ڪرنٽ افيئرز / حالات حاضره

مسلمان ملڪن ۾ ٽياڪڙيون ٿيڻ گهرجن رياض ابڙو | # جنوري 2022

مذهبي عقيدتون پنهنجي جاءِ تي پر خارجي پاليسين تحت ملڪن جا اندروني ۽ بيروني معاملا صحيح طور تي هلائڻ لاءِ ضروري آهي ته ملڪن جا سفارتي لاڳاپا بهتر هجن، نه ته ملڪي معيشت تي پوندڙ اثر ملڪن جا ڏيوالا ڪڍي ٿا وجهن. ساڳي صورتحال پاڪستان سان به لاڳو ڪري سگهجي ٿي ته ايٽمي ڌماڪن کانپوءِ ويچاري قوم مشرف جي حڪومت جي 9/11 جي ڊرامي ۾ ڦاسي پئي ”هڪ پاسي باھ ٻئي پاسي پاڻي“ نيٺ طالبان جي آپريشن جي صورت آمريڪا کي اجازت ملي ته هو هڪ ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ تي جيئن وڻينس تيئن بمباري ڪري، آخر ٻه دفعا اساما بن لادن کي ڳولهي لڌائون ۽ ٻه دفعا ماريو ويو، هڪ دفعو افغانستان ۾ ٻيو دفعو پاڪستان ۾، آمريڪا جي زور آڏو پاڪستان جهڙن ملڪن جي زاري چئجي جو هو پنهنجي مڃائي ٿا وٺن. عربن جي ملڪن سان گڏ ايران به تيل ۽ ٻين معدني خزانن سان مالامال آهي، پر فِرقن جي تنازعن ۾ عرب ملڪن کان شروع کان ڪٽيل رهيو آهي، ايران ۽ سعودي ٻه وڏيون طاقتون آهن، پر پاڻ سان بارڊر شيئر ڪو نه ٿا ڪن. وچ ۾ عراق جي هجڻ سان انهن ملڪن جو رستو صرف سامونڊي آهي، پر ٻئي مسلمانن جي ٻن وڏن فِرقن جا مهندار پڻ آهن. وقت جي ضرورت آهي ته اهي ٻئي ملڪ سفارتي لاڳاپا بهتر ڪن، ان ڏس ۾ پاڪستان جون ڪوششون تعريف جوڳيون چئجن جو هن ٻنهي کي ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي آهي، هونئن به پاڪستان ٻنهي ملڪن سان اسلامي ملڪن هجڻ جي ڪري سفارتي لاڳاپا ٺاهيو پيو اچي. توڻي جو سڀ جا سڀ اسلامي ملڪ هڪ کان گهڻن فرقن ۾ ورهايل هجڻ جي ڪري ڪڏهن ڪي ايران جي مدد طلب ڪندا آهن ته ڪي سعوديءَ جي، پر جي تاريخ تي نظر ڊوڙائبي ته واضح ٿيندو ته اسان کان وڌيڪ فرقن جا پوڄاري يورپي ملڪ رهيا آهن انهن ملڪن ۾ سئو سالا جنگيون جيڪي 1337 کان 1453 تائين وڙهيون ويون هيون جيڪي انگريزن ۽ فرينچ قومن جي وچ ۾ ٿيون ۽ آخر فتح انگريزن جي ٿي، انهن فرقن جي تناظر ۾ اهي جنگيون 16 ۽ 17 صدي عيسوي ۾ ٿيون. انهن ملڪن ۾ بائيبل جا سوين نمونا هوندا هئا ڪي Orthodox ته ڪيProtestant  ته ڪيCatholic . آخر هلي هلي اهي ملڪ انهن تنازعن مان نڪري دنيا جون سڀ ترقيون ۽ آرامده زندگيون حاصل ڪري ويا هاڻي اهي دنيا جا رهنما سڏجن ٿا.

ايران ۽ سعودي عرب جي تنازعن جي داستان ڊگهي آهي جو سعودي عرب 1991 واري ايران ۽ عراق جنگ ۾ عراق جو حامي رهيو. ڇو ته آمريڪا پڻ عراق جي حق ۾ هو ۽ روس ايران جي حق ۾ هو، وري شام جي معاملي ۾ جيڪو مارچ 2011 ۾ ٿيو اتي بشارالاسد جي سپورٽ ۾ ايران ۽ روس اٿي بيٺا ته جيئن سعودي عرب جي حامي گروپن کي شام مان ڀڄائي ڪڍجي، اتي گهڻا ئي سني گروپ هئا جيڪي بشارالاسد جي خلاف اٿي بيٺا ۽ انهن کي آمريڪا سميت سڀني سني ملڪن جي سپورٽ حاصل هئي، جنهن جي نتيجي ۾ شام مان گهڻن سني گروپن جي ماڻهن لڏپلاڻ شروع ڪئي، پر روس جي سپورٽ يا ايران حمايت جي ڪري به يا اتان جي مضبوط شامي فوجن جي لڙائي جي ڪري اتان جي اندروني بغاوت کي چيڀاٽي ڇڏيو. ڇو ته بشارالاسد قبيلي يا فرقي جي ماڻهن جو وڏو تعداد فوج ۽ اسٽبلشمينٽ جو حصو هو ۽ آهي، پر انهن ٻنهي اسلامي ملڪن اتي به اها روايتي دشمني نڀائي، جيڪا نه ٿيڻ گهرجي ها.

اصل ۾ 1979 جي ايراني مذهبي انقلاب مسلمانن جي ٻين ملڪن ۾ به اثر ڏيکاريا هئا جنهن جي نتيجي ۾ يمن ۽ بحرين ۾ به اها صورتحال آهي (۽ هئي) جو جڏهن سعودي ۽ ايران جي ڳالھ ايندي آهي ته اهي ملڪ اندروني خلفشار جو شڪار ٿي ويندا آهن پوءِ سياسي ٽياڪڙيون ڪري مسئلا حل ڪيا ويندا آهن يا ڪنهن جنگي معاهدي تحت ڪا جنگ بندي به ڪئي ٿي وڃي، پر اسلامي ملڪن جي رواداريOIC  جي پليٽ فارم ته بهترين نمونو هو جو ڀٽو صاحب 1974 ۾ سڀني اسلامي ملڪن جي بلاڪ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جيڪا ان پائيداري سان هلي ها ته اسلامي ملڪن ۾ صنعتي انقلاب سان گڏ خوشحالي ۽ سياسي هم آهنگي چوٽ تي هجي ها. وري به اهي مغربي ۽ آمريڪي طاقتون چئجن جن ان اسلامي سربراهي اڳواڻن کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو، جو وري اهي سڀ هڪ ٻئي جا مخالف ٿي بيٺا، جنگين ۾ هڪ ٻئي کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏين، ڪويت جي مٿان آگسٽ 1990 ۾ عراق جو حملو ڪو سٺو سنئوڻ نه هو جو بي سبب عراقي فوجون ڪاهي پيون ۽ ڪوويت جي 200 تيل جي کوهن کي باھ ڏئي ڇڏي هيائون جنهن ۾ عراق جي سپورٽ ۾ وري سعودي، پاڪستان ۽ بحرين اٿي بيٺا هئا ۽ عراق ڪوويت کي پنهنجو 19 صوبو قرار ڏنو يا اعلان ڪيو هو، جيڪا پڻ هڪ اڻوڻندڙ ڳالھ هئي جيڪا سي آءِ اي جي اشاري ۽ هشيءَ تي نه ٿيڻ گهرجي ها.

سعودي عرب يمن ۾ پورا چار سال اندروني گهرو لڙائين ۾ سني گروپن جو ساٿ ڏنو ته جيئن ايران جو اثر گهٽجي ۽ اتي ايران وري اندروني طور پنهنجن گروهن جي حمايت ڪئي جيڪا پڻ مسلسل رهندي آئي هئي. لبنان ۾ ايراني پٺڀرائي حاصل ڪندڙ گروپ ”حزب الله“ جي مدد ڪئي ته جيئن ”سعد حريري“ جي تختي کي اونڌو ڪري سگهجي. پوءِ 2017 ۾ ان کي مجبورن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻي پئي هئي، ”سعد حريري“ کي سعودي پٺڀرائي حاصل هئي، پر اندروني مداخلت جي ڪري ان زوريءَ استعيفيٰ ڏني. اتي به سعودي ۽ ايران جي ٻنهي طرفن جي مداخلت ڏسڻ وٽان هئي جيڪا وڏن زورن سان پئي هلي. ان سڄي راند ۾ آمريڪا سعودي عرب جو غير مشروط حمايتي پڻ رهيو، تڏهن ته هر سعودي حڪمران آمريڪي سرڪار سان سٺا لاڳاپا ٿو چاهي ۽ ايئن ئي ٽرمپ سان سعودي شهزاده هر معاملي ۾ گڏ گڏ رهندا آيا ۽ جوبائيڊن به ساڳي اميد رکي ٿو ته هو به سعودي شهزادن سان ساڳي پاليسي جاري رکندو، جيڪا آمريڪي پاليسي جو اڻٽر حصو آهي. ڏسجي ته سعودي ۽ اسرائيل ايران جي ايٽمي طاقت جا بدترين مخالف هئا. 2015 ۾ آمريڪي پابندين گهٽائڻ مهل به ٻئي ملڪ مسلسل مخالفت ئي ڪندا رهيا. ايراني عوام 2006 کان وٺي 2015 تائين پابندين ۾ گاھ کائڻ تي مجبور هو، پر سعوديءَ جو گهڻو زور هو ته ايران کي ڪنهن به صورت ايٽم بم ٺاهڻ نه ڏنو وڃي، پر اهو بم جڏهن پاڪستان ٺاهيو تڏهن سعودي حڪومت پاڪستان کي 50000 ڪچو تيل فراهم ڪيو. 2.5 ملين ڊالر جو تيل روزانو اهو به مفت يا معمولي قسطن تي، اها نواز شريف سرڪار تي سعودي سرڪار جي وڏي ڇانوَ هئي.

ٻنهي ملڪن جي ايڏي شديد مخالفت جيڪڏهن دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ته اسلامي دنيا مغربي دنيا آڏو ايترو مجبور نه ٿئي. سعودي عرب جي بهترين دوستن ۾ پاڪستان سان گڏ يو اي اِي، بحرين، اردن ۽ مصر به شامل آهن جن سان سعوديءَ جا بهترين لاڳاپا رهن ٿا يا هر دور ۾ نڀائيندا ٿا اچن، پر هيل تائين ايران ۽ سعودي عرب ڪڏهن به هڪ ٻئي جي سامهون ناهن ٿيا نه ئي ڪا لڙائي ڪئي اٿن، پر پنهنجن پنهنجن گروهن جي حمايت ۾ لهي ضرورو پوندا آهن، پوءِ اهي مسئلا يمن ۾ هجن يا اهي لڙايون بحرين ۾ هجن. ڪويتي مسئلا هجن يا شام جي گروهن جي حمايت جي ڳالھ هجي يا سعودي سفارتخاني تي ايران ۾ حملي جي ڳالھ هجي. جنهن جي نتيجي ۾ سعودي وري انهن جي سفارتڪارن سان بدلي ۾ ڪئي. ڳالھ مذهبن کان هٽي سوچڻ جي آهي، سياسي عمل دخل جي آهي ته اهي پنهنجا سفارتي لاڳاپا مذهبي فرقي تي مبني نه رکن.

ڏسجي ته اهي ٻئي ملڪ آمريڪا جي زور تي اسرائيل کي مڃڻ لاءِ به تيار ناهن ته پوءِ هڪ ٻئي کي مڃڻ لاءِ ڇو نه؟

گذريل سال آگسٽ 2020 ۾ پاڪستاني پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٻنهي ملڪن جي دوري دوران اها هام هنئي هئي ته پاڪستان ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪندو. ايران جي ڪاوڙ پنهنجي جاءِ تي جنهن ۾ هي قاسم سليماني جي خون جي بدلي آمريڪي سفارتخانن تي حملا ڪندا يا ان کان به گهڻو ڪجھ وڌيڪ ڪندا،

شاهه محمود قريشي جون ڀڀڪيون ته کٽڻ جون ناهن. جتي هو انڊيا ڏانهن منهن ڪريو بيٺو هوندو آهي ته اهي ڪشمير مان هٿ ڪڍن، هٿ ٺوڪيا ڪشمير جا ڪوڙا نقشا ٺاهي ماڻهن کي سياسي طرح چريو ڪريو ويٺو آهي، جيڪو ٿيڻو ته ناهي يا ايئن کڻي چئجي ته”ديواني جو خواب آهي“ پر هن جون ڪوششون ساراھ جوڳيون آهن جو ڪم ٿئي يا نه پر هي ته پنهنجي هڙان وڙان ڪوشش پيو ڪري. ان ڏس ۾ طاقتور ملڪن جي ٽياڪڙي به وڏو دخل ٿي رکي، نه ته اهي سڀ ڪوششون مڙئي ٽائيم پاس هونديون آهن جيڪي هر دور ۾ ٿينديون رهيون آهن ۽ پيون ٿينديون. مذهبي ۽ فرقي واريت وارا ويڇا ته ڀائرن ۾ به هجن ٿا، پر ترقي جي راھ هڪ ٻئي جي لاءِ هر صورت ۾ هموار ڪجي ۽ خاص خطي جي امن لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته مسلمان ملڪ ايڪي ۽ ٻڌي جو اظهار ڪن. نه ته مغربي طاقتون چاهن ٿيون ته اسان اڃان به ٽڪرن ۾ ورهائجون ته جيئن هوDivide & Rule  جا مزا وٺن ۽ اسان سدائين پنهنجون توانايون ايئن پيا ذيان ڪندا رهون. ان ڪري وقت جي ضرورت آهي ته مسلمان ملڪن ۾ ٽياڪڙيون ٿيڻ گهرجن ته جيئن ترقي ۽ واپار جون راهون هموار ٿين.

***