خاص

راج راڄپر ڇهين سالگره جي موقعي تي ميگزين بابت تاثرات

همسري: همسري کي اِي-مئگزينن جي حيثيت ۾ توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟

راج راڄپر: لِکت جي تاريخ اوائلي دور ۾ پٿرن، پنن، چمڙي ۽ ٺِڪرن تي ملي ٿي. ڪِلڪ ۽ قلم جو اھو پنڌ انيڪ مرحلن مان ٿيندو پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ جديد سوشل ميڊيا تائين پھتو آھي. اِي-مئگزين جدت جو با ڪمال روپ آھي. ھمسري منھنجي خيال ۾ سڀ کان پھريون سنڌي اِي- مئگزين آھي، جيڪا ڳالھ اتساھيندڙ ۽ ساراھ جوڳي پڻ آھي. لڳاتار جاکوڙ ۽ اڏولتا ھڪ ڏينھن اَوس مڃتا جو ماڳ ماڻي وٺنديون. ماھوار ھمسري جو ھر مھيني مقرر وقت تي پڌرو ٿيڻ ئي سندس ڪاميابيءَ جو جيئرو جاڳندو اھڃاڻ آھي. آئون ڪافي وقت کان ھمسري سان لکڻ ۽ پڙهڻ آڌار لاڳاپيل رھيو آھيان. ھمسري جي ايڊيٽر زاھده ابڙو ۽ سندس سڄي سٿ جس لھڻي. اِي- مئگزين ھمسري ھڪ نئون تجربو آھي، ھڪ شاندار ولولو آھي. ساڳي اڻٿڪ جاکوڙ جاري رھي ته اِي- مئگزين ھڪ ڏينھن زبردست مقبوليت ماڻيندو.