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي. مطلب پارٽيءَ سان ٿوري وٿي ٿي وئي، ان وٿيءَ جو اصل سبب مان امانت سمجهان ٿو ۽ مناسب نٿو سمجهان ته ان کي عام ڪريان ۽ پنهنجي استاد جي باري ۾ ڪا اهڙي ڳالهه چوان يقينن مون ۾ ئي ڪا کوٽ هوندي. 1987ع کان وٺي 2010ع تائين ان سڄي دور ۾ ڪجهه سالن جو وقفو به آيو، پر منهنجي تقريبن ويهن سالن جي ايسوسئيشن رهي پليجو صاحب سان ۽ پارٽي سان مان اڄ به ان کي پنهنجي پارٽي سمجهان ٿو ۽ مون کي ان جي لاءِ احترام به آهي پيار به آهي. ڇو جو مون کي ان جي آدرشن تي ويساهه آهي، پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پارٽي کان منهنجي ٻه دفعا دوري ٿي، پر ٻئي دفعا پارٽي مون نه ڇڏي هئي، ايئن نٿو چئي سگهجي ته مون پارٽي کي ڇڏي ٻيو ڪو ڪم وڃي شروع ڪيو بلڪه پارٽي مون کي ڇڏيو. اها هاڻي هر ڪنهن جي چوائس آهي زور جي مهندي آهي ڪونه.

زاهده ابڙو: ڇا اتي به ڪي اِن سڪيورٽيز هيون؟

جامي چانڊيو: هاڻي اتي ڪهڙا سبب هئا ان جي باري ۾ وري ڪڏهن سوانح حيات لکندس ته ان جي باري ۾ به لکندس، پر ان جي باوجود به مان شين کي ڪڏهن به ذاتي تجربي جي بنياد تي ناهيان کڻندو، هنن مون کان راهون جدا ڪيون، پر ان جي باوجود به مون کي انهن جي لاءِ پيار آهي، احترام آهي. ڇو ته اهو منهنجو گهر آهي انهن سان مون زندگي ڏني آهي ان واٽ کي مان صحيح سمجهان ٿو. پليجي صاحب سان منهنجو هڪ شاگرد ۽ استاد وارو رشتو به هو، هڪڙي اڳواڻ ۽ ڪارڪن وارو به هو، پر هڪ انتهائي گهري دوست وارو به هو. منهنجو خيال ناهي ته پليجي صاحب سان اسان جي دور وارو ڪو ماڻهو مون کان وڌيڪ حجائتو ۽ گهرو دوست رهيو هجي. هو پاڻ چوندو هو ته شهيد فاضل راهو کانپوءِ منهنجو گهرو دوست جامي آهي، جنهن سان ايتري بي تڪلفي آهي. راز جون ڳالهيون مون سان ئي ڪندو هو، مان سمجهان ٿو ته مون پنهنجن مٽن مائٽن سان ايترو ٽائيم ڪونه گذاريو، پنهنجن ڀيڻن ڀائرن سان به ايترو وقت نه گذاريو، پيءُ ماءُ سان به ايترو وقت نه گذاريو جيترو پليجي صاحب سان گذاريو. مطلب ته شعوري زندگيءَ جو وڏو حصو پليجي صاحب سان گڏ گذريو. سياسيت ڪريئر جو نالو ناهي سياست آدرشن جو پنڌ آهي، سياست جي هڪڙي شڪل ته تنظيمي ٿئي ٿي جيڪا عوامي تحريڪ ۾ منهنجي ٻه ڏهاڪا رهي جنهن کي اڄ به پنهنجو سمجهان ٿو، پر سياست رڳو تنظيمي دائري ۾ ته نٿي گهمي. اڄ به مان پنهنجو پاڻ کي سياسي ماڻهو سمجهان ٿو، ڇو ته سياست تي لکان ٿو، سياست تي سوچان ٿو ۽ سياسي تحرڪ جو حصو ٿيان ٿو، مان سمجهان ٿو ته ڪوبه باشعور ماڻهو جيڪڏهن اهو باشعور آهي، پر غير سياسي آهي ته ان جي شعور تي شڪ هجڻ کپي. توهان تنظيمي طور تي ته چئي سگهو ٿا ته مان ڪنهن به تنظيم سان وابسته نه آهيان، پر ان جي باوجود به مان مڪمل طرح سان سياسي سوچ وارو ۽ سياسي عمل وارو ڪارڪن آهيان جنهن تي مون کي فخر آهي.

زاهده ابڙو: رسول بخش پليجو جو اسڪول آف ٿاٽ ٻين اسڪولز آف ٿاٽس کان ڪيئن مختلف آهي؟

جامي چانڊيو: هن سوال تي مان ڪافي ڪجهه لکي به چڪو آهيان، مثال طور: پليجي صاحب جو سياسي عمل جو جلد پهريون 2005ع ۾ آيو، مون ئي ترتيب ڏنو هو. پليجي صاحب جي خواهش تي ان جو تفصيلي مقدمو مون ئي لکيو هو، اهو سمجهو ته پليجي صاحب کي سمجهڻ لاءِ هڪڙو تفصيلي فريم ورڪ آهي. سنڌ جي سماج جو پنهنجو هڪ سياسي پنڌ آهي. جيڪڏهن اسان اوڻيهين صديءَ کان اڳتي جڏهن ويهين صديءَ کي ڏسون ٿا ته تمام وڏا وڏا سياسي ماڻهو پيدا ٿيا مثال طور: بئريسٽر، رئيس غلام ڀرڳڙي جهڙا ماڻهو جيڪو آلانڊيا ڪانگريس جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل هو. ايئن توهان جناح صاحب کي پنهنجو سمجهو نه سمجهو، پر ان جو تعلق به سنڌ سان هو. ايئن شيخ عبدالمجيد سنڌي آهي، ايوب کهڙو جهڙا ماڻهو پيدا ٿيا، جيڪڏهن اهو دور ڇڏي ڏيون ته پليجو صاحب کان اڳ ۾ سنڌ ۾ وڏا ماڻهو سامهون اچي چڪا هئا ان جو مثال آهي سائين جي ايم سيد جنهن جو سياسي ڪريئر خلافت تحريڪ کان شروع ٿيو هو. سنڌ جي پارلياماني تاريخ شروع ٿي ته ان جي بانين مان آهي جيڪا سنڌ ۾ پهرين پهرين پارٽي ٺهي اها به سائين جي ايم سيد وارن ئي ٺاهي هئي. ظاهر آهي ته هو سنڌ جي پارلياماني سياست جو به آرڪيٽيڪٽ هو ۽ ايئن هو اڳتي هلي سنڌ جي قومپرست سياست جو به باني آهي اهو پليجي صاحب کان اڳ جو نسل آهي ان سان ماڻهو اتفاق ڪن، اختلاف ڪن مڪمل طرح ذهني طرح ان جي اثر کان انڪار ڪير نٿو ڪري سگهي ۽ انهن جي حصيداري/شراڪتداري کان ۽ انهن غلطين کان به جيڪي هن پاڻ ٻڌايون آهن ۽ هو هڪ وڏو ماڻهو آهي. حيدر بخش جتوئي پليجي صاحب کان اڳ جو ماڻهو هو ۽ جيڪو سندس استادن مان هو، جيڪو هاري تحريڪ جو باني ته نه هو، پر ان کي عوامي بنائڻ ۾ ۽ ان کي مٿي آڻڻ ۾ ان جو وڏو ڪردار هو. ذوالفقار علي ڀٽو سياست ۾ اچي چڪو هو، پليجو صاحب ۽ ڀٽو صاحب هم عمر هئا. اهو ملڪ جي عوامي سياست ۾ اچي چڪو هو. هاڻي انهن سڀني روايتن جي هوندي پليجي صاحب جو اڀرڻ جيڪو مٿئين طبقي جو ناهي. پليجي صاحب جي باري ۾ مان ڪجهه ڳالهيون چوڻ چاهيندس ته فڪري طرح هن هڪڙو تمام ڪامياب ۽ حالتن سان ٺهڪندڙ تجربو ڪيو، اِهو هي هو ته مثال: سائين جي ايم سيد وٽ نيشنل ازم آهي، طبقاتي سوال جي ڳالهه ته آهي، پر طبقاتي سوال ايئن کنيل ناهي جيئن سماج ۾ کنيل هجي. هو پنهنجي بنيادي جوهر ۾ هڪ نيشنلسٽ هو، ايئن حيدر بخش جتوئي صاحب آهي جيڪو طبقاتي سوال کي فوڪس ڪري ٿو، پر ان جي بنيادي سڃاڻپ نيشنل ازم ناهي، پر ان جي بنيادي سڃاڻپ طبقاتي نظام آهي. ايئن ذوالفقار علي ڀٽو هڪ بورجواز طبقي مان آهي، زميندار ۽ جاگيردار طبقي مان آهي. ذوالفقار علي ڀُٽي جيڪو جمهوريت جو ماڊل ڏنو اها وڏيرڪي جمهوريت هئي نالو ان کي عوامي جمهوريت جو ڏنل هو، پر هئي اها مٿئين طبقي جي جمهوريت. ان سڄي صورتحال ۾ پليجي صاحب جو ڪمال اهو آهي ته قومي سوال کي، طبقاتي سوال کي، جمهوري سوال کي ۽ سامراج دشمن سوال کي هڪڙي ڪمال توازن سان گڏي هڪڙو فڪر تشڪيل ڏنو جنهن ۾ هن جي فڪر ۾ قومي سوال به موجود آهي، پر قومپرستي ناهي. پليجو صاحب قومپرست نه هو، پليجو صاحب مارڪسسٽ هو، ان ڪري فرق آهي ان بنيادي قومي سوال جو. هن قومي سوال کي هڪ وڏي پيرائي ۾ کنيو، هن طبقاتي سوال کي کنيو، هن جمهوري سوال کي کنيو، هن جمهوري سوال کان انڪار نه ڪيو ڇو ته ايم. آر. ڊي جي تحريڪ هلائي ئي ان هئي، ٻن تنظيمن جو هن تحريڪ هلائڻ ۾ وڏو ڪردار هو. هن توازن سان چار اهم سوال گڏائي هڪ نئون فڪر ڏنو. پوءِ اهو فڪر صرف مڊل ڪلاس تائين محدود ڪونه رهيو، هو پنهنجي محنت سان، پنهنجي تنظيم ۽ پنهنجي ساٿ سان محروم ۽ مظلوم طبقن تائين کڻي ويو ۽ تنظيم سازي ڪرائي. پليجي صاحب جي شراڪتداري صرف سياسي ۽ فڪري ناهي سندس ادبي شراڪتداري تمام وڏي آهي، هن جو هڪ نقاد جي حيثيت سان تمام وڏو ڪم ڪيل آهي. سنڌ جي تنقيد جي دنيا ۾ جيڪي ٻه وڏيون لهرون اٿيون انهن ٻنهي کي سامهون رسول بخش پليجو آيو. سٺ جي ڏهاڪي ۾ جيڪا مذهبي انتها پسندي ادب ۾ گهڙي آئي اها ادب کي رد ڪرڻ لڳي ته ان ترقي پسند ادب جي بچاءُ جو وڏو مورچو رسول بخش پليجو هو. وري جڏهن 70-1980ع جي ڏهاڪي ۾ جديديت جي نالي ۾ وجوديت جي لهر سڄي دنيا ۾ اڀري چڪي هئي ۽ سنڌ ۾ به اڀري ته ان وجوديت جي فڪر واري بنياد تي اڀرندڙ ادب کي رسول بخش پليجي “سندي ذات هنجن” لکي رد ڪيو، “کنڊر” لکيائين. ايئن رسول بخش پليجو جو سياست، ادب، فڪر ۾ هڪ غير معمولي عالم جي حيثيت ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. مطلب ته هو هڪڙو اهڙو وايومنڊل هو جو ماڻهو فقط هن تي حيران ٿي سگهي ٿو ته هڪ ماڻهو هڪ حياتيءَ ۾ ايترن شعبن جو علم ڪيئن ٿو حاصل ڪري سگهي ۽ ايتري مهارت ڪيئن ٿو حاصل ڪري سگهي. تاريخ، ادب، فلسفو، فڪر، جنگيون، انٽيليجنس، مذهب، شاعري. سندس پسنديده سبجيڪٽ شاعري هو، جڏهن پنجاب ۾ ترقي پسند ڪانفرنسن ۾ ويندا هئاسين ۽ اڪثر مان ساڻس گڏ هوندو هئس، يقين ڪريو مان اڃان ننڍو هوندو هئس ۽ مان ڏسندو هئس ته پنجاب ۾ پنجابين جي روبرو پنجابي ادب ۾ هن کان وڏي اٿارٽي ٻي ڪابه ڪونه هئي. رسول بخش پليجو گهڻو لکي ڪونه سگهيو، ڇو جو هو سياست ۾ سرگرم هو، بابا فريد کان وٺي ماڌو شاهه حسين تائين، باهو کان وٺي بُلهي ۽ وارث شاهه تائين. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هن هڪ تقريب ۾ ماڌو شاهه حسين تي ٻه ڪلاڪ مسلسل ڳالهايو ۽ ماڻهو حيران هئا ته ماڌو شاهه حسين هن کي ياد هو بنا ڪتاب جي ۽ بنا ريفرنس جي. ايئن هو گهڻ طرفي ۽ بين الاقوامي طرح سجاڳ شخصيت هو جيڪو ماڻهو ڪنهن يونيورسٽي ۾ نه پڙهيو، هنن يونيورسٽين ۾ به ڪونه پڙهيو جيڪي اسان جون آهن. پرائيويٽ پڙهيل ماڻهو برڪلي ۾ ليڪچر پيو ڏئي، دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ ليڪچر پيو ڏي ۽ عالمانه سطح تي ليڪچر پيو ڏي. هڪڙي گهڻ رخي شخصيت هئي ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته رسول بخش پليجي جي شخصيت جو سنڌ جي سماج تي تمام گهڻ طرفو اثر آهي، هو صرف سياستدان ناهي، پر سياست، ادب، فرض شناسي ۽ سماج جي تبديلي لاءِ ڪم ڪرڻ وارو انسان ٿو. پليجي صاحب سان گڏ جڏهن به ويهبو هو ۽ جن ڳالهين کي ٻڌي ماڻهو عام طور تي پريشان ٿي وڃي، پر هن جو ڪمال اهو هو، جو هو انهن سڀني ڳالهين کي ٻڌي ايترو ته سادي طريقي سان پيش ڪندو هو ۽ چوندو هو ته زندگيءَ جو هڪڙو سادو ڪم آهي ۽ ننڍڙو ڪم آهي ته دنيا کي بدلايو ۽ هن ايئن ڪيو. ايئن ناهي ته منهنجي پليجي صاحب سان ڪا عقيدت پرستي آهي هو هڪ انسان هو ان جي شخصيت جا ڪجهه ڪمزور پاسا به هئا، هن کان يقينن هڪ انسان طور، هڪ سياستدان طور ڪجهه ڀُلون چُڪون به ٿيون هونديون، مان انهن مان ناهيان جيڪي پليجي صاحب جي عقيدت ۾ آهن. منهنجي زندگيءَ ۾ عقيدت ڪنهن سان به ناهي، ڇو جو اسان جو فڪر ئي اهو آهي ته عقيدت انسان جي توهين آهي. انسان سان عقيدت رکڻ انسان جي شعور جي توهين آهي. توهان جي جيڪڏهن ڪنهن سان عقيدت آهي ته اهو ماڻهو پنهنجو وجود وڃائي ويهي ٿو رهي، ان ڪري پليجي صاحب سان منهنجي بيپناهه محبت آهي، ان لاءِ احترام آهي، مان هن تي ڪافي لکيو آهي. منهنجي دلي خواهش آهي ته مان هن تي تمام تفصيلي ڪتاب لکان جيڪو هن جي شان وٽان هجي ته هو ڇا هو ۽ هن ڇا ڇا زندگيءَ ۾ ڪيو؟ ۽ ڇا ڇا زندگيءَ ۾ اسان کي ڏيئي ويو؟ اڄ هو ڪونهي، پر جڏهن مذهبي انتها پسندي جي لهر اٿي ٿي ته اڄ به سندس تقريرون وڙهن ٿيون، ماڻهو موجود ناهي، پر اڄ به هن جا ڪتاب وڙهن ٿا، هن جون تقريرون وڙهن ٿيون. هن سماج تي پليجي صاحب جو غير معمولي اثر آهي. پليجي صاحب کي مون ڪڏهن به رڳو ان اک سان ناهي ڏٺو ته هو هڪ سياستدان آهي بلڪه رسول بخش پليجو جيڪو سياستدان آهي ان تي ته مان تنقيد به ڪري سگهان ٿو، پر جيڪو عالم رسول بخش پليجو آهي اهو مون کي وڌيڪ متاثر ڪندو آهي. هن جي علم جي جيڪا وسعت ۽ گهرائي آهي اها حيرت انگيز آهي ۽ ايئن هو هڪ نقاد طور تمام حيرت انگيز آهي.

زاهدھ ابڙو: سنڌ جي حالتن کي هن وقت هڪ دانشور جي حيثيت سان ڪيئن ٿا ڏسو ۽ ڪهڙن نتيجن کي اخذ ڪري سگهو ٿا؟

جامي چانڊيو: ڏسو مان سماجي سائنسن يا علم جو شاگرد آهيان، ان ڪري منهنجي ڏسڻ جو انداز هميشه مٿاڇرو يا سطحي نه هوندو آهي. اڪثر سماج ۾ خوشفهمي يا مايوسي پيدا ٿئي ٿي، اها انهيءَ سبب پيدا ٿئي ٿي جڏهن ماڻهو جذبن جي آڌار تي شين کي ڏسي ٿو. جڏهن سبجيڪٽو ٿي ڏسجي ٿو، وري جڏهن آبجيڪٽولي نٿو ڏسي، ان ڪري مان سمجهان ٿو ته سماج عام طور تي هڪ زنده ۽ آرگينڪ ريئلٽي آهي ۽ سماج هڪڙو مسلسل تبديل ٿيندڙ لقاءُ آهي ۽ مظهر آهي ۽ سنڌ جو سماج به ان اصول تحت زنده سماج آهي. هاڻي ان کي ڪجهه چئلينجز درپيش آهن، عجيب ڳالهه آهي ته سنڌ جي ڪيس اسٽڊي ڏاڍي دلچسپ آهي، منهنجو ارادو آهي ته اڌ ۾ رهيل ڪم پورا ڪري پوءِ ان تي لکان. سنڌ جي سماج جو ڪرائسس قديم زماني کان آهي جنهن جون اسان وٽ گواهيون ڪونه آهن، پر ان کي راءِ گهراڻي کان ئي وٺون جتان کان اسان کي مناسب رڪارڊ ملي ٿو. راءِ گهراڻي کانپوءِ برهمڻ دور اچي ٿو، ان ۾ به ڪرائسس آهن ۽ سماج ۾ اڪثريت ٻڌن جي آهي. سنڌي ماڻهو ٻڌمت جا پوئلڳ هئا ۽ حڪمران طبقو برهمڻ آهي، هاڻي سوچو ته ان زماني ۾ جيڪو تضاد آهي ته سماج جي اڪثريت ٻڌمت سان وابسته آهي يا وري انهن هندو ذاتين سان وابسته آهي ۽ جيڪي دراوڙ ذاتيون آهن جن کي طبقاتي سماج شودر ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن کي ڪڍي ڇڏيو آهي ته اهي اڇوت آهن ۽ حڪمران طبقو برهمڻن جو آهي ته اهو تضاد ڪيئن رهيو. اهي ماڻهو برهمڻ هئا، پر وري به انڊس ويلي جا ئي هئا، ڪشميري هئا. وري هڪڙا اوپرا عرب جن جو اسان سان ۽ هندستان جي سنڌي تهذيب سان ڪو تعلق ئي ناهي، وري اوپري تهذيب، اوپرو فڪر، اوپرا ماڻهو ۽ اوپرو اندازِ حڪمراني، اهو سڄو عرب دور ۾ اسان جي سماج ۾ اچي ٿو، وري عرب دور ختم ٿئي ٿو. بظاهر سومرن ۽ سمن جو دور ٿو اچي، سومرن جي دور ۾ بظاهر ته سومرا حڪمران هئا خود مختيار هئا، سماج وڃي ڪجهه ساهه پٽيو، اڳتي وڌيو ۽ تبديلي به آئي. سومرن جو دور سنڌ جي اڳڀرائي وارو دور آهي نسبتن بهتر آهي، معشيت لاءِ آسان، سماجي، ثقافتي، ادب ۽ سياست جي لحاظ کان. وري به 1258ع تائين جيستائين عباسين جو دور ختم نه ٿيو هو بغداد ۾ سنڌ ڏنَ ڏيندي هئي، عباسين کي ٽيڪس ڀريندي هئي، تڏهن به ڦاٿي پئي هئي، اموين سنڌ کي فتح ڪيو ويندي عباسي دور تائين ڏن ڀريندي رهي. سنڌ جو تاريخي بحران طويل آهي، سمن جي زماني ۾ وري سنڌ ساهه پٽيو، پر وري جڏهن سمن جو زوال آيو پوءِ ارغون ۽ ترخان دور شروع ٿيو، جيڪو بدترين دور هو، 200 سال گذري ويا مٿي مغل ويٺل هئا، ڪلهوڙن جي دور ۾ به پٺيان مٿي مغل ويٺل هئا. ميرن جو دور به ڪو ڀلو دور ڪونه هو. انهن جي طرز حڪمراني به ڪا ايتري بهتر نه هئي. انهن وٽ Vision ڪونه هو ۽ پوءِ انگريزن جو دور اچي ويو. توهان ڏسو نه ته سنڌ ساهي نه پٽي آهي، مسلسل بحرانن ۾ رهي آهي. ان سڄي تناظر ۾ مان سمجهان ٿو ته سنڌ جو سماج مجموعي طرح ان ڳالهه مان ثابت ٿئي ٿو ته ان ۾ وڏي مزاحمت آهي. هڪڙو سماج ايڏا بحران برداشت ڪرڻ کانپوءِ ڊهي چڪو هجي ها، پر هن سماج ۾ هڪڙو اهڙو عنصر آهي، سوين ۽ هزارين ڪمزوريون آهن، هر سماج ۾ مختلف خرابيون هونديون آهن، پر هن سماج ۾ هٿ نه کڻڻ جي هڪڙي ڪمال جي سگهه آهي. سنڌ جي سماج کي هڪڙي شيءِ بچائي ويٺي آهي ته هي هر دور جي چئلينجن جي سامهون سرينڊر نٿو ڪري، اهائي وڏي ڳالهه هوندي آهي. ان ڪري سنڌ جو وجود فنا نٿو ٿئي، ڇو جو فنا کان انڪار ڪري ويٺي آهي. اها هڪڙي حقيقت آهي ته پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي مسلسل بحران آهن، ون يونٽ جو دور، پر جيڪي تضاد، بحران ۽ چئلينج آهن انهن پنهنجون صورتون پئي مٽايون آهن. سنڌ هڪڙا بحران حل ڪري ٿي، ڪنهن زماني ۾ اسان جي لاءِ چئلينج اهو هو ته اسان جو وجود هجي، اڄ ڪنهن کي طاقت ناهي جو هيڏي جيئري محترڪ ۽ سگهاري سماج کي ڇهه ڪروڙ ماڻهن جي سماج کي توهان ڪيڏانهن ڪندا، اڄ اسان جي وجود کي خطرو ناهي، انهيءَ خطري مان سنڌ ٽپي آئي آهي. ٻوليءَ کي خطرو هو هاڻي هن ٻوليءَ کي دنيا جي ڪابه طاقت ختم نٿي ڪري سگهي، جيڪا زنده ٻولي آهي، ايئن اسان جا شهر کسجي ويا، اسان ڪڏهن سوچو به نه هو ته سنڌي پنهنجا شهر ري ڪليم ڪري سگهي ٿو. گهڻو پٺتي به ڇو وڃون، رڳو ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ ۾ حيدرآباد جو شهر، فساد ٿيا ته سنڌي ڪئمپن ۾ رهيا. اڄ حيدرآباد جو شهر مڪمل طرح ري ڪليم ٿيل آهي. اڄ توهان کي لڳي ٿو ته هن شهر مان سنڌي کي ڪير ڪڍي سگهي ٿو، ممڪن ئي ناهي، ايئن ئي ڪراچي آهي. مون کي ياد آهي ته منهنجي وڏي ڀاءُ کي ڀُٽي صاحب جي زماني ۾ ڪراچي ۾ نوڪري مليل هئي، اسان ڀينرون ڀائر ننڍا هئاسين. اسان پهريون ڀيرو ڪراچي وياسين مان ان وقت ۾ چوٿين جماعت ۾ هئس. منهنجي وڏي ڀيڻ پنجين جماعت ۾ هئي. ڪراچي ۾ هجڻ جو رومانس محسوس پئي ٿيو ۽ لسٽون ٺاهيونسين ته ڪٿي ڪٿي گهمبو، مون کي ياد آهي ته اسان راڻي باغ وياسين ته اتي اسان هڪڙي فيملي ڏٺي جيڪا سنڌي پئي ڳالهائي ته اسان هفتو پورو ان باري ۾ ڳالهائيندا رهياسين ته هڪڙا ماڻهو ڏٺاسين جيڪي سنڌي پيا ڳالهائين، بس ۾ ڪو ماڻهو سنڌي پيو ڳالهائي ته سنڌي ان جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا ته بس ۾ سنڌي ڏٺم. اڄ ڪراچيءَ جي زندگيءَ ۾ هر شعبي ۾، هر سطح تي گهٽ ۾ گهٽ آهي به ته پنجاهه لک سنڌي موجود آهن، اهي سڀ چئلينج سنڌي گذاري آيا. سنڌين لاءِ چوندا هئا ته ڪنڊ جا ڪوئا آهن ٻاهر نڪرن ئي ڪونه ٿا، اڄ سنڌيءَ کي چئو ته دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ ته ڇا، پر دوزخ ۾ به وڃڻ لاءِ تيار آهي. اهڙي قسم جا جيڪي به چئلينجز هئا سنڌ ڪراس ڪري آئي آهي. هاڻي وري نسل پرستي جي باهه ايم ڪيو ايم جي شڪل ۾ ٻري جنهن مان لڳندو هو ته ڪڏهن به نڪري ڪونه سگهبو، هڪڙو وجودي بحران محسوس ٿيندو هو، پر اسان جو دڳ صحيح هو، هنن جو دڳ غلط هو. اسان اردو ڳالهائيندڙن کي هميشه پنهنجو سمجهو. فاشزم غلط آهي، جيڪڏهن اسين ڪريون ته به غلط آهي ۽ جيڪڏهن هو ڪن ته به غلط آهي. پنجٽيهن سالن ۾ اهو جيڪو ببل هو ڦاٽي پيو. ڇو ته اهو صرف نانسينس فاشزم هو، هاڻي اڄوڪي دور ۾ سنڌ جيڪي مثبت پاسا ڏسي رهي آهي انهن جي باري ۾ توهان کي ٻڌائيندس اسان ڪڏهن اهو سوچو هو ته اسان جون ڇوڪريون اسان جي سماج جون ايڏي وڏي پئماني تي هر شعبي ۾ اڪيليون وينديون. اسان جو قمبر هڪڙو پڙهيل لکيل شهر هو تمام ايڊوانس شهر هو تڏهن به اتان ڇوڪريون ڪهڙيون نڪتيون هيون زبيده ميتلو، حميده ميتلو ۽ منهنجي پنهنجي ڀيڻ ريحانه شيخ، ايئن ڪجهه ڇوڪريون شهر مان نڪتيون جيڪي چند هيون. قمبر جهڙي شهر ۾ ميٽرڪ تائين تعليم هئي. پوءِ وري اهي سڀ ڇوڪريون انٽر لاءِ لاڙڪاڻي ڪاليج ويون، هاسٽل ۾ رهنديون هيون ۽ پوءِ يونيورسٽي آيون. اڄ مان جتي وڃان ٿو ڇوڪريون ملن ٿيون چون ٿيون اسان قمبر جون آهيون. اها بنيادي طور تي هاڻي هر شهر جي ڪهاڻي آهي هر ذات جي ڪهاڻي آهي ۽ هزارن جي تعداد ۾ اچن ٿيون، اها ڪا گهٽ تبديلي آهي ڇا؟ ايئن ناهي ته ڪو سنڌ جو سماج مثبت معنيٰ ۾ به تبديل ناهي ٿيو، هن سڄي عرصي ۾ تمام وڏا ڇال به آيا آهن، پر ضرور وقت سان گڏ نوان چئلينج به آيا آهن. مثال طور: زمينن تي قبضا گيري آهي، جنهن جو نالو آهي ته اهو تعميري ڪم پيو ٿئي. اها اربنائيزيشن ناهي، اربنائيزيشن اها آهي جيڪا لوڪل ماڻهن کان ٿئي ۽ لوڪل ماڻهن لاءِ هجي ۽ انهن جي ڪم جي هجي. حڪومت جي مدد سان جيڪا ٿي رهي آهي سا قبضا گيري آهي. ايئن توهان ڏسو ته حڪمران طبقو ڪرپٽ ۽ عوام دشمن آهي ۽ وفاق وري جابرانه رويو ڏيکاري رهيو آهي. رياست وري گڏيل (Cohesive) فارم ۾ هلي رهي آهي ته ڪنهن به آواز کي برداشت ناهي ڪرڻو، ڪنهن به مخالف کي برداشت ناهي ڪرڻو ته اهي سڀ چئلينج آهن. جيڪي غريب طبقا آهن انهن جي لاءِ يا ته رياست ناپيد آهي يا تمام ظالم جي صورت ۾ آهي. مڊل ڪلاس هيڏانهن هوڏانهن هٿ هڻي پنهنجا ٻار پالي ٿو وٺي، نوڪري ۾ به اچي ٿو وڃي، غريب جي ٻار کي وڏو چئلينج آهي. اهي هن وقت جا چئلينج آهن، ماحولياتي تباهي آهي، جنهن تي اسان سوچيو ئي ناهي ۽ ان کي سمجهيو ئي ناهي، اسان کي پنهنجي قومي ايجنڊا کي به ٿورو وڌائڻو پوندو، قومي ايجنڊا صرف ڌارين جي آبادڪاري ناهي اها ته آهي ئي آهي، پر ان سان گڏوگڏ ماحولياتي تبديلي جيڪا تباهي جي صورت ۾ موجود آهي ان کي به شامل ڪرڻو پوندو. ڪجهه ته اڳوڻا چئلينج آهن ۽ ڪجهه وري نوان داخل ٿي ويا آهن انهن کي سمجهڻو پوندو ۽ نتيجي ۾ اسان کي پنهنجي ايجنڊا نئين سري کان ٺاهڻي پوندي. منهنجي اها نه منهنجي خوشفهمي آهي نه غلط فهمي، منهنجو خيال آهي ته سنڌ جو سماج ايتري سگهه رکي ٿو ۽ ان اهو ثابت به ڪري ڏيکاريو آهي ته جيئن ماضيءَ ۾ هن کان به ڏکيا چئلينج ايندا رهيا ۽ انهن کي منهن ڏيئي هتي پهتو آهي ته هن وقت جيڪي اسان کي چئلينج موجود آهن. اڳي وارن چئلينجن سان منهن ڏيڻ وارا ته سوين ۽ هزارين هئا، پر اڄ لکن ۽ ڪروڙن جو جيئرو سماج آهي. ان ۾ منفي لاڙا به آهن جيڪي هر سماج ۾ هوندا آهن ۽ اهي وقتي هوندا آهن جيڪي سڀاڻي ڪنهن کي ياد به ڪونه هوندا آهن ڪنهن کي ڪيتريون گاريون مليون ڪنهن کي ياد به ڪونه رهندو. ڏسڻ کپي ته بهتر ڇا ٿي رهيو آهي. منهنجي خيال ۾ هي سماج مجموعي طور پنهنجي جوهر ۾ مزاحمت ڪرڻ وارو آهي ۽ ترقي پسند به آهي. مون کي پڪ آهي ته هي سماج پنهنجا هن وقت جا چئلينج ماضيءَ وانگر ٽپي اڳتي وڌنڌو. هميشه چار فيڪٽر پنهنجي ذهن ۾ رکڻ گهرجن، چئن مان هڪڙو به کٽايوسين ته اسان جو تجزيو Faulty هوندو. جڏهن به ڪنهن سماج جو تجزيو ڪبو آهي ان کي پرکبو آهي، اسان جو مسئلو اهو آهي ته اسان انهن چئن مان پنهنجي پسند جون شيون کڻندا آهيون. پوءِ نتيجو مايوسي نڪرندو آهي. چار فيڪٽر اهي آهن ته پهرين ڏسجي ته ڪنهن به سماج يا مظهر ۽ لقاءُ جي سگهه ڪيتري آهي ۽ سگهه جو پوٽينشل ڪيترو آهي. هڪڙو مثال ٿو ڏيان، مان اڪثر پنهنجي ليڪچرن ۾ پڙهائيندو آهيان مون کي “ارتقا” جي پليٽ فارم تي ڪجهه اردو ڳالهائيندڙ دوستن دعوت ڏئي گهرايو، جنهن ۾ سڀ سينئر، دانشور ويٺا هئا ۽ مون ليڪچر ڏنو، مان انهن کي چيو ته توهان انهن فاشسٽن کي خوش ٿي نه ڏسو ڇو ته آسپاس جي صورتحال مرندڙ آهي، ان جو ڪوبه مستقبل نه آهي ۽ نه ڏسو اسان واري پوئين سماج کي ته اهو ٻهراڙي جو آهي، اڀرو سڀرو آهي. مطلب هڪڙو ماڻهو آهي ستر اسي سالن جو مان ڪنهن ماڻهوءَ جي عمر تي طنز نٿو ڪريان بلڪه ان جي عمر جي حساب سان ڳالهايان ٿو. بظاهر تمام صحتمند ماڻهو آهي، پر ان جي اڳيان باقي ڪيترو مستقبل هوندو؟ پر هڪڙو غريب جو ٻار آهي جنهن جي سنگهه پئي وهي، ڪپڙا پورا سورا اٿس، ان کي کائڻ لاءِ ڪونهي، پر ان وٽ پوٽينشل آهي، سماج به ايئن هوندا آهن، لهرون به ايئن هونديون آهن. سڀ کان پهرين اهو ڏسڻ کپي ته اسان جي طاقت ڪهڙي ڪهڙي آهي ۽ ڪيترين سطحن تي آهي ۽ ڪهڙين شڪلين ۾ آهي ۽ انهيءَ جي ڪُلي سگهه ڇا آهي. جيڪڏهن اسان ان جو صحيح اندازو نه لڳايو ته مار کائينداسين، ٻيو اوتروئي اهم معاملو آهي ته اسان جون ڪمزوريون ڪهڙيون آهن، رڳو نرگسيت ۽ خود پسنديءَ ۾ وڃبو ۽ ڪمزورين کي نه ڏسبو تڏهن به سماج مار کائي ويندو، تحريڪون به مار کائي وينديون. سنڌ جي اندر اهو وڏو مسئلو به آهي ته اسان جو خارجي ڪمزورين تي ته دٻاءُ آهي، پر اسان ۾ اندروني ڪهڙيون ڪهڙيون ڪمزوريون آهن يا ڪهڙا ڪهڙا سنجيده مسئلا آهن، سياسي پارٽين ۾ ڪهڙا مسئلا آهن، ادب ۾ ڪهڙا مسئلا آهن، سماج ۾ ڪهڙا مسئلا آهن، يونيوسٽين ۾ ڪهڙا مسئلا آهن، تعليم ۾ ڪهڙا مسئلا آهن، بطور سماج ۾ ڪهڙا مسئلا آهن، جتي اسان کي پنهنجي طاقت کي ڏسڻ کپي اتي اسان کي پنهنجين ڪمزورين جو به بي رحميءَ سان جائزو وٺڻ گهرجي. پنهنجو پاڻ سان دغا ڪبي ته مار کائينداسين. ٽيون پاسو اڪثر ماڻهن کي نظر نه ايندو آهي ڇاڪاڻ ته اهو ڏسڻ ۾ نٿو اچي Intangible آهي، ڪمزوري Tangible آهي پرائي ته فورن نظر ايندي آهي ۽ Strength به Tangible آهي، پر موقعو (Opportunity) نظر ناهي ايندو. ان تي مان هڪڙو اڪثر مثال ڏيندو آهيان ته هڪڙي عالم ماڻهو کي جيل ۾ وجهبو ته هو جيل مان ڪتاب لکي ٻاهر نڪرندو ۽ نالائق ماڻهوءَ کي لائبريري ۾ بند ڪندوَ ته هو ڪتاب ڦاڙي نڪرندو. موقعو هر جاءِ تي آهي، دنيا ۾ ڪابه اهڙي جاءِ ناهي، اهڙو ڪو دور ناهي. تاريخ جي شاگرد جي حيثيت مان اهو سمجهڻ ته هاڻي دڳ بند ٿي ويا آهن، هاڻي گهٽي اڳيان بند آهي، اها ڪم فهمي آهي. ڪنهن به حالت ۾ اڳيان وڌڻ جا دڳ موجود آهن. اسان کي خبر ناهي هوندي، اسان کي ادراڪ ناهي هوندو، اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته غريب آهيان ڇا ڪريان؟ ڇا دنيا ۾ قومن ثابت ڪري ناهي ڏيکاريو، جتي قدرتي وسيلا آهن ئي ڪونه انهن ڪيئن ترقي ڪئي. اسان وٽ جتي هيترا وسيلا آهن انهن جا افعال خراب آهن ۽ جن سماجن ۽ ماڻهن وٽ وسيلا آهن ئي ڪونه يا نه هئڻ جي برابر آهن. اهي انساني وسيلن جي بنياد تي ايترو اڳتي وڌي رهيا آهن ته Opportunity اهي ئي شيون هونديون آهن نه، ته سنڌ کي اهي موقعا سياسي به آهن، سماجي به آهن، ثقافتي به آهن، تعليم ۾ به آهن، سوچ ۽ ڪردار ۾ به آهن ۽ ايئن چوندس ته آسمان حد آهي. چوٿون فيڪٽر اهو آهي ته اسان چو واٽي تي بيٺا آهيون، انفرادي طرح به ۽ اجتماعي طرح به. هڪ پاسي اسان جي سگهه آهي، هڪ پاسي اسان جون ڪمزوريون آهن، هڪ پاسي موقعا آهن، هڪ پاسي خطرا آهن، انهن چئن فيڪٽرز جي وچ ۾ اسان کي عمل ڪرڻو آهي. اصل ۾ ادراڪ ان کي چئبو آهي، ويزنري اهو آهي جيڪو ان صورتحال کي سمجهي سگهي. ان کي جيڪڏهن اپلاءِ ڪبو پنهنجي زندگيءَ تي ته اسان هر شعبي ۾ اڳيان وڌي سگهون ٿا. اها جيڪا اجائي خوش فهمي آهي يا ماضي پرستي آهي سنڌ اڳي به عظيم هئي هاڻي به رهندي هميشه عظيم رهندي اها ٿي خوش فهمي ۽ وري ڪجهه ڪونه ٿيندو سڀ تباهه ٿي ويو، هاڻي وڃي سنڌ جي فاتح خواني ڪريو، اها به دراصل غير سائنسي ۽ غير حقيقي سوچ آهي. اسان جي سماج جون پنهنجون سگهون آهن، سڀني شين کي ڏسڻو پوندو، پر مجموعي طرح مان سمجهان ٿو ته مان پنهنجي سنڌ جي مستقبل مان قطعي به مايوس نه آهيان.

زاهدھ ابڙو: توهان چئو ٿا ته موقعا هر جاءِ تي موجود آهن، پر ان مان انفرادي طور تي ماڻهو فائدو ڪيئن حاصل ڪري سگهن ٿا. مجموعي طور تي فائدو ڏيڻ جي لاءِ رياست ۽ حڪومتون ڪردار ادا ڪنديون آهن يا نه؟

جامي چانڊيو: حڪومتون اسان جهڙن ملڪن ۾ بنيادي طور عوام دشمن آهن ۽ اڃان چڱو دور عوام دشمن رهنديون. سماجي بيهڪ اهڙي آهي، رياست جو مزاج اهڙو آهي، اوليتون اهڙيون آهن، طبقاتي نظام اهڙو آهي، حڪومت سازي جا پئمانا اهڙا آهن، اليڪشنن جا خرچ وڏا آهن ان ڪري ٽئين دنيا جي اڪثريتي ملڪن ۾ ڏکڻ ايشيا تقريبن اهڙو آهي، آفريقا سڄو اهڙو آهي ۽ گهڻا پاسا ٻيا به اهڙا آهن. 1885ع ۾ ڪانگريس ٺهي جيڪا سيڪيولر پارٽي هئي، 1885ع کي سوا سئو سال ٿي ويا آهن ۽ اتي هڪ به مارشل لا ڪونه لڳي آهي تڏهن به ملڪ تي مودي ويٺو آهي. جنهن سماج کي سوا سئو سال سيڪيولر سياست جو تجربو هجي ۽ جتي چوهتر سالن کان جمهوريت آهي ۽ اسان وانگر اتي مارشل لا به ناهي لڳي، تڏهن به اڃان تائين اتي مودي ويٺو آهي. جرمني جهڙو ملڪ جيڪو يورپ جو پهريون نمبر معاشي ملڪ آهي. جرمني جهڙو ملڪ جيڪو ايترو ڊگهو عرصو سوشل ڊيموڪريسي ۾ رهيو آهي. هينئر اتي ڪنزرويٽو مذهبي جماعت جي حڪومت آهي. چوڻ جو مطلب اهو آهي ته دنيا ۾ اهي سڀ لهرون اٿنديون آهن. روسو جو خيال هو ته تهذيب انسان کي بگاڙيو آهي. روسو جو تهذيب ۾ ڪوبه اعتبار ڪونه هو، هو Naturalist هو. روسو چوندو هو ته هي سڄو بگاڙ توهان جي تهذيب جو آهي. روسو چوندو هو ته اهو هڪڙو سوشل آرڊر آهي تنهنڪري هن اهو چيو ته بهتر اهو اٿوَ ته موٽي واپس جهنگ ڏي هلو، (Back to nature). جيڪڏهن توهان ايئن نٿا ڪري سگهو ته پوءِ توهان کي ڪو نئون سوشل ڪانٽريڪٽ کپي ۽ اهو سوشل ڪانٽريڪٽ اهو ئي هو جنهن کي روسو چيو سيلف گورنمينٽ، ماڻهن کي لڳي ته اسان جي حڪومت ناهي، پر اسان پاڻ حڪومت ۾ آهيون. اهو ته هڪڙو خواب خيال آهي، دنيا ۾ اڃان تائين ان تي ڪجهه ڪونه ٿيو آهي. يورپين جمهوريت وري به ڪجهه تجربن مان گذري بهتري جي طرف آئي آهي، پر اتي به عوامي جمهوريت ڪونهي، اتي به اڃان عوامي جمهوريت جو خواب شرمنده تعبير نه ٿي سگهيو آهي، اڄ به اتي امير طبقو آهي. گهڻي ڀاڱي سرمائيدار طبقو آهي ۽ اسٽيٽ اڄ به ان فارم ۾ آهي، پر انهن جي حڪومت اسان جهڙن بڇڙن حالن کان گهڻي بهتر آهي. پاڪستان ۽ سنڌ ٽين دنيا جو حصو آهن، اسان کي اهڙين شين کي Condemn ڪرڻ کپي، مسلسل مزاحمت ڪرڻ گهرجي ۽ دل ۾ سمجهڻ به گهرجي ته اهو تڪڙو پراجيڪٽ ناهي جو ان مان جند ڇٽي وڃي. ڇو جو انهن سماجن جي بيهڪ ٻي آهي. عوام دشمن حڪومتن جو ڌنڌو اڃان ڪافي تائين جٽاءُ ڪندو، اها ڳالهه حقيقت پسندي تي مبني آهي. ها اسان جو ڪم انهن کي ڇڏي ڏيڻ لاءِ انهن جي خلاف مزاحمت ڪرڻ آهي انهن کي اگهاڙو ڪرڻ آهي. لينن چيو ته توهان دشمن کي جڏهن اگهاڙو ڪريو ٿا ته توهان اڌ جنگ کٽي ٿا وٺو. ماڻهن جي سامهون انهن جا صحيح چهرا پڌرا ڪريو ته اڌ جنگ توهان کٽي ويا. اها اسان جي مزاحمت ۽ انهن کي اگهاڙو ڪرڻ متبادل واٽ ڏيڻ، شاهه جي هڪڙي سِٽ آهي:

جيسين ڀڳي سائينءَ ڀير، جيسين رتو راس ٿئي

تيستائين اهو ڪم به جاري رهڻ کپي، مزاحمت جي متبادل واٽ جو، پر هن سماج کي ڪهڙو دڳ ڏجي، سماج جي شعور سازي ٿئي، سماج کي ڪيئن منظم ڪجي، هن سماج کي ڪهڙي اخلاق ۾، ڪهڙي ڪردار ۾ آڻجي اهو رڳو رياست جو ڪم ته ناهي نه. انهيءَ ڪري اهو ڪم سياست جو آهي، ادب جو آهي، استاد جو آهي، اهو ڪم باشعور ماڻهن جو آهي، اهو ڪم عالم جو آهي، اهو ڪم سڀني باشعور ماڻهن جو آهي. ان ڪري رياست جو تجزيو ڪري ان تي بس نٿو ڪري سگهجي. ٻي جنگ عظيم ۾ چرچل جي هڪڙي چوڻي مشهور ٿي ته، “جنگ هڪڙو حساس معاملو آهي جنهن کي جرنيلن جي حوالي نٿو ڪري سگهجي.” ليڊرشپ کي فيصلو وٺڻو پوندو ڇو ته سماج ايڏو حساس معاملو آهي جنهن کي رڳو رياستن جي حوالي نٿو ڪري سگهجي. ان ڪري سماج کي پنهنجي وارثي پاڻ به ڪرڻي پوندي، جيستائين اسان اهڙيون حڪومتون ٺاهڻ ۾ ڪامياب وڃون اسان جو سماج اتي پهچي. مان سڀني مذهبن جو تمام گهرو مطالعو ڪندو آهيان، مذهب منهنجي تمام گهڻي دلچسپيءَ جو موضوع آهي ۽ مذهب ايترو حساس موضوع آهي جو ان کي رڳو مُلن جي حوالي نٿا ڪري سگهون. اهي ميدان فقط انهن جا نه هجڻ کپن.

زاهدھ ابڙو: ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن کي خود مختياري ملي آهي، پر ان جي باوجود سنڌ جي حالت تبديل نه ٿي سگهي آهي ان جا ڪهڙا سبب آهن؟

جامي چانڊيو: گذريل ڏهن سالن ۾ ارڙهين آئيني ترميم تي سنڌ ۾ گهڻي ۾ گهڻو مون ئي لکيو آهي. منهنجا چاليهه کن مضمون ته گهٽ ۾ گهٽ ڪاوش ۾ ڇپيا هوندا. ارڙهين آئيني ترميم اسان جي خواهشن جي مطابق مڪمل نه هئي، اسان مظلوم قومن جي يا صوبن جي جيڪا گهر هئي ته آئين کي يا ته نئون ٺاهڻ کپي يا ان کي وري ترميم ڪري ڪجهه بهتر ڪيو وڃي ان حساب سان ته ارڙهين ترميم مڪمل نه آهي، پر ان جي باوجود آئين جي 286 آرٽيڪلن منجهان 103 آرٽيڪلن ۾ ترميم ٿي چڪي آهي. لڳ ڀڳ 37 سيڪڙو آئين تبديل ٿي چڪو آهي ۽ ڪافي بهتر ٿي چڪو آهي، پر اڃان ڪافي ڪم رهي ٿو. اڃان تائين به آئين ۾ بنيادي مسئلا موجود آهن. اڃان به آئين نان سيڪيولر آهي، مذهبي تفريق آهي، پر ان جي باوجود به جيترو ٿيو اهو بهتر آهي. هاڻي اها ارڙهين آئيني ترميم ته 2010ع ۾ ٿي، 30 جون 2011ع تائين ان کي لاڳو ڪرڻو هو. هينئر پاڻ جون 2021ع ۾ آهيون، پر اڃان تائين به ان ترميم جو اطلاق مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. پاڻ سنڌيءَ ۾ چوندا آهيون “ڏيندوسانءِ مان ڪونه گهرجانءِ تون نه.” سڄي ڳالهه کي جيڪڏهن سهيڙيان ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ان قسم جو مسئلو آهي. ان ڪري اڌ کان وڌيڪ جيڪا رڪاوٽ آهي اها وفاق پاڻ آهي ۽ رڳو وفاق عمران خان وارو نه، پر نواز شريف جي حڪومت وارو وفاق به رڪاوٽ هو ته خود پيپلز پارٽي وارو وفاق به رڪاوٽ هو. ڇو ته انهن کي به پنج سال مليا هئا. مڪمل اطلاق وفاق به ڪرڻ ڪونه ڏنو، رهيل اهو آهي ته صوبن وٽ به اها گهربل اهليت ۽ اهليت کان وڌيڪ ارادو ۽ تياري ڪونهي جيڪا مرڪز کان پنهنجا سمورا آئيني حق وٺي سگهي. مطلب ته مرڪز ۾ Reluctance آهي ۽ صوبن ۾ وٺڻ لاءِ سستي، نااهلي ۽ گهربل اهليت جو نه هجڻ آهي. جنهن جي نتيجي ۾ اڃان تائين گهڻا مسئلا آهن. هاڻي ته هڪڙي نئين ايجنڊا پئي اچي ته هن کي واپس وٺو، پر جيڪڏهن مڪمل طور تي واپس نٿا وٺو ته ان جو وڏو حصو واپس وٺو. جيتوڻيڪ ان جي باري ۾ ڪافي مزاحمت موجود آهي، اهو رڳو منهنجو خيال ناهي، پر جيئن ته مون کي موقعو ملندو رهيو آهي ته آئون اسلام آباد ۾ پارليامينٽيرينز کي پڙهائيندو رهيو آهيان ۽ آئون اتي سڀني پارٽين جي ميمبرن کي پڙهائيندو رهندو آهيان، جنهن ۾ ايم اين ايز به آهن، سينيٽرز  به آهن، جنهن ۾ گهڻو ڪري مرڪزي ميمبر به شامل آهن. مان توهان کي اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته جيڪي سياسي پارٽين جا نمائندا اسيمبلين ۾ ويٺا آهن جيڪو پنهنجي تجربي سان توهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان پنج کان ڏهه سيڪڙو ماڻهن کي تفصيل جي خبر آهي. نوي سيڪڙو کي اها خبر آهي ته ارڙهين ترميم آهي ان مان ڪن کي خبر آهي ته اها خراب آهي، ڪن جي خيال سان بهتر آهي. ان ۾ اندر ڇا آهي انهن کي خبر ڪونهي. چند آهن جيڪي تمام هوشيار آهن جن کي دلچسپي آهي. مسئلو اهو آهي ته جنهن ملڪ ۾ قانون سازن کي ان ترميم جي باري ۾ ڄاڻ ناهي ته عام ماڻهو کي ڪيتري ڄاڻ هوندي، صحافين کي ڪيتري ڄاڻ هوندي ۽ ساڳيو حال مان توهان کي ٻڌايان ته والٽن اڪيڊمي لاهور ۽ چئني صوبن جي اڪيڊمي NIM آهي، جتي پاڪستان جي سينيئر ترين بيورو ڪريسي هوندي آهي ته ساڳيو حال انهن جو به آهي. بيوروڪريٽ ٽيڪنوڪريٽ هوندو آهي. مثال طور: مان توهان کي ٻڌايان ٿو ته انهن کي اها خبر نه هئي ته پاڻي آئيني طرح وفاق جو اشو ناهي، پاڻي ته سي سي آءِ (ڪميشن آف ڪامن انٽريسٽ) جو اشو آهي. ايڪيهين گريڊ جا ماڻهو آئين کولي نٿا ڏسن. سينيئر آفيسرن کي ان سطح جي به ڄاڻ ڪونهي. جتي وفاقي حڪومت ۽ بيوروڪريسي جو ارادو ناهي ۽ اسٽيٽ به ان سان مطمئن نه آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ به مطمئن ناهي، ٻئي پاسي صوبائي حڪومتن تي Seen ۽ Unseen پريشر آهن ۽ انهن جون پنهنجون به نالائقيون ۽ نااهليون آهن، گهربل تياري ناهي. نتيجو اهو آهي ته ارڙهين ترميم جو جيڪو فائدو ٿيڻ کپندو هو جيڪو حقيقي طور تي ماڻهن کي ٿيڻ کپندو هو، پر اوترو فائدو نه ٿيو آهي، پر ايئن به ناهي ته ماڻهن کي بلڪل فائدو ڪونه ٿيو آهي. مان توهان کي مثال ٿو ڏيان ته ايتري نالائقي جي باوجود به بلوچستان جي بجيٽ جيڪا 2009ع جي هئي ارڙهين ترميم کان اڳ جي ڪل 53 ارب هئي ۽ هن سال اها سوا چار سئو ارب آهي. مطلب ته هنن ڏهن سالن ۾ ڇاڪاڻ ته بلوچستان جو اين ايف سي ايوارڊ ۾ جيڪو حصو هو 5.1 سيڪڙو هو، جيڪو وڃي بيٺو 10 سيڪڙو جيڪو ٻيڻو ٿي ويو. ايئن خيبر پختونخواهه کي فائدو ٿيو، سنڌ جي بجيٽ ۾ به يقينن واڌارو ٿيو آهي ۽ اڳي جي ڀيٽ ۾ وسيلا وڌيڪ آيا آهن. جيتوڻيڪ شيون اڃان درست ناهن، يقينن فائدا ٿيا آهن، پر جيترا فائدا ٿيڻ کپندا هئا نه ٿيا آهن. جنهن ۾ وفاق جي ڪوتاهي ۽ اسان جي نااهلي شامل آهي، پر حقيقت اها آهي ته هن ملڪ کي جيڪڏهن برقرار رکڻو آهي ته اها ڳالهه طئي آهي ته هن ملڪ ۾ حقيقي وفاقي پارلياماني نظام ۽ عوامي جمهوريت کانسواءِ ڪم ڪونه هلندو. انهن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي نه اچي، اڄ اچي سڀاڻي اچي دڳ اهو ئي آهي. ان ڪري ارڙهين ترميم اسان جي نظر ۾ بهتر پهريون قدم اهو آهي، جيڪو اڃان تائين هضم نه پيو ٿئي. ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته اسان ارڙهين ترميم کانپوءِ ٻي ڪنهن بهتر ترميم ڏانهن وڃون ها جيڪا هن آئين کي بهتر بڻائي سگهي ها. بهرحال اها ڳالهه ضرور آهي ته ارڙهين ترميم لاءِ ملڪ ۾ مجموعي طرح اونرشپ موجود آهي. جڏهن به اسٽيبلشمينٽ يا پي ٽي آءِ جي حڪومت ان کي رول بيڪ ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿي ته مزاحمت سامهون اچي ٿي ۽ انهيءَ تي اهي ڪاوڙيل آهن. ارڙهين ترميم تي عمل ٿيڻ گهرجي ۽ ارڙهين ترميم کان قصو اڳتي هلڻ گهرجي.

زاهده ابڙو: 1973ع جي آئين ۾ ڪجهه اهڙيون شيون نظر اچن ٿيون جيڪي سنڌ جي حق ۾ ناهن جڏهن اهو ٺهيو پئي ۽ اسيمبلي مان پاس ٿيو ته سنڌ مان ان جي مخالفت لاءِ آواز ڪونه اٿيا يا ان کي رفام ڪرڻ لاءِ گهر ڪونه ڪئي وئي ان باري ۾ توهان جو موقف ڇا آهي.

جامي چانڊيو: 1973ع جي آئين کي سمجهڻ جي لاءِ اسان کي ڪالونيل تاريخ جيڪا آئيني آهي، ان کي سمجهڻو پوندو. جيئن برٽش پارليامينٽ 1857ع ۾ انڊيا کي ٽيڪ اوور ڪيو ۽ هتي ڪمپني جي حڪومت هلي وئي ۽ هندستان ڊائريڪٽ برٽش ايمپائر جي ماتحت اچي ويو. ان کان فورن پوءِ آئيني ۽ قانوني سڌارا آيا ۽ هندستان جي لاءِ قانون سازيءَ جو ڪم شروع ٿي ويو. پوءِ منٽو مالرو جي ريفارمنس کانپوءِ 09-1908ع کان ٿيندو 1919ع ۾ وري ٻيا سڌارا آيا. آخرڪار 1935ع ۾ ايڪٽ آيو جيڪو ڪالونيل ايڪٽ هو جيڪو سينٽرلائيزڊ ايڪٽ هو. پاڪستان جي آئيني تاريخ ڏسون ٿا ته ان ۾ جيڪي به آئين آيا آهن مثال طور: 1947ع جو، آزاديءَ جو ايڪٽ، پارٽيشن ايڪٽ، انبيلنس ايڪٽ، اهي سڀ بنيادي طور 1935ع جو فريم ورڪ هو جنهن جو نالو بدلائي ٿورو تبديل ڪري جيڪو اسان کي Interim آئين طور مليو هو، جيڪو 9 سال پاڪستان ۾ هليو. 1947ع کان وٺي 1955ع تائين هليو. 1965ع ۾ آئين آيو جيتوڻيڪ اهو به Bicameral نه هو ان ۾ سينيٽ ڪونه هئي اهو Unicameral هو، اهو به 1935ع واري آئين جو Replica هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ۾ سبجيڪٽ وڌيڪ هئا، ان جو ٻيو سبب اهو هو ته اولهه پاڪستان ۾ صوبا ڪونه هئا. صوبي جو مطلب گريٽر پنجاب هو يا اولهه پاڪستان هو ۽ ان کانپوءِ 1970ع ۾ چونڊون ٿيون 1971ع ۾ بنگال جدا ٿيو. 1972ع ۾ ڀٽي صاحب جي دور ۾ عبوري آئين آيو جيڪو صدارتي آئين هو، وچ ۾ 1962ع جو آئين به آيو، جنهن کي مان ايئن چوان ته اهو ايوب خان جو آئين هو، ايوب خان لاءِ آئين هو ۽ ايوب خان جي پاران آئين هو. 1972ع جو آئين عبوري آئين هو جيڪو هڪ سال لاءِ هو ان سڄي تناظر ۾ پوءِ 1973ع جو آئين آيو، ان آئين جو جيڪو ڍانچو آهي يا Hierarchy of Power آهي اهو به دراصل 1935ع جي برطانيه جي ڪالونيل ايڪٽ جو تسلسل آهي. ان ڪري ان زماني ۾ به 1973ع جي آئين تي NAP اختلاف ڪيو، سائين جي ايم سيد اختلاف ڪيو، پليجي صاحب سخت لکيو، ٻين تمام گهڻين قوتن لکيو، ايئن ناهي ته 1973ع جي آئين جي مخالفت تڏهن ڪونه ٿي هئي، تڏهن به وڏي مخالفت ٿي هئي. خود اسيمبليءَ جي اندر ڊاڪٽر حئي بلوچ وارن ۽ ڪجهه ميمبرن آئين تي صحيحون نه ڪيون. پوءِ NAP ڪمپرومائيز ڪيو ۽ صحيحون ڪري ڇڏيون. اها به ڳالهه ڏاڍي عجيب آهي ته NAP کي راضي ڪرڻ لاءِ سائين جي ايم سيد وڏو ڪردار ادا ڪيو. بقول سائينءَ جي ته ڀٽو صاحب مون وٽ هلي آيو هو ۽ ٻڌايو ته ڀٽي صاحب کيس عرض ڪيو بهرحال 1973ع جو آئين بحال ٿيو. 1973ع جي آئين اندر بيشمار خرابيون هيون ۽ آهن. هڪ ته نان سيڪيولر آئين آهي، جنهن ۾ مذهبي تفريق آهي، صوبائي خود مختياري مڪمل ناهي ۽ ان جي اندر جيڪو بيلنس آف پاور هجڻ گهرجي اهو موجود ناهي، پر ٿيو ڇا جو ان انڌي منڊي آئين جي ضياءُ الحق جي اٺين ترميم ۽ مشرف جي سترهين ترميم جيڪو رهيل نور هئس اهو به چٽ ڪري ڇڏيو ۽ اهو هڪڙو اڻ اعلانيل طور صدارتي آئين ٿي ويو. پارلياماني آئين رهيو ڪونه، صدارتي آئين به ڪونه رهيو. ڇو ته صدارتي آئين ۾ صدر جوابده هوندو آهي ڪانگريس جي سامهون، سينيٽ جي سامهون، پر هتي ته فردِ واحد جي حڪمراني آهي ان سڄي ڪانٽيڪسٽ ۾ ارڙهين ترميم آئي ان ڪري 1973ع جو آئين اها حقيقت آهي ته حقيقي معنيٰ ۾ قومن جي خود مختاري، صوبن جي خود مختاري ۽ سيڪيولر تصور ۽ عوامي راڄ جي تصور جي بنياد تي هڪڙو انتهائي ناقص آئين آهي، اهو هڪڙين خاص حالتن ۾ ڏنو ويو، اهو اڄوڪي پاڪستان جهڙي سخت بحران ۾ ورتل رياست جو سوشل ڪانٽريڪٽ ٿيڻ جي صلاحيت نٿو رکي. ان ڪري اسان جو چوڻ اهو آهي بلڪه پاڪستان ۾ گهڻن ماڻهن جو چوڻ اهو آهي ته اصولي طور تي هن ملڪ کي نئون سماجي ڪانٽريڪٽ ملڻ گهرجي، پر جيستائين اهو ٿئي ۽ ان جي لاءِ حالتون ممڪن ٿين تيستائين جيڪو موجود آهي ارڙهين ترميم جي شڪل ۾ ان کي بهتر ڪريو ۽ جيڪو آهي ان تي عمل ڪريو، پر افسوس اهو آهي ته جيڪو موجود آهي نه ان تي عمل ڪرڻ جو ارادو آهي ۽ نه ان کي بهتر ڪرڻ جي ايجنڊا آهي. نتيجي طور آئيني بحران پاڪستان جو هڪ مستقل بحران آهي جيڪو کٽي نٿو.

زاهده ابڙو: ڇا وفاقي پاڪستان کي هڪ آئيني ڪورٽ جي ضرورت آهي جيڪا صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ آئيني مسئلن کي نبيري سگهي؟

جامي چانڊيو: پاڪستان سميت دنيا ۾ اوڻٽيهه وفاقي ملڪ آهن، 194 ملڪ UNO جا ميمبر آهن ان مان اوڻٽيهه ملڪ وفاقي آهن ڪي پاڪستان جهڙا ڪچا ڦڪا آهن، ڪي بهتر آهن. جيڪي به بهتر ڪامياب وفاقي ملڪ آهن، جيئن ڪئناڊا، آمريڪا جو کڻي هونئن عالمي سامراجي ڪردار آهي، پر اندروني حساب سان اها به هڪ فيڊريشن آهي ۽ ان ۾ ڪافي ڪامياب آهي. لاطيني آمريڪا (سائوٿ آمريڪا) جون چار رياستون آهن، يورپ ۾ رشيا آهي، جرمني ۽ اسپين آهن، بيلجيم، نائيجيريا ۽ سوڊان ۽ مسلمان ملڪن ۾ ملائيشيا ڪامياب وفاقي ملڪ آهن. دنيا جي سمورن ڪامياب وفاقي ملڪن ۾ وفاقي، آئيني عدالت لازمي هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته بين الحڪومتي ۽ بين الصوبائي تڪرار هوندا آهن اهي نبيرڻ جي لاءِ رياست کي عدالت کپي. ٻيو اهو به فائدو ٿيندو آهي ان سان ته سپريم ڪورٽ جي مٿان گهڻو بار نه پوندو آهي، سپريم ڪورٽ کي ٻيا معاملا ڏسڻ کپن جيڪي ملڪ جي ماڻهن جا مسئلا آهن. رياستي معاملا ڏسڻ هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ جو ڪم نه هجڻ کپي، رياستي معاملا ڏسڻ جي لاءِ هڪڙي ڪورٽ هوندي آهي اها هوندي آهي وفاقي آئيني، جنهن ۾ جيڪڏهن صوبن کي مسئلا هجن يا وفاق کي ته ٻئي ڌريون اتي مسئلا کڻي وڃن. هن وقت اسان وٽ Hotchpotch آهي. هاءِ ڪورٽ به ڊيل پئي ڪري، سپريم ڪورٽ به ڊيل پئي ڪري، بين الحڪومتي ۽ بين الصوبائي معاملن کي ڏسڻ جي لاءِ عدالتي مڪينزم آهي ڪونه، پر سي سي آءِ آهي رڳو، جيڪو سياسي فورم آهي. جناح صاحب رڪارڊ تي آهي ته هن 1946ع ۾ اها ڳالهه ڪئي هئي ته پاڪستان ۾ يقيني طور تي وفاقي، آئيني ڪورٽ هوندي جنهن جو هن جي سڀني بايوگرافين ۾ حوالو ڏنل آهي، پاڪستان ۾ وفاقي شريعت ڪورٽ ٺهي وئي جڏهن ته رياست کي ڪي به شرعي مسئلا درپيش ناهن، شرعي مسئلا ته ماڻهن کي درپيش هوندا آهن، ماڻهن جي لاءِ عدالتون آهن، لوئر ڪورٽس آهن، هاءِ ڪورٽس آهن، سپريم ڪورٽ به آهي، پر رياست کي جيڪي به مسئلا درپيش آهن اهي ته آئيني آهن انهن جي لاءِ ڪورٽ کپي اها اڃان تائين مسنگ آهي. اڃان تائين پاڪستان صحيح معنيٰ ۾ هڪڙي مڪمل معياري متوازن فيڊريشن ناهي. ڇاڪاڻ ته فيڊريشن هجڻ جا جيڪي تقاضا ۽ گهرجون آهن پاڪستان اڃان پوريون نٿو ڪري ۽ اهڙا ٻيا به ملڪ آهن، ان ڪري ئي پاڪستان ۾ وفاقيت جو بحران آهي. جو هڪڙو ملڪ آئيني طور تي وفاقي آهي ۽ دعويٰ ڪري ٿو ته وفاقي آهي، پر ان ملڪ جي اندر جيڪي تقاضائون، اصول ۽ گهرجون آهن اهي پوريون ٿيل نه آهن ۽ اهو بحران تيستائين رهندو يا اهڙا بحران تيستائين رهندا جيستائين هن ملڪ جي اندر ملڪ جي آئين کي صحيح معنيٰ ۾، ملڪ جي سياسي نظام کي صحيح معنيٰ ۾ وفاقي پارلياماني نظام ۾ تبديل نٿو ڪيو وڃي.

زاهده ابڙو: قومپرستي جي سياست سنڌ کي ڇا ڏنو ۽ ڇا ورتو آهي؟

جامي چانڊيو: توهان جو سوال آهي ته قومپرستي جي سياست جي ڪهڙي حصيداري آهي ۽ ڪهڙا مسئلا آهن. منهنجي خيال ۾ ان ۾ ٻئي پاسا آهن هڪڙو پاسو مثبت اهو آهي ۽ ٻيو منفي. اوڻيهين صديءَ ۾ نيشنلزم تعمير ٿيو. دنيا ۾ جديد نيشنلزم جي نظرياتي تعمير ٿي ئي اوڻيهين صديءَ ۾ آهي يعني انقلابِ فرانس کان پهتي آهي. ڇو ته شهنشاهتن ۽ بادشاهتن ۾ ته قومي سوال هوندو ئي ڪونهي. رياست ۾ قوم هوندي آهي، قومي رياست هوندي آهي ۽ ان کانپوءِ نيشنلزم جو هڪڙو فڪر يا نظريو به اڀريو. ويهين صديءَ ۾ جيئن ئي ڪالونيل دور ختم ٿيو ته دنيا ۾ قومي آزاديءَ جي وڏي لهر اڀري. ڇاڪاڻ ته ڪالونيل دور ۾ ته قومون غلام هيون جيئن ئي ان جو دور ختم ٿيو ته نئين گلوبل آرڊر ۾ قومي آزاديءَ جون تحريڪون تمام تيز ٿيون ۽ پوءِ ظاهر آهي ته فڪر تيز ٿيو ته ان پسمنظر ۾ سنڌ جي اندر به جيئن ته قومي سوال موجود هو، سخت قومي مسئلا درپيش هئا، پاڪستان جي اندر وري ون يونٽ جي اندر سنڌ کي صفا گم ڪيو ويو، سائين جي ايم سيد ۽ جويو صاحب جو وڏو ڪردار آهي، پر جيڪو بنيادي آرڪيٽيڪٽ آهي سنڌي قومپرستي جو اهو سائين جي ايم سيد ئي آهي. هن تمام گهڻا ڪتاب لکيا، سنڌي نيشنلزم کي هڪڙي نظرياتي فريم ورڪ ۾ آندو، سنڌو جي ثقافت کي تاريخي تناظر ۾ کڻي آيو. هن “پيغامِ لطيف” ڪتاب لکي سنڌ جي قومي شاعر جي ڳالهه ڪئي ته شاهه عبداللطيف سنڌ جو قومي شاعر آهي، هن سنڌ جا سورما لکي سنڌ کي پنهنجا سورما ڳولي ڏنا. مطلب ته توهان وٽ پنهنجي تاريخ به آهي، پنهنجو وطن به آهي، ڌرتي به آهي، سڃاڻپ به آهي، توهان وٽ قومي شاعر به آهي، توهان وٽ قومي سورما به آهن، توهان وٽ سنڌي ٻولي به آهي. مطلب ته قوم هجڻ جا جيڪي به تقاضا گهربل آهن، سائين جي ايم سيد پنهنجن ڪتابن ۽ مقالن ۾ لکي سنڌي نيشنلزم جو هڪڙي قسم جو پورو ڍانچو ٺاهيو، جيڪو اسان جي لاءِ تاريخي طرح تمام اهم آهي ۽ سنڌ جي ارتقا جو هڪڙو ڏاڪو آهي. منهنجي خيال ۾ ته صرف نيشنلزم سماج لاءِ ڪافي ناهي ٿيندو. ڪنهن به سماج لاءِ طبقاتي سوال تمام اهم سوال هوندو آهي، پر نيشنلزم به هڪڙو اهم ترين پاسو ٿئي ٿو جيڪو سائين جي ايم سيد جوڙيو. جيڪڏهن آئون مختصر ڳالهه ڪريان ته ان جون ڪاميابيون ڪهڙيون آهن ته پهرين ڳالهه اها ته سنڌي قوم جو تصور واضح ٿيو. سنڌ کي هڪ قوم طور ڏسڻ جي باقائدي شروعات ٿي. تاريخي حقيقت طور اها سڃاڻپ ٿي ته سنڌي قوم آهي ۽ ٻين شعبن کي جيئن ادب، سياست، سوچ کي اثر انداز ڪيو. ويندي تصوف جي شڪل ڪهڙي آهي ان حد تائين قومپرستي جي لينس سان اثر ڇڏيو ۽ اها هڪڙي وڏي ڪاميابي آهي. سائين جي ايم سيد سياستدان هو ۽ هن جو فڪر به سياسي هو ته ان ڪري سنڌ اندر هڪڙو سياسي ۽ قومپرستي جو دور ان شڪل ۾ شروع ٿيو. ان سڄي پنڌ ۾ سياسي قافلن جون قربانيون آهن ۽ هڪڙو وڏو پنڌ آهي ۽ ان سان گڏ ٻين تحريڪن، جيئن کاٻي ڌر جي تحريڪن جتوئي حيدر بخش آهي، رسول بخش پليجو آهي انهن جون تحريڪون آهن انهن به سجاڳي پيدا ڪئي. قومپرستي جو به سنڌ جي سياسي سجاڳي ۾ حصو آهي ۽ ايئن نه آهي ته رڳو ان جو حصو آهي، پر ان جو اهم ڪردار آهي. هاڻي اچون ٿا ٻئي پاسي ته ٻه ٽي پرابلم به آهن سنڌي قومپرستي جا، جيڪي ان جي سگهاري ٿيڻ ۾ رڪاوٽون آهن. هڪڙي وڏي رڪاوٽ اها آهي ته سائين جي ايم سيد کانپوءِ ان سطح جو ڪوبه ماڻهو ان تحريڪ پيدا ڪونه ڪيو، ڀلا ان سطح جو نه هجي ها ان جي اڌ جيترو هجي ها ۽ جيڪي ماڻهو ڪجهه پڙهيل لکيل هئا ته وري اهڙي ڪردار جا حامل ڪونه هئا، جيئن سائين جو ڪردار هو. نتيجي ۾ ليڊرشپ جو جيڪو سائين جي صورت ۾ عالمانه شڪل ۾ هو اهو پوءِ وري ڪڏهن به نه ٿيو. آريسر صاحب به هو ته ان جو پنهنجو هڪڙو معاملو آهي، آريسر جو پنهنجو هڪڙو دائرو هو. بنيادي طور تي بشير خان قريشي يقينن ان روايت کي عوامي رنگ ڏيڻ ۾ ۽ گهڻن نوجوانن تائين کڻي وڃڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. جنهن جي ڪري هو ڪافي مقبول ٿي ويو. ان ۾ ڪافي صلاحيت هئي جو هو ماڻهو گڏ ڪري سگهندو هو ۽ تحرڪ پيدا ڪندو هو. ڪمزور پاسا اهي آهن ته قومي تحريڪ ۾ جيڪا دانشورانه پختگي هجڻ کپي ها اها اڄوڪي دور ۾ نظر نٿي اچي. بلڪه اڪثريتي ڪارڪن ته مون اهڙا ڏٺا آهن جن ٻين کي ته ٺهيو، پر خود سائين کي به نه پڙهيو آهي. ٻيا فلسفا، ٻيا شعبا ته پنهنجي جاءِ تي، پر سائين جيڪو ڪجهه لکي ويو آهي ان کي ڀلا پڙهن اهو به مون کي لڳي ٿو ته اڪثريتي ڪارڪن نٿا پڙهن. قومپرستي جي appeal وڏي آهي، قومپرستي جي نعري مان متاثر گهڻا آهن، انگ ۾ تمام گهڻا آهن، پر معيار ۾ تمام گهٽ آهن، جيڪي توهان ڳڻائي سگهو ٿا. ليڊرشپ ليول تي يا ڪارڪن، مثال طور نوجوانن مان ڪجهه اهڙا آهن جيڪي ڏوهن جو شڪار ٿيا يا تشدد کي اختيار ڪيو آهي. سائين جي ايم سيد چوندو هو ته سندس فڪر عدم تشدد جو فڪر آهي. ايئن به ناهي ته اهو ڪو ڪوڙو الزام آهي، اها حقيقت به آهي ته سڀ نه، پر ڪجهه حصو ضرور ان ۾ شامل آهي. اسان انهن کي پاڻ ڀوڳيو به سهي ان ڪري يونيورسٽين ۾ ماحول ڪيئن ٺاهي رکيو ويو. اها جيڪا روايت ۽ لاڙا اچي ويا انهن ان سڄي تحريڪ کي نقصان رسايو. سائين جي ايم سيد جي روايت ۽ تسلسل کي نقصان رسايو. سنڌي نيشنلزم کي اهو سمجهڻو پوندو ته ايڪيهين صديءَ ۾ ان جي شڪل ڪيئن هجڻ گهرجي. ايئن ته ناهي ته ڪوبه فڪر جامد فڪر آهي. سائين جي ايم سيد جا جيڪي ماڻهو ڪتاب پڙهندا انهن کي خبر آهي ته هو پاڻ تمام گهڻو عقليت پسند ۽ منطقي ماڻهو هو، جذباتي رڳو طبيعت ۾ هو، پر پنهنجي تحريرن ۾ ڪٿي به جذباتي ناهي. اها هڪڙي عجيب دلچسپ ڳالهه آهي. سائين جي ايم سيد جي شخصيت هن جي بقول به ۽ اسان ڏٺي به سهي ته هو تمام جذباتي مزاج جو ماڻهو هو، پر اهو سندس ڪمال هو ته ڪتابن لکڻ وقت يا پنهنجي فڪري معاملن ۾ قطعي غير جذباتي هوندو هو. هو انتهائي علمي ۽ عقلي ماڻهو (جامي چانڊيو پنهنجي ڪتابن ڏانهن اشارو ڪندي) ته هي سڄو خانو سائين جي ايم سيد جي ڪتابن جو آهي. هن پنهنجي سڀني ڪتابن ۾ ورائي ورائي لکيو آهي ته هو هر ڳالهه ۾ ارتقائي مظهر ۾ يقين رکي ٿو، جيڪا تمام اهم ڳالهه آهي. جڏهن هو هر ڳالهه کي ارتقائي تناظر ۾ ڏسي ٿو ته ان جو مطلب آهي ته ڪابه شيءِ حتمي ۽ آخري نه هوندي. خود سائين جي ايم سيد جو فڪر به حتمي ۽ آخري نه هوندو بقول هن جي فڪر جي. جيڪڏهن سائين جي فڪر جي تناظر ۾ ڏسبو ته اها سائين سان زيادتي ٿيندي ته سندس لفظ حرفِ آخر آهي. سائين کي جيترو پنهنجي حالتن آهر هن مناسب سمجهيو ۽ هن کي سمجهه ۾ آيو هن ايمانداريءَ سان پنهنجي سماج سان ونڊيو، ان کي پيش ڪيو، پر هن اهو ته ڪڏهن چيو ئي ڪونه ته سندس حرف آخر آهي. ڇو ته هو ارتقائي پروسيس ۾ يقين ٿو رکي. اڄ به قومي تحريڪ کي ڏسڻو پوندو ته ايڪيهن صديءَ ۾ قومي سوال ڪيئن بيهندو، دنيا ۾ قومي تحريڪون ڪهڙي انداز سان اڳتي پيون هلن، پاڪستان جون حالتون ڪيئن آهن، ڏکڻ ايشيا جون حالتون ڪيئن آهن، هن خطي جو حالتون ڪيئن آهن. ان ۾ اسان جو سڄو قومپرستي جو سوال ڪهڙي بيهڪ ۾ بيهڻ کپي تڏهن وڃي ڪا قومپرست تحريڪ حالتن کي منهن ڏيئي سگهندي. جنهن جي کوٽ مان ڏسان ٿو.

زاهدھ ابڙو: اسان وٽ هڪڙو عام خيال اهو آهي ته اسان جو قومپرست انهن طاقتن جي هٿ ۾ استعمال به ٿيو آهي جنهن جي خلاف هو وڙهي ٿو.

جامي چانڊيو: جڏهن به ڪي تحريڪون پنهنجين چڱائين، طاقتن ۽ حصيدارين سان گڏ ڪجهه غلط لاڙا به رکنديون آهن. ظاهر آهي دشمن به ايترو بي عقل ته ناهي نه. ان ڪري هڪڙا لاڙا هو پلانٽ ڪري ٿو ٻيا لاڙا جيڪي موجود آهن انهن کي پنهنجي فائدي جي لاءِ استعمال ڪري (exploit) ڪري ٿو، انهن جو فائدو وٺي ٿو، هڪڙي کي چئبو آهي ايجنٽ (agent) ٻئي کي چئبو آهي ايجنٽ پرووڪيٽر (agent provocateur). هڪڙا ماڻهو پوري دنيا ۾ تحريڪن ۾ فٽ ڪيا ويندا آهن اهي ٿيا ايجنٽ هتي به رهيا هوندا يقينن ۽ ڪيترن ماڻهن اعتراف به ڪيو آهي ۽ ٻيا ٿيندا آهن ايجنٽ پرووڪيٽر جن کي خبر نه هوندي آهي ته اهي به ايجنٽ آهن، اهي اصل ۾ ڪم اهو ڪري رهيا هوندا آهن جيڪو دشمن جي فائدي ۾ هوندو آهي. جيئن تعليمي ادارن ۾ غنڊه گردي هئي، لوفرائپ هئي، ڏوهاري عنصرن سان تعلق هو، هاڻي انهن کي خبر هئي يا الائي نه هئي. هڪڙا انهن مان پلانٽ ٿيل هوندا ۽ ٻيا اهوئي ڪم ڪري رهيا هئا جيڪو ضياءُ شاهي يا دشمن چاهي رهيو هو ته جيئن قومي تحريڪون بدنام ٿين، عوامي تحريڪون بدنام ٿين، اهي ماڻهن جي سامهون سهي روپ ۾ پيش نه ٿي سگهن ۽ پنهنجا مقصد حاصل نه ڪري سگهن. ان ڪري توهان ڏسو نه جڏهن به تحريڪن اندر غلط لاڙا اڀرن ٿا يا اڀاريا وڃن ٿا ٻنهي صورتن ۾ ان جون مخالف قوتون يا دشمن قوتون فائدو وٺن ٿيون ۽ سنڌ ۾ ان جو ڀرپور فائدو ورتو ويو آهي. اڄوڪي دور ۾ هن ڳالهه کي مڃڻو پوندو ته حقيقت پسندي کان وڏو ڪو استاد ناهي. هڪڙو ماڻهو بيمار آهي، پر هو چوي ٿو ته مان بيمار آهيان ئي ڪونه. توهان نوٽ ڪيو هوندو ته نفسياتي مريضن جو علاج ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. ڇو جو اهي انڪار ڪندا آهن پنهنجي بيماريءَ جو. اک جو مسئلو آهي يا دل، جگر يا  ٻيو ڪو مسئلو آهي ته هو پاڻ ڊاڪٽر ڏانهن هليو ويندو، آپريشن به ڪرائيندو، پر جي نفسياتي مسئلو اٿس ته هو ڊاڪٽر ڏانهن نه ويندو انڪار ڪندو. ان ڪري سڄي دنيا ۾ نفسياتي علاج ڏکيو هوندو آهي. ڇو ته مريض پنهنجي بيماري کان انڪار ڪندو آهي. اسان به بطور سماج جي ۽ اسان جون تحريڪون جن تي اسان تنقيد ڪريون ٿا ان ڪري نٿا ڪريون ته اهي اسان کي نه کپن. تنقيد ان ڪري ٿي ڪجي ته اسان کي بهتر حالت ۾ گهرجن. ڇاڪاڻ ته اهي تحريڪون عوام جي ۽ سماج جي سگهه آهن، پر جيڪڏهن غلط لاڙا رکنديون ۽ پاڻ کي درست نه ڪنديون ته جيئن لطيف سائين چيو آهي:

هيکليون هلن جي، سي تاڪن سندي توڻ،

هيءَ اهکي ڀونءِ سونهن ريءَ نه سُڌري،

ڏونگر ڏنا نوڻ، مون پارکو پڇيا.

اسان جي سياسي تحريڪن کي چاهي اها قومي تحريڪ هجي، کاٻي ڌر تحريڪ هجي، عوامي جمهوري تحريڪون هجن، انهن کي سمجهڻو پوندو، سگهه کي سمجهڻو پوندو، ان تي فخر به ڪري سگهبو، پر ڪمزورين کي ڪير ڏسندو، اهو ته پاڻ ڏسڻو پوندو. اسان جون ڪمزوريون دشمن کي ته وڻنديون اهو ته انهن کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪندو ۽ ڪري پيو. اسان کي پنهنجي سڀني تحريڪن جي ڪمزورين تي نظر رکڻ گهرجي ته جيئن اهي دشمن جو سولو کاڄ (تاڪن سندي توڻ) نه ٿين.

زاهدھ ابڙو: توهان سنڌ جا لاڏلا پٽ ٿي رهيا آهيو، پر ويجهڙائي ۾ توهان تي ڇتي تنقيد به ٿي آهي اسان جي پڙهندڙن کي ٻڌايو ته ان جا ڪهڙا سبب آهن.

جامي چانڊيو: اهو سوال ڏاڍو دلچسپ آهي ۽ سچي ڳالهه اها اهي ته ماڻهن جو پيار ڪنهن کي نه وڻندو مون کي به وڻندو آهي، پر اها ڪڏهن به منهنجي ڪمزوري نه بڻيو آهي. ان معنيٰ ۾ ته ماڻهن جو پيار ڏسي مان پنهنجي آزاد حيثيت جو سودو ڪري ڇڏيان. پيار به هڪڙي صورت ۾ قرض (liability) ٿي سگهي ٿو. مطلب ته توهان ڪيترن سوالن تي جيئن امر جليل جي سوال تي ڪيترا مذهبي ماڻهو مون سان پيار ته ڪندا هئا، پر جڏهن مان ايئن اٿي بيٺس ته مون کي خبر آهي ته انهن کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ مون کي ڪيترن ماڻهن لکيو، اتي منهنجي لاءِ امتحان هو ته ڇا مان ماڻهن جي پيار جو قيدي ٿي ماڻهن جو مائوٿ پيس ٿيان انهن جي خواهشن جي پٺيان ڊوڙان يا مان جيڪو به آهيان غلط آهيان يا درست آهيان منهنجي پنهنجي آزاد سوچ يا ضمير تي بيهان. مون کي ڪڏهن نه پيار ايڏو ڪمزور ڪيو آهي جو آئون ان تي سودو ڪريان. وقتي طور تي جيڪي تنقيد جون لهرون اڀرن ٿيون اهي مون کي ڪڏهن پريشان نه ڪنديون آهن، ڇو ته مان سماج جو شاگرد آهيان، سماج کي سمجهڻ جو شاگرد آهيان، ان ڪري مان سمجهان ٿو ته خوشي پسند ڪرڻ نا پسند ڪرڻ، ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ اهي سڀ زندگيءَ جا اظهار آهن. ساڳيا ماڻهو توهان سان پيار به ڪندا وري ڪن ڪيفيتن تي توهان تي ڪاوڙ به ڪندا. پيءُ ماءُ اولاد سان پيار به ڪن ٿا ته وري ڪاوڙ به ڪن ٿا. اولاد ڪڏهن پيار ڪري ٿو ته ڪڏهن ڪاوڙ به ڪري ٿو، دوست به ايئن هوندا آهن. مان سماج کي به ايئن سمجهان ٿو. ها ڪي فرد بدنيت هوندا انهن جي ايتري اهميت ناهي هوندي. ان جو سبب مان اهو ٿو سمجهان ته جڏهن توهان پبلڪ لائف ۾ هوندا آهيو ته ان جي هڪڙي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي. ان جي قيمت اها آهي ته ماڻهن جا هجوم جيئن چاهين ٿا ۽ سوچين ٿا توهان ايئن ٿي وڃو. ڪيترين جاين تي توهان ۾ ۽ هجومن ۾ هم آهنگي آهي ته ماڻهو خوش ٿا ٿي وڃن، ڪيترين جاين تي توهان جي ۽ هجومن جي سوچ ۾ فرق آهي ته ماڻهو چڙي ٿا پون. ڇو ته اهو جيڪو پيار آهي اهو غير مشروط ناهي جيڪو توهان کي سماج ڏئي ٿو، اهو پيار مشروط آهي، ڪيترن موقعن تي توهان کي پابند ٿو ڪري ته توهان کي اهو ئي ڪرڻو پوندو جيڪو توهان کي جيئن اهي گروهه يا هجوم چاهين ٿا ايئن ئي ڪريو. هڪ آزاد ليکڪ يا مفڪر کي ان ٻه واٽي تي سوچڻو پوندو ته هو هجومن جي پويان وڃي يا جيڪو سندس فهم چوي ٿو ان جي پويان وڃي. ان ڪري اهڙا مرحلا ماضيءَ ۾ به آيا آهن ۽ اڳتي به ايندا رهندا، پيار به ايندو رهندو، ڪاوڙون به ٿينديون رهنديون. ان ڪري ان جو جواب هن ريت ڏيندس ته مون کي ماڻهن جو پيار ڪرپٽ نٿو ڪري سگهي ٿو، ڪرپٽ جو مطلب توهان کي گوتم ٻڌ جي هن واقعي سان ٻڌائڻ چاهيندس. گوتم ٻڌ جڏهن 29 سالن ۾ بنواس ورتو ۽ 6 سال ان سڄي عمل ۾ رهيو ۽ پوءِ چيائين ته کيس نرواڻ مليو آهي ان وچ ۾ هو جينن جي هٿ چڙهي ويو ۽ پاڻ به جيني ٿي ويو. توهان هڪڙو مجسمو ڏٺو هوندو جنهن ۾ سندس پيٽ ڏرا ڏيئي ويو آهي ۽ هو هڪ ڍانچي طور نظر اچي ٿو اهو زمانو هو جڏهن هن سڀ ڪجهه تياڳ ڪري ڇڏيو هو ۽ ذري گهٽ مرڻينگ ٿي ويو هو ۽ سجاتا نالي هڪڙي ڇوڪريءَ کيس بچائي ورتو. هي دريا جي ڪناري تي ذري گهٽ مئو پيو هو، سجاتا ڀڳوانن جي لاءِ کير کڻي ايندي هئي ۽ ارملا جي جهنگلن ۾ رکي ايندي هئي. هن ڏٺو ته هڪڙو حسين و جميل ماڻهو مرده حالت ۾ اتي پيو آهي، بک ۾ پاهه آهي. هن سندس چپن تي کير هاريو جيڪو ٻڌا پيتو ۽ هو بچي ويو ۽ گوتم ان حالت مان نڪري آيو ۽ پوءِ ڏاڍي ڪمال جي ڳالهه ڪيائين ته جيئن سُک توهان کي ڪرپٽ ڪري ٿو، ڇو ته حد کان وڌيڪ سک ۽ آرام توهان جي جسم کي ڪرپٽ ڪري ٿو ۽ پوءِ توهان چند مخصوص حالتن جا محتاج ٿي ٿا وڃو ۽ پوءِ ان جي گُهر ڪريو ٿا ۽ ان حالت مان  نڪرڻ کانپوءِ ٻڌا چيو ايئن ساڳئي طريقي سان بک به ماڻهوءَ کي ڪرپٽ ڪري ٿي. حد کان وڌيڪ بک به سهي ناهي. مان سمجهان ٿو ته نه شهرت کي اهو استحقاق هجڻ کپي، جو توهان کي ڪرپٽ ڪري، توهان کي زماني جهڙو ٺاهي ڇڏي ۽ نه وري توهان کي ماڻهن جي وقتي مخالفت ڪرپٽ ڪري سگهي. انهن ٻنهي کان ماڻهوءَ کي مٿي هجڻ گهرجي. توهان ڏسندوَ ته دنيا جو هر اوريجنل ماڻهو جيڪو آزاد آهي، جيستائين سنڌ ۽ دنيا آزاد ٿئي تيستائين اسان کي هڪ فرد جي طور تي پنهنجو پاڻ کي آزاد رکڻ جو حق آهي ۽ مان پنهنجو پاڻ لاءِ فخر سان چئي سگهان ٿو ته مان آهيان ۽ مان دنيا جو آزاد ترين انسان آهيان. هن زمين تي ڪنهن کي اختيار نه آهي نه مذهب کي، نه سماج کي، نه خاندان کي، نه اولاد کي، نه پيءُ ماءُ کي ته مان جيڪو ڪرڻ چاهيان ان کان مون کي ڪير روڪي سگهي هرگز نه ۽ جيڪو نه ڪرڻ چاهيان اهو مون کان زبردستي ڪير ڪرائي وڃي اهو ممڪن ناهي ۽ ان جي مون گهڻي قيمت ادا ڪئي آهي. اها ڳالهه توهان کي ٻڌائيندو هلان ته اهي ئي ساڳيا ماڻهو جيڪي توهان تي ڪاوڙ ڪندا آهن، توهان تي لکندا آهن وري ساڳيا ئي ماڻهو جڏهن توهان سان ملندا آهن ته وري ڀاڪر پائي ملندا آهن ته مان ان کي زندگيءَ جو حصو سمجهندو آهيان. ڪهڙو ماڻهو آهي جنهن جو سماج ۾ پنڌ هجي ۽ اهو انهن ٻنهي پاسن کان نه گذريو هجي ۽ جيڪڏهن نٿو گذري ته ان جو مطلب آهي ته هو غير اهم ۽ سماج کان ڌار (irrelevant) آهي. سر سيد احمد خان مون کي وڻندو به آهي، پر ان سان منهنجو اختلاف به ڏاڍو آهي ان جي هڪڙي ڳالهه تمام گهڻي ڪمال جي آهي، هن کان پڇائون ته ماڻهو توکي روز گاريون ڏين ٿا ۽ ماڻهو توسان ڏاڍو پيار به ڪن ٿا ان جو سبب ڇا آهي. هن چيو جيڪي پيار ڪن ٿا انهن جي مهرباني آهي انهن کي ڏيڻ جي لاءِ مون وٽ ڪجهه به ناهي، پر جيڪي گاريون ڏين ٿا اهي ٻن قسمن جا ماڻهو آهن هڪڙا اهي ماڻهو آهن جيڪي مون کي گاريون ڏين ٿا جن جي آئون خلاف آهيان. هر رجعت پسند، هر ٺڳ، هر بدمعاش، هر ڦورو منهنجي خلاف ئي هوندو. وري هو چوي ٿو ته ٻيا اتفاق سان اهي ماڻهو هوندا آهن جيڪي اهو ڪم نٿا ڪري سگهن جيڪو ڪم مان ڪري سگهان ٿو، ان ڪري اهي سماج جا رويا آهن ۽ مان ان ڳالهه کي دستوري طور سمجهان ٿو. بس ڏسڻ اهو کپي ته توهان جو پنهنجو ضمير ڇا ٿو چوي. مان هڪ دفعو پنهنجي گهرواري (بلقيس) کي چيو ته جيڪڏهن زندگيءَ جي ڪنهن موڙ تي مون کي پنهنجي آدرشن ۽ ٻارن مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پئي ته مان پنهنجا آدرش چونديندس ۽ پنهنجن ٻارن تي سمجهوتو ڪري وٺندس.

زاهدھ ابڙو: دنيا ۾ ادب هجي يا سياست يا سماجي مسئلا هجن ماڻهو منطقي انداز ۾ سوچين ٿا ۽ فيصلا ڪن ٿا، پر اسان وٽ سنڌ ۾ شخصيت پرستي اڃان عام آهي ان کي اسان ڪيئن روڪي سگهون ٿا ۽ ان جا ڪهڙا منفي اثر سماج تي پئجي رهيا آهن ان جي باري ۾ اسان کي ٻڌائيندا.

جامي چانڊيو: منهنجي خيال ۾ توهان جو اهو سوال ڏاڍو بنيادي اهميت جو آهي ۽ سٺو ڪيو جو توهان اهو سوال ڪيو ته شخصيت پرستيءَ جا محرڪ ڪهڙا آهن. ڇو هڪڙو سماج شخصيت پرستيءَ ۾ وڃي پيو. منهنجو اختتامي بيان ته اهو آهي ته جن سماجن جو وهنوار ادارا نٿا هلائين ۽ فرد هلائين ٿا جتي رول ماڊل رڳو اڪيلا فرد آهن، ظاهر آهي ته اتي شخصيت پرستي ئي جنم وٺندي. جڏهن سماج اتي پڄندو جڏهن فردن جي جاءِ تي ادارا جاءِ والاريندا ته اتي فرد اهم تڏهن به هوندا، پر انهن جي پرستش نه ٿيندي. ماڻهو جي تربيت ٿئي ٿي پنهنجي سماجي ماحول ۾. مذهبن ۾ اچون ٿا تڏهن ته تصور personified آهن يعني خدا جو تصور به گهڻن مذهبن ۾ پرسوني فائڊ آهي يعني شخصي تصور آهي، مطلب ته انفرادي تصور آهي. ڪٿي Polytheism جو تصور به موجود آهي، يعني گهڻيون ديويون ۽ ديوتائون موجود آهن، پر گهڻن مذهبن ۾ خدا جو تصور personified آهي. مان ان جي صحيح ۽ غلط جي بحث ۾ نٿا وڃان مان صرف اهو ٿو ٻڌائڻ چاهيان ته اهي تصور موجود آهن. تاريخ ۾ جيڪي به تحريڪون هليون هونديون انهن ۾ عوام ته گم ٿيل آهي، رڳو هيرو بچيل آهن ته ماڻهو تاريخ جي دورن کي ڏسي ٿو هيرو جي اک سان. هيروز ڪي اڪيلا ته ڪونه هئا جن سڀ ڪجهه ڪيو هوندو، پر اهي اڪثريتي ماڻهو گم آهن، عورتون گم آهن، هيڏي وڏي آبادي هوندي ڇا انهن ڪجهه ڪونه سوچيو هوندو. ڇا اهي فلسفي ناهن، سائنسدان ناهن، تاريخدان ناهن. ايتريون شاعره ناهن، ايتريون آرٽسٽ ناهن، ايتريون سائنسدان ناهن، ايتريون باغي ناهن انهن ڪم سڀ ڪيا هوندا، پر هيءَ مرداڻي سماج جي تاريخ انهن کي ڳهي وئي آهي اهي تاريخ ۾ محفوظ ناهن. غلاميءَ جو دور هجي، ان ۾ به ڪو نه ڪو فرد آهي جيڪو مالڪ آهي. جاگيرداريءَ جو زمانو آهي اتي خاندان جو وڏو هڪ آهي، ويڙهي جو وڏو به هڪ آهي، قبيلي جو وڏو به هڪ آهي، قوم جو وڏو به هڪ آهي، قوم جو ابو به هڪ آهي، قوم جي امڙ نه ٿيندي آهي، قوم جا ابا ٿيندا آهن ته سڄي تاريخ ۾ قوم جا ابا ٿيندا آهن. ڪڏهن ڪنهن چيو آهي ته هي اسان جي قوم جي امڙ آهي جيڪڏهن هوندي ته اها ڪنهن جي گهرواري هوندي. پدري سماج جي اها هڪ شڪل آهي. رياست جو ڪو وڏو هڪ فرد آهي، سڄو اهو دور جيڪو قبيلائي جاگيردارانه دور آهي انهن سڄن دورن ۾ انسان مذهب ۾ معاشي طرح، سماجي طرح يا سياسي طرح هر دائري ۾ ۽ هر جاءِ تي گهر کان وٺي رياست تائين ڪو نه ڪو هڪڙو فرد ڏٺو آهي. نتيجي ۾ ظاهر آهي توهان سماج جي اها تربيت ڪئي آهي ته انهن فردن جي پرستش ڪبي آهي انهن کي اهم سمجهيو وڃي. تاريخ جا خالق فرد ناهن هوندا نسل آهن، عوام آهي، پر فرد انهن جا چهرا آهن، فرد ڪڏهن به تاريخ جو خالق ناهي ٿيندو، فرد ان جو چهرو هوندو آهي. ان سڄي صورتحال ۾ جنهن سماج ۾ اسين رهون ٿا ان ۾ اڃان تائين ادارا ناهن. نتيجي ۾ اڄ به اسان لاءِ فرد هر شيءِ کان مٿي آهي ان جو سبب اسان جي سماج جي ترقيءَ جو ڏاڪو آهي ته اسان اڃان اهڙي ترقيءَ جي ڏاڪي ڏانهن ڪونه ويا آهيون جتي فردن جي جاءِ ادارا وٺن، پر مون کي ويساهه آهي ته مستقبل جو سماج جنهن ۾ ادارا مضبوط ٿيندا پوءِ ادارا ياد رهندا ۽ اهم هوندا، يقينن فرد به اهم هوندا جيڪي اهم هوندا، پر جيڪا شخصيت پرستي آهي ان جي جاءِ تي ادارا جاءِ والاريندا. ماڻهن کي اهو ياد به ناهي ته ڪئمبرج ڪنهن ٺاهي هئي يا آڪسفورڊ ڪنهن ٺاهي هئي، ڪنهن نه ڪنهن ته ٺاهي هوندي، پر ادارا ايترا وڏا ٿي ويا جو فرد پٺيان هليا ويا. اسان جهڙن سماجن ۾ اڃان اها پسماندگي آهي، اڃان ڊگهو ٽائيم کپي. اسان جيڪو ڏٺو آهي هر جاءِ تي ان جي نتيجي ۾ اسان جي تحت الشعور ۾ اسان جو ماضي ۽ حال اسان کي مجبور ٿو ڪري ته شخصيت پرستي ڪريون. اسان کي شخصيتن جو احترام ڪرڻ کپي پرستش نه ڪرڻ کپي. ان ڪري مون توهان کي پهرين چيو هو ته مون کي دنيا ۾ ڪنهن سان نه عقيدت آهي ۽ نه ٿي سگهي ٿي. احترام ٿيندو، پيار ٿيندو. ان موقعي تي اها ڳالهه ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي نٿو سگهان ته ارسطو افلاطون جو شاگرد هو، هن جي اڪيڊمي ۾ اچي پڙهيو. افلاطون هڪڙو ٻيو نظرياتي فلاسافر آهي، آئيڊل ازم جو ابو آهي. ارسطو ان جهڙو به آهي، پر ان کان گهڻو مختلف آهي. ڇو ته ارسطو جا شعبا تمام گهڻا آهن، فلڪيات، حياتيات، ذولاجي، ميٿميٽڪس، فلسفو، تنقيد، سياست. جڏهن افلاطون ليڪچر ڏيندو هو ته هي ان کي ٻڌنڌو هو ۽ افلاطون جو پياري ۾ پيارو شاگرد به ارسطو ئي هوندو هو. پوءِ جڏهن ٻاهر نڪرندو هو ته ٻاهر ويهي پنهنجي استاد تي ٽوڪون ڪندو هو ته هي هِن شيءِ ۾ غلط آهي ۽ ان ڳالهه جي افلاطون کي خبر هئي. هڪڙي ڏينهن ڪجهه شاگردن چيو ته اي افلاطون! توکي جيڪي غير مشروط طور قبول ٿا ڪن انهن مان ڪوبه توکي پيارو ڪونهي. توکي خبر آهي ته هي جيڪو شخص (ارسطو) آهي اهو توتي ٻاهر وڃي ٽوڪون، تبرا ۽ تنقيدون ڪندو آهي، پر توکي پيارو به اهو ئي آهي. جنهن تي هن ڏاڍو دلچسپ جواب ڏنو هن چيو ته هي اهو پاڏو آهي جيڪو ماءُ جو سڄو کير پي پوءِ ان کي لتون هڻندو (تنقيدي ذهن) آهي. افلاطون فلسفي هو ۽ هن ان شاگرد کي پنهنجو پيارو شاگرد رکيو جيڪو مٿس تنقيد ڪندو هو. افلاطون جا عقيدي پرست شاگرد ٻيا ڪيترائي هئا. حقيقي استاد جي نشاني اها ئي آهي ته هو پنهنجي شاگرد کي اختلاف ڪرڻ سيکاري. اسان جي سماج ۾ ڪنهن وڏي ماڻهوءَ تي تنقيد ڪريو ته هو چڙيو پوي.

زاهدھ ابڙو: توهان پنهنجي زندگيءَ جي ڪهڙي پهلوءَ کي وڌيڪ انجواءِ ڪيو آهي هڪ ليکڪ جي طور تي يا هڪ ايڪٽوسٽ جي طور تي؟

جامي چانڊيو: اهو سوال ڏاڍو دلچسپ آهي ان جو اڌ جواب مان اڳ ۾ ڏيئي چڪو آهيان اڌ جواب مان هاڻي ڏيان ٿو. بظاهر ماڻهن کي لڳي ٿو ته منهنجا ڪم ۽ شعبا گهڻا آهن، پر مون کي اهو هڪڙو ئي ڪم لڳي ٿو. منهنجي نظر ۾ انهن سڀني ڪمن ۾ هڪڙي وحدت آهي ۽ ماڻهن کي اهي ڌار ڌار ٿا لڳن. مان بنيادي طور تي اديب آهيان، منهنجا تقريبن 26 ڪتاب شايع ٿيل آهن، پنهنجي قلمي پورهئي کي پسند ڪريان ٿو، فخر ڪريان ٿو اهو منهنجي پنڌ جو اظهار آهي. ايئن مان هڪ سياسي ڪارڪن رهيو آهيان، اڃان به آهيان. جيترو مان پنهنجي قلمي پورهئي کي پسند ڪريان ٿو اوترو ئي روڊن رستن تي تحريڪن ۾ ان جو ئي ٻيو پاسو سمجهان ٿو. مون کي زندگيءَ ۾ جيڪا ايئن سمجهو ته راز جي ڳالهه آهي ٻڌايان ٿو جيڪو ڪم سڀني کان وڌيڪ مزو ڏيندو آهي ۽ ان مان جيڪا خوشي ملندي آهي ان کي مان بيان نٿو ڪري سگهان اها مون کي علم مان ملندي آهي. مون کي زندگيءَ ۾ ان کان وڌيڪ ڪمفرٽ ڪنهن شيءِ ۾ نه ملندو آهي.  جيڪي ماڻهو منهنجي ويجهو آهن اهي ان جا ساکي آهن ته هڪڙي پاسي اهو ڪم مون کي تمام گهڻو مزو ڏيندو آهي، علم جي جستجو، ڄاڻ حاصل ڪرڻ، عمل ۽ ڄاڻ کي پروسيس ڪري اڳتي وٺي هلڻ ۽ شاگرد آهيان ته وري پڙهايان به ٿو. ڪيترن شعبن ۾ عوامي سطح تي، يونيورسٽين ۾، ٿنڪس ٽينڪس کي، پارليامينٽيرينز کي به پڙهايان ٿو. مان پنهنجن سڀني ڪمن کي پسند ڪريان ٿو ڇو ته اهي منهنجي مٿان ڪنهن مسلط نه ڪيا آهن.

زاهدھ ابڙو: سنڌ ۾ هن وقت انتها پسندي هڪ خطرناڪ رنگ اختيار  ڪري چڪي آهي ان کي روڪڻ ممڪن آهي يا نه؟

جامي چانڊيو: انتها پسندي هڪڙي سماجي بيماري آهي، انساني سوچ  جي غير ترتيبي صورت (disorder) آهي. ڪنهن به قسم جي انتها پسندي توهان کي عقل کان محروم ڪري ڇڏيندي، انتها پسندي ۽ عقل ٻئي گڏ هلي نٿا سگهن. جڏهن به ڪي سماج يا ڪي گروهه يا فرد انتها پسنديءَ جو شڪار ٿين ٿا يا ڪي دور ته ايئن سمجهو ته اها انهن جي زوال جي نشاني آهي ۽ ان مان تاريخ جي هر قوم ۽ هر دور گذريو آهي. انتها پسندي مذهبي به آهي، سماجي به آهي، ثقافتي به آهي، خيالن جي به آهي، سياسي به آهي، فڪري به آهي، گهڻن قسمن جي آهي، فرقه واراڻه به آهي. گيليلو جڏهن دوربين ٺاهي ۽ دوربين سان ماڻهن کي ڏيکاري ثابت ڪيائين ته ڌرتي ڪائنات جو محور ۽ مرڪز ناهي تڏهن به ارسطو جا پوئلڳ چئي رهيا هئا ته دوربين غلط آهي حالانڪه سڀ ڪجهه ان دوربين مان ڏسجي پيو، پر دوربين غلط آهي ۽ ارسطو سهي آهي! اها انتها پسندي جي شڪل هئي، وري ان جون مذهبي شڪلون به گهڻيون آهن اهو پوري دنيا ۾ رهيو آهي. سنڌ ۾ جيڪا انتها پسندي آهي اها آئسوليشن ۾ نه آئي آهي، انتها پسندي جيڪا سڄي ملڪ ۾ آهي اها سنڌ ۾ به پاڙون هڻي رهي آهي. منهنجي نظر ۾ ان جا ٽي بنيادي فيڪٽر آهن سڀ کان پهريون فيڪٽر اهو آهي ته اها پاڪستان ۾ عالمي سامراجي قوتن آمريڪا ۽ ٻين قوتن جي طرف کان پاڪستان ۾ پلانٽ ڪيل آهي. ايئن ڪونهي ته ماڻهو اوچتو بيمار ٿي پيا، اوچتو انهن کي الائي ڇا ٿي ويو، اهو ئي ساڳيو معاشرو آهي جتي هندو ۽ مسلمان گڏ کائيندا پيئندا هئا، اها بيماري هن ملڪ ۾ پلانٽ ڪيل آهي. جيئن وائرس کي توهان پيدا ته ڪري سگهو ٿا، پر ختم ڪرڻ توهان جي وس جي ڳالهه ناهي ايڏو سولو ڪونهي ان کي اسان ارتقائي لقاءُ نٿا چئي سگهون ته سماج پنهنجي ارتقائي ڏاڪي تي انتها پسند ٿي ويو آهي. ٻي ڳالهه اها آهي ته مسلمانن جو عالمي طرح، تاريخي طرح، ذهني ۽ فڪري طرح زوال جو زمانو اڃان هلي پيو جيڪو مسلمانن جو فڪري زوال تيرهين صديءَ کان شروع ٿي ويو هو، بلڪه مان چوان ٿو ته غزالي جي زماني کان ئي شروع ٿي ويو هو، جنهن جي زماني ۾ مسلمانن عقل کي هٿ ٻڌي موڪلايو، سائنس کان هٿ ٻڌي موڪلايو، علم کان هٿ ٻڌي موڪلايو ۽ Orthodoxy علم ۽ عقل جي جاءِ ورتي. سنڌي ۾ چئبو آهي “رٺي اڳي ئي ويٺي هئي مٿان وري پيڪن کان نياپو” هڪڙا اڳي ئي پسمانده سماج جتي مس مس علم ۽ عقل آيو هو، سائنس آئي هئي اها به وئي پٽجي. ٻيو سبب اهو آهي ته هي دور عالمي طرح به توهان ڏسو ته پاڪستان، مصر، ايران، سعودي عرب، انڊونيشيا هاڻي ملائيشيا به، ڪيترا علائقا آهن جتي Orthodoxy بدترين شڪل ۾ موجود آهي. انڊونيشيا ۾ ته تازي صورتحال آهي اڳ ۾ ايئن نه هو، اها گلوبل صورتحال آهي. ٽين صورتحال اها به آهي ته هن Neoliberal World Order جيڪو دنيا ۾ هن وقت موجود آهي، جيڪو ناڪام آهي. سرمائيداري جي دنيا کي ڪجهه ڏئي سگهي ها ته ان کي ڪافي ٽائيم ملي چڪو آهي، سرمائيداري کي ٽي سئو سال ملي چڪا آهن. ٻه سئو سال ته ان کي مليا ڪالونيل دور کان اهو به ڪئپيٽل ازم جو فارم آهي هن جو ايڪسٽينشن آهي. چئبو آهي ته:

نه خنجر اٺيگا نه تلوار ان سي

يي بازو ميري آزمائي هوئي هين

سرمائيداري به ايئن ئي آهي ايڪسپوز ٿي چڪي آهي. هاڻي کڻي ٿوري سڌريل صورت ۾ آهي، پر اصل ۾ جوهر ۾ ته ايئن ئي آهي. نيو لبرل  آرڊر جيئن ته ناڪام ويو آهي ۽ ٻيو گلوبل آرڊر اڃان ٺهي نه بيٺو آهي. نتيجي طور دنيا ۾ رائيٽ ونگ جو سڄي دنيا ۾ اڀار آهي. يورپ ۾ به ان جو اڀار آهي، اولهه جي دنيا ۾ ٽرمپ لقاءُ توهان ڏٺو. هندستان جتي مودي ويٺو آهي، دراصل هي عالمي گلوبل آرڊر جي ناڪامي جي صورت به آهي ته ماڻهو هڪڙي نظام مان بيچين ۽ مايوس ٿيا آهن ۽ ٻئي گلوبل آرڊر يا نظام پنهنجي جاءِ نه والاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهن جي فرسٽريشن، ماڻهن جي ڪاوڙ، انارڪي، چڙ، ماڻهن جي مايوسي ۽ بدحواسي مرڪوز ٿي انتها پسندي جي شڪل ۾ سامهون اچي ٿي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته اها صرف مسلمانن ۾ نه پر سڄي دنيا ۾ اڀري آهي. نيو گلوبل آرڊر جي ناڪامي جي نفسياتي شڪل آهي، پر آخر ۾ مثبت نوٽ تي اچان ته تاريخ ۾ جيڪا به اهڙي منفي لهر اڀري ٿي جيڪا جاهلانه به آهي، غير منطقي به آهي ۽ غلط به آهي جنهن مان ورڻو به ڪجهه ناهي اها هميشه عارضي هوندي آهي ۽ ان ڳالهه ۾ اها اميد موجود آهي ته هي جيڪو موجوده phase آهي اهو به عارضي آهي ڇو ته ان مان انسان ذات کي ڪجهه ملڻو ناهي. ان ڪري انتها پسندي هڪ خطرناڪ رويو رهيو آهي، نقصان ڏئي ٿو، بيماري آهي، پر اطمينان اهو آهي ته ان کي ڊگهو مستقبل نه آهي اها وڃي هڪڙي بند گلي ۾ ڦاسندي ان لاءِ اسان کي تاريخ جو انتظار نه ڪرڻ کپي بلڪه اسان کي ان کي تيز  ڪرڻ کپي. ائين ناهي ته اسان اصول کي سمجهي ويهي تاريخ جو انتظار ڪريون، پر اسان سڀني کي سياسي تحريڪن جو، قلمڪارن جو، عالمن ۽ دانشورن جو، اديبن ۽ آرٽسٽن جو، سياسي ڪارڪنن جو اهو ڪم آهي ته ان تبديلي جي رفتار کي تيز ڪريون.

زاهدھ ابڙو: توهان جو پسنديده ليکڪ يا ڪتاب ڪهڙو آهي؟

جامي چانڊيو: مون کي هڪڙي وڏي بيماري آهي، مختلف علمن کي پڙهڻ ۽ ان ۾ دلچسپي وٺڻ جي ۽ اها ڳالهه مون کي خبر ناهي ته سٺي آهي يا خراب آهي، پر اهو منهنجو مزاج آهي ته مون کي علم جون گهڻيون شڪلون وڻن ٿيون ۽ مان انهن کي تمام گهڻو پڙهندو آهيان. هاڻي توهان جو سوال ڏاڍو ڏکيو آهي ته مان 52 سالن جي عمر ۾ ڪنهن هڪڙي ليکڪ يا ڪتاب جو نالو کڻي سگهان. سياست ۽ فلسفي ۾ ڪيترائي آهن، سياسي سائنس ۾ گهڻا ئي آهن، فزڪس ۾ ٻيا هوندا، سماجي علمن ۾ ٻيا هوندا، ادب ۾ ٻيا هوندا ۽ ايئن تاريخ ۾ به ٻيا هوندا انهن ۾ تمام گهڻي ورائٽي آهي، پر جيڪڏهن توهان مون کان ڪو هڪ اهڙو ماڻهو پڇو ۽ جنهن کي مان ورائي ورائي پڙهيو آهي روز پڙهندو هجان ۽ جنهن مان ٿڪجان نٿو، جنهن مان ڀرجان نٿو، جنهن مان منهنجي دل نٿي ڀرجي ۽ جنهن کي مون هزارين ڀيرا پڙهيو هوندو ۽ روز پڙهيو هوندو ۽ منهنجو هن سان روز ڪم آهي جيڪو مون کي هر دفعي نئون لڳندو آهي منهنجي عقيدت ان سان به ناهي ان سان به پيار آهي اهو لطيف سائين آهي، هي منهنجي زندگيءَ جو اهڙو ڪتاب آهي جنهن مان هيستائين ته نه ٿڪو آهيان ٿڪجڻ ته وڏي ڳالهه آهي، پر جيترو ان کي پڙهان ٿو اوترو ان ۾ اڳتي وڃان ٿو. باقي شعباجاتي شيون آهن اهي شعبيوار آهن. توهان مون کان دور پڇندوَ، شعبا پڇندوَ ته وڏي لسٽ آهي ماڻهن جي جيڪي مون کي وڻن ٿا. فيشن فالوو ڪرڻ منهنجو مزاج ناهي، جيڪي ماڻهو ٻين کي وڻن ٿا اهي مون کي وڻندا ئي نه آهن. مثال طور: مون کي گريڪ فلاسافي ۾ گهڻي ۾ گهڻو ٻه ماڻهو وڻندا آهن. هونئن ته گهڻا فلسفي منهنجا پسنديده آهن اهي ڊموڪريٽس ۽ اپيڪريٽس آهن جيڪي مشهور ئي ناهن، مشهور ته افلاطون آهن جيڪو مون کي گهڻو وڻندو ئي ناهي. اهي ٻئي هن معنيٰ ۾ مختلف آهن ته مادي پرست ٻيا به هئا، پر ڊموڪريٽس ايٽم جي ٿيوري جو باني هو. اڃان وڏي ڳالهه اها آهي ته ۽ اهو ڪٿي لکيل ناهي منهنجي پنهنجي سمجهه آهي ته جيڪو زندگيءَ جو فلسفو ڊموڪريٽس وٽ آهي حالانڪه ٻين وٽ به ڪمال جا فلسفا آهن. اخلاقي فلاسافي ۾ ۽ ٻين ۾، پر زندگيءَ کي هي جيڪو ارسطو بعد ۾ ٺاهيو جنهن کي چئبو آهي ٽيليولاجي ته هن ڪائنات جي پويان مقصد ڇا آهي، زندگيءَ جي پويان مقصد ڇا آهي. ڊموڪريٽس چيو ته پُرمسرت زندگي ئي زندگيءَ جو مقصد آهي. هو توهان کي مذهبي ادارن ۽ سماج کان ڌار ٿو ڪري، پر ڊموڪريٽس توهان کي اصل زندگيءَ سان جوڙي ٿو ۽ چوي ٿو ته پنهنجي اصل زندگيءَ ۾ جيئو، توهان پنهنجي دور ۾ جيئو، پنهنجي لمحي ۾ به جيئو ۽ ان ڪري اپيڪيورس به وڌيڪ وڻي ٿو. ڇو ته هن ان سوچ کي اڃان وڌيڪ بهتر بڻايو ۽ هن چيو ته پُرمسرت زندگيءَ جي راهه ۾ جيڪا رڪاوٽ آهي اهو خوف آهي. خوف چاهي اڳئين جهان جو هجي، خوف خداوند جو هجي، خوف موت جو هجي، هر قسم جو خوف توهان جي حقيقي زندگيءَ جو دشمن آهي ان مان جند ڇڏايو. توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته ٽي سئو ق. م ۾ هڪڙو ماڻهو اهڙي ڳالهه ڪري رهيو هجي. توهان مون کان هڪ نالو پڇو ته انهن جي گهرائي، اثر انگيزي ۽ وسعت ايتري ته ڪمال آهي ۽ جي هڪ ڪتاب چوندوَ ته اهو ڪتاب آهي جنهن مان منهنجو ڍئو نٿو ٿئي اهو شاهه جو رسالو آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments