دودو ڀيل معامرو، ڪيس واپس، گرفتار اڳواڻ آزاد

صوبائي وزيرن جي ڪاميٽي پاران دودي جي وارثن کي ڪرايل خاطري بعد جاچ آفيسر  پاران پيش ڪيل رپورٽ تي ميرپورخاص جي عدالت دهشتگردي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل 9 ئي جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو، آزادي جي خوشيءَ ۾ سوين ماڻهن جي ريلي، لجپت سوراڻي کي اڄ سوين گاڏين جي قافلي ۾ اسلام ڪوٽ آندو ويندو، قافلو مقتول دودي جي ڳوٺ ويندو جتي وارثن سان تعزيت ڪئي ويندي، ٿرڪول بلاڪ ٽو جي خانگي گارڊن هٿان مبينا قتل ٿيل پورهيت دودو ڀيل جي قتل واقعي تي وڏي وزير پاران جوڙيل ٽي رڪني ڪاميٽي جنهن ۾ امتياز احمد شيخ، سيد سردار احمد شاهه، نواب تيمور ٽالپر تي مشتمل هئي، جنهن دودي جي وارثن سان ملڻ بعد وارثن کي ڪرايل خاطري بعد گذريل ڏينهن  پوليس پاران دودي جي وارثن سميت 150 همدردن تي داخل ڪيل دهشتگردي ڪيس جي جاچ آفيسر 497 بي تحت ميرپورخاص جي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ درخواست پيش ڪئي جنهن جي آڌار تي عدالت سڳوري گرفتار ٿيلن کي رليز ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالتي حڪم بعد دهشتگردي ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ لجپت سوراڻي ۽ ڪامريڊ گومون ڀيل سميت 9 پورهيت ميرپورخاص جيل مان آزاد ٿي ويا، جيل ٻاهران وڪيلن ڀڳوانداس ڀيل، ظھير نهڙيو سميت وڏي انگ ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ ڀيل برادري جي ماڻھن سندن استقبال ڪيو. جڏهن ته لجپت سوراڻي ۽ ٻين گرفتار ٿيلن جي آزادي جي خوشي ۾ اسلام ڪوٽ ۾ بي آءِ ايف ۽ ٿر سماجي تحريڪ جي اڳواڻن نرمل ڀيل، مٺو ڀيل، عبدالعزيز هاليپوٽو، سومار، خميسو ڀيل جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن پاران سنت نيڻو رام آشرم کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي، اڳواڻن چيو ته لجپت تي داخل ڪيس ڪوڙو ٿيڻ سان اهو ثابت ٿيو ته ٿر جو ماڻهو پرامن آهي ۽ هميشه رهندو اڄ فتح حق ۽ سچ جي ٿي آهي، ياد رهي ته ٽي هفتا اڳ ٿر ڪول بلاڪ جي خانگي سيڪيورٽي گارڊن اسڪريپ چوري الزام هيٺ مقامي ٽن پورهيتن دودو ڀيل، عبدالقادر کوکر ۽ مورو ڀيل تي سخت تشدد ڪيو جنهن بعد پوليس حوالي ڪري 11 جوابدارن خلاف چوري جو ڪيس داخل ڪرايو هو گارڊن جي تشدد سبب پورهيت دودو ڀيل فوت ٿي ويو، دودي جي فوت ٿيڻ جو ٽن گارڊن سميت چار جوابدارن تي اسلام ڪوٽ ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ٿيو، قاتلن جي گرفتاري لاءِ دودي جي وارثن توڙي همدردن پاران اسلام ڪوٽ ۾ ڌرڻو هنيو ويو جنهن بعد پوليس ڌرڻو هڻندڙن تي چڙهائي ڪري ڳوڙها گئس جو استعمال توڙي لٺ بازي ڪئي ۽ ڌرڻي تي ويٺلن مان پي ٽي آءِ اڳواڻ لجپت سوراڻي، گومون ڀيل سميت  9 ڄڻن کي گرفتار ڪري 150 ماڻهن تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو جنهن بعد پ پ جي چيئرمين بلاول جي نوٽيس وٺڻ بعد وڏي وزير پاران وزيرن جي ڪاميٽي جوڙي ويئي جنهن جي سفارش تي ڪيس ختم ڪري گرفتار اڳواڻ آزاد ڪيا ويا. اڳواڻن چيو آهي ته اسان جو احتجاج دودي ڀيل جي خون سان انصاف ٿيڻ تائين جاري رهندو اسان جو اهو ساڳيو مطالبو اڄ به قائم آهي ته دودي جي قاتلن کي گرفتار ڪري ايس ايس پي کي هٽايو وڃي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments