ديئر از نو چوائس!

الطاف شيخ جو سفر نامو

تيستائين گڊ باءِ

ديئر از نو چوائس!

الطاف شيخ

سگا جو فنڪشن اٽينڊ ڪندي ڪيئي سال ٿي ويا هئا. گذريل ٻه ڏهاڪا سالن جا ٻاهر هئس. خاص ڪري فنڪشن وارن ڏينهن ۾ پاڪستان اچڻ نه پئي ٿيو ۽ هن فنڪشن ۾ ته مون کي به ايوارڊ ملي رهيو هو. هڪ ڏينهن اڳ ۾ سگا جي سيڪريٽري مظهر ميمڻ فون ڪري ٻڌايو ته بخش علي لاکي توهان جي اچڻ جي تاڪيد ڪئي آهي.

اهو ٻڌي خوشي ٿيم ان ڳالهه جي ته ڪنهن ته منهنجي ادبي خدمتن کي Recognition ڏني. دل ئي دل ۾ چيم: “وري به شابس هجي اهڙن ادارن کي جن جي مالي حالت به ڪا خاص ناهي ته به اسان جهڙن سنڌي اديبن، شاعرن، ڳائڻن ۽ ٻين فنڪارن جي همت افزائي ڪندا وتن جيڪو ڪم حڪومت کي ڪرڻ کپي.”

ڪنهن سنڌيءَ کي ڪو انعام اڪرام يا ايوارڊ ڏيڻ وقت حڪومت نه فقط غريب ۽ مسڪين ٿيو پوي، پر ڪنجوس پڻ.

مون جهڙا ٻيا به ڪيترائي سنڌي سوچيندا هوندا. آئون به سوچيان ٿو ته گذريل ٽيهن سالن ۾ مون پنجاهه کن ڪتاب ۽ سوين اخباري ڪالم لکيا هوندا، پر سرڪار طرفان ڪابه مڃتا نه ملي آهي، شايد ان ڪري جو اهي سنڌيءَ ۾ لکيا اٿم. دراصل ان جو احساس مون کي شايد ايترو نه ٿئي ها جيڪڏهن ٻاهر جي دنيا جي خبر نه هجيم ها ۽ سڄي عمر ڳوٺ ۾ فقط علي نواز وفائي جي هفتيوار اخبار “آزاد” پڙهي گذاري ڇڏيان ها.

لنڊن، دبئي، ويندي سوئيڊن ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستانين جون ڪيتريون ئي ادبي محفلون ٿينديون آهن. مشاعرا ٿيندا آهن، پر اهي سڀ اردو جا ئي ٿيندا آهن. ڪو خاص اعتراض نه اٿم. اسان جا اردو ڳالهائيندڙ پاڪستاني جتي ڪٿي ڪيترائي آهن (سنڌي جيڪڏهن گھڻا آهن ته فقط مديني جي آسپاس جتي هو کجيءَ جي باغن ۾ هارپو ڪن ٿا). ان کان علاوه اردو پاڪستان جي قومي زبان آهي، ڄاڻ اٿم، پر اها به ڄاڻ اٿم ته سنڌي به ته هڪ زبان آهي. قديم زبان آهي. پاڪستان جي ڌرتيءَ جي واحد زبان آهي جيڪا ڳالهائڻ سان گڏ لکي ۽ پڙهي به وڃي ٿي ۽ يونيورسٽين ۾ پي ايڇ ڊي ليول تائين آهي. ان ڪري ان جي ڪجهه ته اهميت هئڻ گھرجي. ڏک فقط اهو ٿيندو اٿم جڏهن اسان جا اردو جا شاعر اديب حڪومت طرفان مليل ايوارڊن ۽ عزتن جي ڳالهه ڪندا آهن. حڪومت طرفان مليل دعوتن ۽ انعامن جي ڳالهه ڪري پنهنجي ڌاڪ ويهاريندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن مون تي تعجب کائيندا آهن (۽ دل ئي دل ۾ کلندا به هوندا) ته آئون ڪهڙو اديب آهيان جنهن کي ڪو پني ڀور سرٽيفڪيٽ طور به نه مليو آهي. پڙهندڙ کڻي هزارين هجن جن جو مون کي بي انتها پيار مليو هجي، پر اهي به ته سنڌي ٿيا. ان ڪري ان ليکڪ جي اهميت ڇو مڃي وڃي.

سعودي عرب جي هڪ شهر ينبو (ينبع) ۾ پاڪستانين جي هڪ اهڙي ادبي محفل ٿي جنهن ۾ منهنجي هڪ دوست پنهجي هڪ ٻئي اديب دوست سان منهنجي ڄاڻ ڪرائيندي چيو:

“يه بهت بڙا رائيٽر هي.”

“اڇا! مين ني ان ڪو ڪبهي آفيشل ڊيليگيشن ۾ نهين ديکا..” هن چڱي مڙس وراڻيو.

ايترو چوڻ تي پهرين هڪدم چيس: “سائين سندهي ڪا اديب هي.”

“اڇا، يي بات ڪرين”

يعني سنڌيءَ جو اديب ٿيڻ بذات خود گناهه جو ڪم آهي ۽ پوءِ هن کي پنهنجي ڳالهه جو هڪدم احساس ٿيو ۽ شڪي ٿي سوري چوڻ وارو هو ته مون چيو مانس:

“بلڪل صحيح چوين ٿو.”

ان وقت مون کي هاٿي ۽ ڪوئي جي ڪهاڻي دل تي هُري آئي، جنهن ۾ ڪوئو پهريون دفعو هاٿي جهڙي آفت کي ڏسي وائڙو ٿي ويو. جيتوڻيڪ اهو هاٿي اڃا ٻچو هو. ڪوئي تعجب مان ان هاٿيءَ جي ٻچي کان عمر جو پڇيو:

“آئون نون مهينن جو آهيان.” هاٿيءَ جي ٻچي چيو ۽ پوءِ هڪدم ڪوئي کان پڇيو:

“۽ تون؟”

ڪوئي مٿو کنهندي (خبر ناهي ڪيئن کنهيائين) چيو:

“آهيان ته آئون به نون مهينن جو، پر بيمار شيمار رهان ٿو.”

سو ان وانگر آهيون ته اسين به اديب، ڪتاب ۽ ڪالم به گھڻائي لکيا اٿئون، پڙهندڙن جو به وڏو حلقو آهي، پر ڪوئي چواڻي “بيمار شيمار رهون ٿا”. ٻين لفظن ۾ “سنڌيءَ” جا اديب آهيون. ان ڪري نه ڪنهن کي خبر پوي ٿي ۽ نه ڪو ڄاڻي سڃاڻي ٿو. ڄڻ نڌڻڪا هجون. ڌڪاريل هجون. ان ڪري ته مون وانگر ڪئين سنڌي اديب، شاعر، فنڪار، آرٽسٽ خاموشيءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن. حڪومت يا قومي اخبارن طرفان هنن لاءِ ڪو انعام اڪرام، ڪا مڃوتي يا ڳالهه ناهي. انهن غريبن جي مرڻ وقت حڪومت پرگھور نٿي لهي. عبرت، عوامي آواز ۽ ڪاوش جهڙيون سنڌي اخبارون اهڙن غريب سنڌي اديبن، فنڪارن جي لاءِ اڪثر رڙيون ڪنديون رهن ٿيون، پوءِ مڙيئي ڪن جا ڀاڳ ڀلا هوندا آهن ته موت جي ڪنڌيءَ وٽ پهچڻ تي، وقت جي حڪومت رپيا ويهه پنجويهه هزار ڪڍي ڏيندي آهي. شايد نظر ڏنڀڻ خاطر ته هو پنهنجو علاج ڪرائين، نه ته اختياريءَ وارن کي ته سنڌي اديب، شاعر يا فنڪار جي خبر ئي مرڻ وقت پوندي آهي جڏهن عزيز شيخ ان جي Life-Sketch ڊان اخبار ۾ لکندو آهي.

سو اهڙي صورت ۽ سيناريو (Scenario) ۾ سگا طرفان سونو ٻلو ملڻ وڏي ڳالهه سمجهان ٿو. توڙي کڻي چاندي يا ٽامي جو ملي ها يا کڻي ڪا شيلڊ يا سرٽيفڪيٽ ملي ها ته به ان کي آئون وڏو اعزاز سمجھان ها ۽ ان رات مون وانگر ٻين سنڌي اديبن ۽ فنڪارن پڻ ائين سمجهيو هوندو.

مون کي “حاجي محمد صادق ميمڻ گولڊ ميڊل ايوارڊ” ڏنو ويو جيڪو پڪ اشفاق ميمڻ ۽ سندس ڀائر ڀينرن طرفان پنهنجي والد مرحوم جناب محمد صادق جي ياد تازي رکڻ لاءِ آهي. مرحوم جون سماجي ۽ تعليمي خدمتون قابل داد آهن، پاڻ جنهن زماني ۾ ۽ جن حالتن ۾ رهي نه فقط پٽن کي، پر ڌيئرن کي به تعليم جهڙي زيور سان سينگاريو، ان لاءِ کيس جس هجي ۽ اڄ جي سنڌي پيءُ لاءِ مثال آهي. هي اهو وقت هو جڏهن سنڌي مسلمانن ۾ عورتن جو اسڪول يا ڪاليج وڃڻ عيب سمجھيو ويو ٿي.

مرحوم جي زندگيءَ جو احوال (آتم ڪهاڻي) “تان ڪي ڏونگر ڏوريان” ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي. هن ڪتاب لاءِ آئون اڪثر سنڌي ماڻهن کي پڙهڻ لاءِ چوندو رهان ٿو. مرحوم محمد صادق ميمڻ صاحب وانگر ٻين به ڪجھه سنڌين جا نالا ان ڏس ۾ ڳڻائي سگھجن ٿا جن غربت هوندي، تڪليفن ۾ رهندي پنهنجي اولاد کي (پٽن توڙي نياڻين) کي نه فقط پڙهايو، پر سٺو انسان ٿي رهڻ جي تربيت ڏني.

سگا جو فنڪشن آرٽس ڪائونسل جي کليل آڊيٽوريم ۾ ٿي گذريو. آرٽس ڪائونسل مولانا دين محمد وفائي روڊ تي آهي جيڪو رستو پاڪستان چوڪ وڃيو ملي جتي وفائي پرنٽنگ پريس آهي ۽ اڃا تائين دين محمد وفائي صاحب جو فرزند علي نواز وفائي پنهنجي مرحوم پيءُ جي ورثي، يعني ادب جي خدمت ڪندو اچي. ان وقت جي نڪرندڙ طاقتور هفتيوار “آزاد” اخبار، هاڻي جي حساب سان لولي لنگڙي ئي سهي، پر ڪڍندو اچي. نماز ۽ روزو پڻ پنهنجي مرحوم پيءُ (دين محمد وفائي) وانگر پابنديءَ سان رکي ٿو يا نه اها خبر نه اٿم، پر کيس اهڙيون دعائون ۽ نسخا ضرور آهن جن ذريعي هو سياست ۾ نه هوندي به وزير يا مشير ٿيو وڃي. سرڪاري ڪامورو نه هجڻ جي باوجود به وڏا وڏا بيورو ڪريٽ به سندس حڪم مڃين ٿا. زمين جا کڻي ٻه ايڪڙ به نه هجنس، پر وڏا وڏا زميندار، جاگيردار پري پري کان ڪَهي اچي ساڻس صلاح مشورو ڪن ٿا. ڪنهن جو مريد ناهي، پر سنڌ جي هرهڪ پير، ننڍي توڙي وڏي جي اصل نسل کان واقف آهي. سندس چڱاين توڙي مٺاين جي ڄاڻ رکي ٿو. پاڻ آڪسفورڊ يا هارورڊ يونيورسٽين مان پڙهيل نه آهي، پر پنهنجن پٽن کي بزنس ائڊمنسٽريشن، مئرين انجنيئرنگ ۽ چارٽرڊ اڪائونٽنسي جهڙن ڏکين سبجيڪٽن ۾ اعليٰ تعليم ڏياري آهي. سنڌي، مهاجر، پنجابي، سڀني سان عليڪ سليڪ ۽ دوستي ياري اٿس. سندس وڏو پٽ آصف آمريڪا ۾ آهي جنهن جي آمريڪن زال آهي. ٻيو پٽ اعجاز ڪئناڊا جي شهر وئنڪوئر ۾ ڪم ڪري ٿو جنهن جي زال اردوءَ جي مشهور اديب غلام عباس جي ڌيءَ آهي. ٽيون نمبر پٽ سليم بئنڪنگ ۾ آهي. ويسٽ انڊيز (جتي جا ڪرڪيٽ رانديگر مشهور آهن) ۽ ميامي (فلوريڊا) ۾ ڪيترا سال نوڪري ڪرڻ بعد هاڻ سندس بدلي ڪراچيءَ ۾ ٿي آهي ۽ ميٽرو پول هوٽل واري ANZ گرنڊليز بئنڪ جو مئنيجر آهي. سندس شادي سکر جي هڪ سنڌي فئملي ڊاڪٽر عمر شيخ جي ڌيءَ سان ٿي آهي. ان کانپوءِ هڪ ڌيءَ انيتا نالي آهي ۽ ٻه پٽ عامر ۽ اِثنين آهن. عامر هينئر منيلا مان MBA ڪرڻ سان گڏ هڪ فلپينو ڇوڪريءَ سان شادي ڪري آيو آهي.

علي نواز وفائي جي پٽ سليم وفائيءَ کي هڪ ڏينهن چيم ته توهان ڀائرن مان ڪنهن هڪ کي پيءُ ۽ ڏاڏي جو شوق، ادب ۽ جرنلزم هلائڻ کپي، پر هن دلچسپي بنهه نه ڏيکاري. هو اڪانامڪس ۽ ڪامرس، بئنڪنگ ۽ فئنانس جو شاگرد ۽ ماهر رهيو آهي. منهنجي ٻيو دفعو چوڻ تي وراڻيائين:

“سائين هي اڪانامڪس جو دور آهي. اسان کي پهرين معاشي طور مضبوط ٿيڻ کپي پوءِ اهي شوق ڪرڻ کپن.”

بهرحال لڳي ٿو ته ايندڙ دور ۾ اخباري دنيا جا بادشاهه قاضي فيمليون (عبرت، ڪاوش) وارا ئي رهندا ۽ نون ۾ پليجو فيملي، يوسف شاهين ۽ عوامي آواز وارا رهن. پريس ۽ ڇپائي ۾ روشني، سنڌيڪا ۽ نيو فيلڊس وارا ئي سڀ ڪجھه رهن ۽ هاڻ انڊس (امير ابڙو) اڳتي وڌي رهيو آهي.

سالن کانپوءِ آرٽس ڪائونسل ۾ ڪنهن فنڪشن ڏسڻ جو موقعو مليو جيتوڻيڪ منهنجو آرٽس ڪائونسل سان تمام پراڻو تعلق آهي. آئون هن اداري جو ستر جي ڏهاڪي کان لائف ميمبر آهيان، پر ڪڏهن به ان جي فنڪشن جي خبر وقت تي نه پوندي آهي جو کڻي اٽينڊ ڪجي. فنڪشن ٿي ويندو آهي پوءِ ٻئي ڏينهن ان جي خبر اخبار ۾ پڙهبي آهي ۽ ان دعوت جو دعوت نامو هفتي بعد ملندو آهي. عجيب ناني ڪنڙو آهي، هيءُ اسان جي آرٽس ڪائونسل به! سالياني اليڪشن ٿيڻ تي قدسيه اڪبر، ابراهيم نفيس کان ياور مهدي تائين جا فون ايندا ته مهرباني ڪري اسان کي ووٽ اچي ڏيو. پنهنجن دوستن کي به وٺي اچو ۽ انهن کي به اسان لاءِ ووٽ ڏياري اسان کي ڪامياب ڪرايو. اسان سچا خادم آهيون. گھٽ ۾ گھٽ ڏهن سالن کان اهو سلسلو هلندو اچي. اليڪشن جي وقت منهنجو هميشه ساڻن جھيڙو هوندو آهي ته توهان صحيح وقت تي ڇو نٿا اطلاع ڪريو. ڪوبه ڳائڻ وڄائڻ جو فنڪشن ٿئي ٿو ته ڌارين کي ته اطلاع پهچيو وڃي باقي اسان لائف ميمبرن کي خبر ئي نٿا ڏيو.

محترمه قدسيه اڪبر معافي وٺي آئنده ان تي عمل ڪرڻ جو واعدو ڪندي آهي ۽ سلطانا صديقي ۽ عبدالڪريم بلوچ (ٽي وي جو جنرل مئنيجر) صلح ڪرائيندو آهي. وري سڄو سال ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھه، ناني رڌڻ واري ڏهٽا کائڻ وارا. هڪ ٻه دفعو ته ائين ٿيو ته ڪوريا ۽ روس جي ڪنهن رياست جا ٽروپي (ڳائڻ وڄائڻ وارا) آيا جن جا دعوت ناما مون کي ۽ منهنجي ٻين ڪجھه ميمبر دوستن کي مليا، پر فنڪشن ٿي وڃڻ کان هفتو پوءِ! ڪميٽي ميمبرن سان ڳالهه ڪيم ته وراڻيائون ته ان ۾ سندن نه پر پوسٽ وارن جو ڏوهه آهي، پر چڱو جو دعوت ناما لفافن سميت موجود هئا جن تي پوسٽ ڪرڻ واري تاريخ به چٽي طرح نظر اچي رهي هئي ته اهي ان فنڪشن کان ٽي ڏينهن پوءِ پوسٽ ڪيا ويا هئا. يعني سياستدان ته ڇڏيو، پر آرٽس ڪائونسل جنهن کي هلائڻ وارا اسان جا اديب، شاعر، آرٽسٽ ۽ فنڪار آهن انهن وٽ به ڌانڌلي متي پئي آهي. انهن کي به ووٽ کپي باقي ايمانداريءَ سان ڪم ناهي ڪرڻو. هاڻ اجھو ته آرٽس ڪائونسل جي سالياني اليڪشن جو هفتو آيو، اجھو ته ياور مهدي جي پرسنل سيڪريٽري صاحبه جو فون آيو:

“آپ الطاف صاحب هين؟ ياور مهدي صاحب ني ووٽ ديني ڪي ليئي عرض ڪيا هي.”

“ڀائي ڇو ووٽ ڏيون؟ ڪهڙي خوشيءَ ۾؟” منهنجو جواب هوندو آهي.

پر پوءِ آرٽس ڪائونسل پهچي محسوس ٿيندو آهي ته بهتر اهوئي آهي ته انهن کي ئي ووٽ ڏجي جو There is no choice ٻين ۾ ته اهڙو به حال نظر نٿو اچي.

1994  ڪراچي

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments