ڪهاڻيون

ٿر جي اڃايل وڻن ۾ ٽنگيل محبتون! عبدالغني شر Aug 2020

اهو چوڏهين جو چنڊ پنهنجي دُلهن چانڊوڪي رات جي سيج مٿان چمڪي رهيو هو، اونداهه رات جي سيني تي آڪاش ۾ چمڪندڙ ستارا رقص ڪري رهيا هئا ڏکڻ جي ٿڌڙي هوائن جي جهوٽن ۾ عروسا جي ٿڪل ساڻي وجود کي ننڊ پنهنجي آغوش ۾ وٺي وڃڻ جا سانباها ڪري رهي هئي، هن جا نيڻ جيئن ئي ننڊ جي نشي ۾ وٺجي ويا ته سپنن جي جهان ۾ ڀٽ ڌڻي جي پڌر تي فقير لطيف سرڪار جو راڳ آلاپڻ لڳا، هن راڳ ٻڌڻ لاءِ فقيرن ڏانهن متوجهه ٿيڻ ٿي چاهيو، پر سپنن کي ڪهڙي ڪل ته عروسا جي ننڊ پنهنجي محبوب جي راهه ۾ گروي رکيل آھي! عروسا سوچن جي پولارن ۾ گم ٿيندي ٿي وئي هن سچي محبت جي سفر گهڻو ڀوڳيو هو ڪنهن پريم پيار جي پريت جي مسافر جي چاهتن درد ۽ ڀوڳنائن جو سفر ڪندي مسلسل ڀوڳيندي پنهنجو پاڻ کي وڃائي ڇڏيو هو ناتن رشتن جا ڪارا ڪوٽ هن پنهنجي وجود تي ڪيرائي ديوانگي جو روپ ڌاري فقيرياڻي بڻجي محبتن جي ديس جي چانئٺ تي اچي بيٺي هئي جتي ڪيترن ئي مايوس دلين جون مرادون پوريون ٿينديون هيون وڏو وقت گذري ويو هو، پر اڃان آس اندر ۾ هُري رهي هئس ته منهنجي محبت کي منزل ضرور ملندي، هي شعوري طور ڏاڍي سگهاري عورت هئي، هي همت ۽ حوصلي واري هئي، پر پنهنجي معاشري جي سرداري سوچ واري ماحول ۾ پلجي وڏي ٿي هئي جنهن ماحول ۾ اڄ به عورت جي چپن تي ڏاڍ مڙسي ۽ استحصال جا هزارين تالا لڳل آهن. هن پنهنجي آسپاس جي ماحول ۾ هڪ جيترائي پنهنجو پاڻ ماريندي ڏٺو هو جيڪي ڪن روين جي دوستي ته ڪن پنهنجي پيار جي ناڪامي پٺيان پنهنجي رئي سان پاڻ ڦاهي جي پلصراط نه پار ڪندي لٽڪايو هو عروسا پڙهيل لکيل هوندي به روايتي ڏاڍ مڙسي جي انا ۾ قيد نه هئي، هوءَ سمجنهدي هئي ته پاڻ مارڻ بزدلي آھي! چپ چاپ ديوانگي ۾ پنهنجي درد جي دوا ۽ منزل ڳولهي ورتي هئي! انهيءَ ديوانگي جي سفر ۾ ڪيترا ڏک درد ڏٺا هئا محبتن جي بک هن کي بي حال بڻائي ڇڏيو هو. سماج جي وحشي نظرن کان هميشه پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي هئي، چيڙاھٽيل چڳن ۾ پريت ۽ هوائن جو ڪوبه سنديش نه هو! هن جي ڏٻري وجود تي ميرِاڻ ئي ميراڻ هئي! هن وٽ فقط پيڙائون هيون جنهن سبب اکين مان ڪرندڙ هر لڙڪُ کي هوءَ صبحُ جو آغاز سمجهي پي ڇڏيندي هئي! هوءَ انهن لڙڪن کي پنهنجي پريم جو هيملاڪ سمجهي پي ڇڏيندي هئي! اهڙين حالتن بعد هن کي هاڻ هرڪو فقيرياڻي سمجهڻ لڳو هو! هوءَ جتي پلي وڏي ٿي هئي ان سماجُ ۾ روياڻين قاتلن جو اکيون پيون روز ڪنهن نه ڪنهن معصوم جي رت سان هولي کيڏينديون هيون! هن جو معاشرو اهڙي ذاتي زندگي جي دڳ تي هلڻ واري جي جهولي ۾ ٻه ٽي پيڙائن جا ڀريل جهول اڇلي هليو ويندو هو! هي هن کي پنهنجي وجود جي انهي جهولي ۾ مليل انهن دردن تڪليفن کي ڏسندي اندر ۾ وہ وانگر وڍ پوندا هئس پر ٻڻڪ ٻاهر نه ڪڍي سگهندي هئي، هي خيالن جي سهاري ڪڏھن ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي ڪڏهن ڀٽائيءَ جي پڌر تي ڏينهن اڀاريندي ته ڪڏھن لهائيندي رهندي هئي.

هي دردن تڪليفن جي ماري! جڏھن اخبار ۾ وڌندڙ ٿر ۾ محبتي جوڙن جي خودڪشين جي رجحان جون خبرون پڙھندي سڪتي ۾ اچي ويندي هئي! عروسه هر روز خودڪشين واري رجحان سان وڙهندڙ جوانن جي موت بابت سوچيندي بيوسي لاچاري ۽ مجبوري جا ڳوڙها ڳاڙي من اندر ۾ ئي پئي ڀور ڀور ٿيندي هئي، هن کي اهو احساس ماري ڇڏيندو هو ته آخر ان رجحان کي ڪيئن ختم ڪجي ۽ انهن نوجوانن کي زندگي جي روشني سان ڪيئن سلهاڙجي ڪيئن انهن جي اندر زندگي لاءِ محبت جو جذبو پيدا ڪجي ۽ جيئڻ جو اتساهه پيدا ڪجي. زندگي ۾ مشڪلاتون اذيتون نه هجن ته زندگي بي رنگ ۽ ٻُسي هوندي آھي، حياتي جو جوهر درد آهي! اذيتون زندگي جي آجيان ۾ هونديون آھن انسان بردبار ٿي انهن سان منهن ڏيئي جيئي اهو ئي زندگي جو شان آهي!

هي اڄ به سُقراط ۽ افلاطون جي دور کي ساري ڪوسا لڙڪُ لاڙي ٿي ۽ سوچي ٿي ته سنڌي سماج اڄ ڏيهن تائين انهي اونهي کڏ مان نه نڪري سگهيو آھي، هتي جي اهڙين حالتن جي ترجماني لطيف به پنهنجي فن ذريعي سسئي، مومل، مارئي جا پورا سُر لکي ڪري ويو آهي! پر افسوس هي اُھو ئي سنڌو ندي جو ڪنارو هي اُھو ئي حشُو جو ننگر هي اُھو ئي امر ڪوٽ جو قلعو هي اُھي ئي لطيف جون ڪامڻيون هن جديد دور ۾ به روز ڪسجن پيون روز پنهنجي سچائي مخلصي جي عيوض گلي ۾ رسو پنهنجي محبت جو احتجاج سمجهي پاڻ کي پنهنجي محبت کي لڙڪائن ٿيون، ڪڏھن ننگر جي کيجڙي ۾ ڪڏھن صحرا ٿر جي اڃايل ڪونڀٽ ۾ ته ڪڏھن وري ٽٽل وڻ ۾ ڦاھو کائي هي ازل کان پنهنجي جيت جو جهنڊو لهرائن ٿيون! جيڪو اڄ به ڪجهه ڏينهن اڳ ٿر ۾ محبتي جوڙي جنهن جا چپ پاڻ ۾ انهن جي روحُ آتما جيئن موت وقت به جُڙيل هئا تڏھن عروسه محسوس ڪيو ته اهي تصويرون نه فقط احتجاج آهن! پر محبتون سدا حيات هونديون ۽ رهنديون…