ديوگان جو درويش! ليکراج ميگهواڙ | # جنوري 2022
گلزار ڪير آھي؟ ڇا ٿو سوچي؟ ڇا ڪندو آھي؟ ڇا ٿو چاهي؟ انهن سمورن سوالن جي جوابن بابت گلزار پاڻ به غور ويچار ڪندو رهي ٿو ۽ سماج جي هر انهيءَ ماڻھو کان پنهنجا سوال پڇي ٿو.
سوچ ويچار جي اهڙن وهڪرن ۾ رات هن کي ننڊ ڪونه آئي. سڄي رات لُڇ لُڇان ۾ گذري وئي. جيئن صبح جي سورج جا ڪرڻا ڌرتي تي پيا ته هي گهر کان ٻاهر ويجهو وڻن جي ڇانو ۾ وڃي ويهي رهيو.
هو سوچي رهيو هو ته ”سماج جي عام نظرن ۾ پڙھڻ کانپوءِ نوڪري ئي ضروري ڇو آھي؟ پڙھڻ جو بنياد نوڪري ڇو هجي؟“ اهڙا سوال هن جي اندر ۾ وڍَ ڏيئي رهيا ته هن جي سامهون هڪ درويش هن طرف ايندي نظر آيس.
جڏھن هُو پوڙھو ماڻھو هن جي ڀرسان پهتو تڏھن هن کي يڪدم گلزار ڏٺو ته هُو وڻن هيٺيان نه پر زمين تي کليل آسمان هيٺ ويهي رهيو. گلزار اٿيو ۽ ٿوري دير هُن جي ڀرسان بيهي غور سان ڏسڻ ۽ جاچڻ لڳو هئس.
چاچا هليا هُن وڻ هيٺ ويهون ٿا؟ گلزار چيس.
درويش! گلزار ڏانهن نهاريندي چوڻ لڳو ته ”آئون وڻ هيٺ ويهان ٿو تون منهنجو هڪ ڪم ڪندي“؟
جي جي بلڪل، گلزار بنا سوچي سمجهي ها ڪري ڇڏي.
اهي ٻئي وڻن هيٺ ويهي رهيا هئا. ٿوري دير تائين خاموش رهيا. نيٺ گلزار خاموشي جو سينو چيريندي درويش کان مخاطب ٿيندي پڇڻ لڳو ته اوهان جي ڄمار ڇا هوندي؟
ابا! عمر جي ڪا خبر ڪونهي، پر سُور تڪليفون ته جان ئي نٿيون ڇڏين!
چاچا توهان هتي ڪڏھن آيا؟ توهان اصل ڪٿي جا آھيو؟
ابا اصل جي مون کي ڪا ڄاڻ ڪانهي ته آئون ڪٿان جو آھيان! پر آئون ڌرتي تي آيو هئس اُھو ڏينهن… درويش خاموش ٿي ويو.
گلزار کي درويش صفا ڏُکايل نظر آيو هئس، چهري جي پيشاني تي پيل مٽي ڄڻ صدين جي صدا هجي! پيرُ ڄڻڪ هن سنسار جا رولاڪ ڀٽڪيل مسافر هجن، اکيون انتظاري جي اوسيڙي ۾ ڄڻ پڃيل هجن! ڪنڌ ۾ پيل تعويذُ اِھو پُڻ ڏسَ ڏيئي رهيو هو ته هن جون اميدون اڃان پاڪ آھن پوريون ناهن ٿيون نه ئي ميريون آھن! هي درويش گلزار کي بنھ پُرسرار لڳو، گلزار ٻيهر پڇيس ته جي چاچا ٻڌايو ڪٿي جا آھيو اصل؟
درويش هيڏانهن هوڏانهن نهاري گلزار کي آھستي آھستي چوڻ لڳو ته آئون جيڪو ڪجهه چوان ٻئي ڪنهن کي نه ٻڌائيندا.
گلزار اعتبار ڏياريو ته آئون ڪنهن سان به ڳالھ نه ڪندس. سجُ مٿي چڙھندو پئي آيو ماڻھو پنهنجي روزي سانگي وڃي رهيا هئا. گلزار جون نگاهون درويش ۾ ڳتيل هيون ٿوري دير جي ماٺ بعد درويش وراڻيو ته ”آئون ديوگان شھر جو اُھو اڻپورو انسان آھيان! جنهن سواءِ پيڙائن جي ٻيو ڪجھ اڃان تائين حاصل ناهي ڪري سگهيو! آئون پنهنجي بابا کي ڏسي نه سگهيس! منهنجي امڙ مون کي ٻڌائيندي هئي ته ”تنهنجو بابا هڪ بهادر ماڻھو هو هُو سدائين خوش رهندو هو شھر ۾ ٽانگو هلائيندو هو، هڪ ڏينهن تنهنجي بابا کي رات جو چورن جهلي ورتو انهن ڦورن ڌاڙيلن هن کي ماري کيسي مان سامان پئسا ۽ گھوڙو پاڻ سان گڏ ڪاهي ويا هئا.“ منهنجي امڙ دائي جو ڪم ڪندي هئي، هُن کي امير به وٺي ويندا هئا ته غريبن ڏانهن به ويندي هئي. امان چوندي هئي ته ديوگان شھر ۾ هڪ امير هوندو هو، منهنجي امان هُن جي گهر دائيپي لاءِ ويندي ھئي، امان ٻڌائيندي هئي ته آئون جڏھن تنهنجي بابا جي قتل ٿيڻ بعد جڏھن هُن امير جي گهر وئي هئس تڏھن هُن جي گهر ۾ مون وڏي ڏاڏي کي سڄو معاملو ڪري ٻڌايو ته ھنن يڪدم مون کي ڪجهه پئسا ڏنا ۽ چيو ته اسان ٻي ڪابه مدد نٿا ڪري سگهون.
درويش ٻئي هٿ مٿي تي ڏئي چيو ته هنن جي اهڙي عمل تي امان کي ڏاڍي تڪليف ٿي هئي، تڏھن امان اُھي سڀ پئسا واپس ڪري ڇڏيا هئا ۽ وري ڪڏھن انهن طرف منهن نه ڪيو هو!
پوءِ اسان کي چاچي پنهنجي گهر رهائش لاءِ جڳهه ڏني آئون پنج درجا ديوگان شھر ۾ پڙھيو هئس، پر وقت ۽ حالتن اهڙو موقعو نه ڏنو جو آئون اڳتي بهتر نموني پڙھي سگهان ها.
گلزار غور سان هُن جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو، درويش ڳالهائيندو ويو، هُو وڌيڪ چوڻ لڳو ته پوءِ هڪ ڏينهن امان به مون کي ڇڏي وئي! تڏھن هن جا نيڻ لڙڪن جو طوفان روڪي نه سگهيا هوُ چوڻ لڳو ته ”ماءُ جو جدا ٿيڻ امڙ جو وڇوڙو هن وشال ڪائنات کان به وسيع ۽ ڏُکيندڙ هوندو آھي“. هي پٽ پيل ڀتريون هٿن سان ڀوريندي چوڻ لڳو آئون تمام گهڻو اداس رهڻ لڳو هئس، منهنجي چاچي جو شھر ۾ هڪ مٺائي جو دڪان هوندو هو، چاچا مون کي اسڪول مان فارغ ڪري دڪان جي ڪم لاءِ ڇڏيو هو! ايئن وقت گذرندو ويو هڪ رات منهنجي چاچي جي ڇوڪري جيڪا اسڪول ۾ پڙھندي هئي، هُن سان رات جي پهر ۾ هڪ اسڪول جو ڇوڪرو گھر ملڻ آيو هئس! جنهن کي مون ڏسي ورتو هُو! هُو مون کي ڏسي هتان نڪري ويو ته منهنجي چاچا جي ڇوڪري رڙيون ڪرڻ لڳي ۽ روئيندي مون تي الزام لڳايو ته هن مون کي ٻانهن مان جهليو! هُو اداسي وچان وڏو شوڪارو ڀري چوڻ لڳو مون لاءِ اھڙو الزام موت کان به وڌيڪ اذائيندڙ بڻيو! اهڙو موت اڄ ڏينهن تائين اذيتون ڏئي ٿو، پر ماري نٿو! افسوس اهو جو مون کي ڳالهائڻ جو موقعو به نه مليو! چاچي جي گهر وارن مون کي ٻه ڏينهن بغير کاڌي پيتي جي سزائون ڏنيون! نيٺ آئون هڪ رات هُتان کان آزاد ٿي، ڀٽڪندي ڀٽڪندي ڪجهه سال اڳ هتي پهتو هئس! هي وڻ هي مٽي منهنجا ٿيا ھئا! درويش وڏو مون ڏانهن ڏسي تعجب وچان چوڻ لڳو ”زندگي جيئڻ ڪيڏي نه ڏُکي آھي! ۽ موت ڪيڏو نه آسان جسم جو سامان آھي.“
گلزار درويش جون ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو غمگين ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته ”ڪڏھن ڪڏھن اکين ڏٺو سچ به سچ ناهي هوندو! پر جڏھن زندگي بي معنيٰ محسوس ٿيندي آھي، تڏھن اهو ضرور سوچيو ته زندگي با معنيٰ ٿيڻ ۾ دير ڪونهي.!“
گرمي وڌندي پئي وئي گلزار درويش کان پڇيو ته توهان اڄ صبح کان ڪجھ کاڌو آھي؟ درويش نماڻو ٿي وراڻيو ته ”مون جهڙا دربدر ٿيل ماڻھو زندگي جي هر صبح ۾ سج جي نئين ڪرڻن وانگي هڪ اميد ۽ شام ۾ هڪ بيوسي کي ڀاڪر پائي سمهي پوندا آھن.“
گلزار هن پوڙھي کي ٻانهن کان مٿي ڪري ڀاڪر ڀري چيو ته اچو ڪجهه کائون ٿا.
گلزار ۽ درويش اوطاق طرف وڃڻ لڳا هئا ته گلزار مسڪرائيندي پڇيس ته مون کي توهان ڪهڙو ڪم چيو هو ٻڌايو مان ڪرڻ لاءِ تيار آھيان…؟
درويش پير روڪي هٿ ٻڌي ڀنل اکين ۽ عرضدار چهري جا تاثر ڏيندي وراڻيو ته ”مون کي ديوگان وٺي هلو جنهن جوءِ جي مٽي منهنجي ماءُ آھي! آئون پنهنجا آخري پساھ ھُن جنم ڀومي ۾ پورا ڪرڻ چاهيان ٿو! ظلم ستم جي ڪارڻ وطن جي ماڻھن ۽ مٽي سان محبت جو رشتو ۽ ناتو ڪڏهن ختم نٿو ٿي سگھي.“ گلزار جا پير پنڊپهڻ ٿي ويا! گلزار کي پنهنجي ديس پنهنجي وطن پنهنجي ڌرتي سان ٿيندڙ انياءُ ڏسي انهن ماڻھن جا عمل ڏسي اکيون ڀرجي آيس. درويش کي غور سان چتائي چوڻ لڳو تون دنيا جو اُھو عظيم انسان آھين جيڪو پنهنجي ڌرتي پنهنجي مٽي سان اهڙو پريم يا جنون رکين ٿو. پاڻ ڪجهه ئي ڏينهَن ۾ ديوگان هلنداسين. ”گلزار جڏھن درويش جي ڏسَ پتي تي ديوگان شھر پهتو ته درويش خوش ٿيو هُو خوشي مان ٻهَڪي رهيو هو، وڻن گلين ۽ شهر جي پوڙھين عمارتن کي هُو ڄڻ جوان نظرن سان ڏسي رهيو هو. درويش جڏھن پنهنجي پراڻي پاڙي ۾ پهتو ته هن کي اوپرائپ محسوس ٿي. هي پنهنجي چاچي جي دڪان تي پهتو ان دڪان جي جاءِ تي هڪ ٻيو دڪان ٺھيل هو جنهن تي هڪ ٻيو نئون ماڻھو ويٺل هو! هي پنهنجي شھر جي زبان ۾ پڇڻ لڳو ته ”هن دڪان وارو ماڻھو ڪيڏانهن ويو؟ دڪان وارو درويش جي ٻوليءَ سمجهي نه سگهيو، هُن دڪان واري ڀرسان ويٺل شخص کان الائي ڇا پڇيو، هو هٿن سان اشارا ڪري رهيا ته هي ڪير آھن!؟ درويش گلزار کي اشارو ڪيو ته هي ڇا چئي رهيا آھن.“درويش لاءِ ديوگان جو شھر اجنبي ٿي ويو هو…!
***