خــدا شــنـاسـي محي الدين جوکيو ڀنڀورائي Aug 2020
سنگهار آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ اوچي جبل جي چوٽي تي چڙھي بيٺو ۽ آسمان طرف هيڏي هوڏي نهارڻ لڳو. سوچڻ لڳو ته خدا مون کي هتي ضرور ملندو. اجائي دير کانپوءِ به خدا کي هن نه ڏٺو ته سوچيائين هاڻي خدا سان ڳالهائي ڏسان.
اي منهنجا خدا توکي مون ڏسڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، ٻڌو آ تون آسمانن ۾ رهين ٿو. آئون هن اوچي جبل تي چڙھي آيس ته متان توکي ڏسي وٺان! پر شايد تون اکين کان اوجهل ئي آهين. منهنجا خدا تون ڏسڻ ۾ نٿو اچين ته اڄ تون مون سان ڪلام ڪر جيئن موسيٰ سان ڳالهائيندو هُئين. هُن اهو چئي ته ڇڏيو، پر وري جلدي احساس ٿيڻ لڳس ته موسيٰ ته نبي هو ۽ خدا هن کي اهو رُتبو ڏنو هو ته هو خدا سان هم ڪلامي ٿي سگهي. منهنجي اوقات ڪهڙي آهي؟ آئون مخلوقات ۾ افضل ته آھيان، خدا مون کي اشرف المخلوق جو درجو ته ڏنو آھي، پر مان نبي ته ناهيان… وحدت الوجود جا قائل چون ٿا ته خدا هنن جبلن ۾ آھي، آسمانن ۾ آھي، زمينن ۾ آهي، سج چنڊ تارن ۾ آھي، سمنڊ جي لهرن ۾ آھي، برسات جي بوندن ۾ آھي. وحدت الشھود وارا چون ٿا ته هرهڪ چيز خدا تخليق ڪئي آھي، پر اُن ۾ موجود ناهي. سنگهار اهو سوچي وڌيڪ مُنجهي پيو. ڏاڍا ڏکيا نظريا آھن. هو اتي ئي ويٺو رهيو. شام مان رات ٿي وئي. جبل ڀوائتو ڏيک ڏيڻ لڳا. هو اُتان اٿيو ۽ گهر ڏانهن روانو ٿيڻ لڳو. رات جي اونداهي ۾ هو اڳتي وڌندو ويو، پر ڪٿان هو غلط رستي تي هليو ويو جو هن کي خبر ئي نه پئي. جڏھن گهڻو اڳيان وڌي ويو ته احساس ٿيڻ لڳس ته ڪنهن غلط رستي تي اچي ويو آھي. هو اُتان کان ئي پويان پير واپس وريو، پر صحيح رستي کان اڻ واقفيت جي ڪري اڃان به هڪ گمنام جڳھه تي اچي ويو. اڳيان وڏا وڏا جبل هئا. آسپاس رڳو جانورن، پرندن ۽ درندن جي هئڻ جو احساس ٿي ٿيو. هو مجبورن سامهون جبل ڏانهن وڌيو. جبل جي هڪ وڏي پٿر هيٺان غار جو ڏَر ڏسڻ ۾ پئي آيو. ٻاهر خطرو محسوس ڪندي سنگھار غار جي اندر وڃڻ لڳو. هو جيئن ئي غار جي اندر داخل ٿيو ته هڪ ڊگهو رستو ڏسڻ ۾ آيس. هو اهو ئي رستو وٺي اڳتي وڌندو ويو. ڪافي اڳيان نڪرڻ کانپوءِ هن ڏٺو ته غار ۾ باھ ٻري رهي آھي ۽ باھ جي ڀر ۾ هڪ جهونو شخص مراقبي جي حالت ۾ ويٺل آھي. سنگھار به خاموشي سان اُن شخص جي ڀر ۾ ويهي رهيو. هن شخص جو نواراني چهرو ٻھڪي رهيو هو. سنگھار ڪافي دير هن جي منهن ۾ ڏسندو رهيو، ڇاڪاڻ جو هن جي چهري ۾ سنگھار کي هڪ عجيب ڪشش نظر آئي. اهو شخص مراقبي مان ٻاهر نڪتو ته ڏٺائين ڀر ۾ هڪ نوجوان ويٺو آھي. نوجوان کي ڏسي هن جي منهن تي خوشي، پيار، محبت ۽ شفقت جا آثار ڏسڻ ۾ ٿي آيا. اهو شخص سنگھار سان مخاطب ٿيو.
ٻچا ڪير آهين؟ ۽ هتي ڪيئن پهتين؟ بزرگ شخص هن کان سوال پڇيو.
بابا، مان هڪ جبل تي چڙھي خدا کي پرکڻ جي جستجو ۾ هُئس. اتي ئي رات پئجي وڃڻ ڪري اونداهي ۾ گهر ڏانهن وڃڻ لڳس پر گمنام رستن تان پئجي ويس ۽ آخر هتي پهتو آھيان.
بزرگ شخص جو ان نوجوان جي اها ڳالھه ٻڌي ته هن به دل ئي دل ۾ سوچيو ته ھن نوجوان جي اها خواهش پوري ٿيڻ گهرجي. اهو سوچي اُن نوجوان کي هڪ رات پاڻ سان گڏ ٽڪايو ۽ ٻئي ڏينهن هن کي جوڳيءَ جا ڪپڙا پارائي پاڻ سان گڏ وٺي نڪري ويو. هو ٻئي جبلن، جهنگن مان ٿيندا ڪن ڳوٺن کان ٿيندا شهر جي ويجهو روڊ جي ڀر سان پهچي ويا. هنن ٻنهي کي بُک اچي ورايو سو هڪ وڻ هيٺان چادر وڇائي ويهي رهيا. بزرگ شخص جيڪو هڪ جوڳي پڻ هو تنهن پنهنجي هڙ کولي ۽ اُن مان ماني جو هڪ ٽڪر کڻي سنگھار کي ڏنائين ۽ هڪ پاڻ کائڻ لڳو. سنگھار ڏٺو ته روڊ جي پريان هڪ عورت پنهنجي ٻچڙي کي کير پياري رهي آھي، پر هُن جا اُرھ بلڪل خالي ٿي لڳا. ٻچڙو بار بار وات اُرهن مان ڪڍي روئي وري اُرهن ۾ وات کي وجهي رهيو آھي. ماءُ به قسمت کان مجبور ٻچڙي ۾ نهاري ڳوڙھا هاري رهي آھي. اهو ڏسي سنگھار جي دل ۾ همدردي ۽ انسانيت جي احساس ڪر کئي. هن اُن بزرگ کان کير جي ڪٽوري ورتي ۽ پنهنجي ماني جو ٽڪر کڻي عورت طرف ويو ۽ عورت کي مٿي تي هٿ رکي پنهنجي حصي جي ماني جو ٽڪر ڏيئي کير به هن کي ڏيڻ لڳو ته جيئن هوءَ پنهنجي معصوم ٻچڙي کي کير مان ڪجهه سرڪيون ڀرائي ٻچڙي جي بُک کي مٽائي سگهي ۽ پاڻ به کاڌو کائي ته جيئن هن جي ٻچڙي لاءِ هن جي اُرهن ۾ کير به تيار ٿي سگهي. هن اُتي پنهنجي حصي جي به ماني عورت کي ڏيئي ڇڏي ۽ پنهنجي حصي جو کير به ٻار کي پياري ڇڏيو، پر هن کي هاڻي بک يا اهڙي ڪنهن به شيءِ جو احساس نه هو بس احساس هو ته انسانيت جو.
هو ٻئي اُتان نڪتان ۽ ويتر اڳيان وڌندا ويا. اڳيان ڪيئي اهڙا واقعا درپيش ايندا ويا جن سان سنگھار جي دل کي ڏک به ٿيو ٿي ته انهن جي خدمت ڪرڻ سان کيس دلي سڪون به مليو ٿي.
هڪ جڳھه اھڙي آئي جتي هو بزرگ شخص هن کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو.
هو جيتري انسان ذات جي خدمت ڪندو ويو هن جي دل کي اوترو ئي سڪون ملندو ويو. انسان ذات جي خدمت ڪندي ڪندي هڪ ڏينهن هن کي خيال آيو ته دنيا ۾ فقط انسان ئي ته ناهي جيڪو ڏک ۽ پيڙاءُ کي منهن ٿو ڏي، پر هتي ته هر مخلوق هڪ اهڙي مخلوق جي منتظر رهي ٿي جنهن کي خدا اشرف المخلوق جو درجو ڏيئي پيدا ڪيو آھي. اُن ڏينهن کانپوءِ سنگھار انسان ذات جي دائري کان ٻاهر به خدمت ڪرڻ لڳو.
هڪ ڏينهن هو ڳوٺ ڳوٺ وسندي وسندي انسانيت جي خدمت ڪندي وري به هڪ جابلو علائقي ۾ پهچي ويو. هن آسپاس جو جبل ڏٺا ته هڪ جبل جي چوٽي هن کي اهڙي به نظر آئي جتي هو پهرين به چڙهي چڪو هو. هو وري اُن جبل تي چڙهيو، پر هن ڀيري ھُن خدا سان ڳالهائڻ جو ارادو ئي نه ڪيو. هو ان ڪري واپس اُن جبل تي چڙھيو ته جيئن پنهنجي نادانيءَ جا نشان ڏسي سگهي.
سنگھار اُن جبل تان لٿو ته وري اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته اهو بزرگ اُن جبل جي هڪ پٿر تي ويٺو آھي. سنگھار ڊوڙي اُن ڏانهن ويو ۽ نوڙي سلام ڪيائينس.
توکي خدا جي پرک ٿي؟ بزرگ سوال ڪيو.
سنگھار ٿورو ته وائڙو ٿي ويو پر پوءِ جواب ڏيڻ لڳو
نه بابا، مون اها خواهش ئي ڇڏي ڏني
بزرگ شخصَ ٿورو مسڪرايو ۽ پوءِ ڳالهائڻ لڳو.
ٻچا! تون جڏھن ڪنهن انسان کي ڏک ۽ پيڙاءُ ۾ پريشان ڏسين ٿو ته توکي به ڏک ۽ پيڙاءُ جو احساس ٿئي ٿو. تنهنجي دل ۾ کن پل لاءِ اها خواهش به اچي ٿي ته اي ڪاش ھنن جا اهي ڏک آئون برداشت ڪيان ۽ هنن کي خوشي پهچايان. پوءِ جڏھن تون انسانيت جي عظيم خدمت ڪرين ٿو ته دل کي سڪون ۽ ٿڌ پهچي ٿي. ٻچا! تو خدا کي پهاڙن ۾ ۽ آسمانن ۾ پئي ڳوليو، پر ان احساس کي نه سمجهي سگهين ته خدا دل ۾ ۽ مخلوق جي وچ ۾ رهي ٿو. اڄ تنهنجي دل صاف ۽ سڪون جو آشيانو آهي ته ان جو ڪارڻ به اهو آھي ته اُن آشياني ۾ خدا جي ذات موجود آھي.
بزرگ شخص جون ڳالهيون ٻڌي سنگھار جون اکيون کُلي ويون. ايتري ۾ بزرگ شخص موڪلائي اُتان هليو ويو ۽ سنگھار به ان جابلو علائقي مان نڪري ويو. هن اهو فيصلو ڪيو ته بجاءِ مسجد، مندر، گرجا گھرن، جبلن يا آسمانن ۾ خدا کي ڳولڻ جي هو مخلوق ۾ ئي خدا کي ڳوليندو. اهو سوچي هو اتان نڪري آيو. شام جي پهر ۾ هو روڊ جي ڀر ۾ بيٺو هو ته ھن هڪ سنگهون هاريندڙ ٻار ڏٺو جنهن جي ھٿ ۾ بوٽ پالش ڪرڻ جو سامان هو، پر ان جي چهري تان اُن شعبي کان بيزاري ٿي ڏسڻ ۾ آئي. سنگھار ڊوڙي وڃي اُن ٻارڙي کي پنهنجي سيني سان لڳايو ۽ گهر وٺي وڃي هن کي تيار ڪري ٻئي ڏينهن بستو ڪُلهي ۾ پارائي اسڪول ۾ داخلا وٺي هڪ فلاحي اداري جي حوالي ڪري آيو.
آخرڪار انسانيت جي خدمت جي تجربن مان سنگھار کي اها ڳالھه به سمجھه ۾ آئي ته ڪوبه شخص تيستائين خدا شناس به نٿو ٿي سگهي جيستائين هو خود شناس ناهي.

