روح ۾ رهاڻيون بخشيندڙ شاعري! عبدالغني شر اپريل 2022
شاعر اديب، ليکڪ ۽ دانشور زنده قومن جا قومي اثاثا هوندا آھن، جيڪي پنهنجي سڄي حياتي پنهنجي صلاحيتن وسيلي ڌرتي جي درد ۽ اندر جي اڌمن کي لفظن جي مالا ۾ پوئي جملن جو جامو پهرائي، پنهنجين لکڻين ڪهاڻين توڙي شاعري وسيلي سياسي سماجي معاملن توڙي دل جي ڪيفيتن کي پنهنجي قلمي پورهئي جي سگهه سان اپٽاريندا آھن. اهڙا انمول فرد پنهنجي مادري ٻولين جا انوکا سفير هوندا آھن. جيڪي پنهنجي صلاحيتن آڌار صدين کان زنده رهندا آيا آھن. اهڙي ريت شاعري جي طويل سفر جو هڪ منفرد مسافر شير محمد عرف عاجز اڄڻ به هڪ آھي، جنهن پنهنجي شاعري ذريعي ٽيپ ۽ ريڊيو جي عروج واري دور ۾ هزارين دلين تي راڄ ڪيو. هن جي شاعري ۾ ڌرتي جو درد به آھي ته الهڙ جوانين جي اندر جو آواز به آھي، شام جي ٿڌن پهرن ۾ سندس اوطاق جي آڳر تي ڪچهري ڪندي پنهنجون ڪهاڻيون پنهنجي زباني ٻڌائيندي چوڻ لڳو ته الهڙ جواني جي عشق مون کي شاعري سيکاري عاجز بنايو، منهنجو والد صاحب ايريگيشن ڊرپاٽمينٽ ۾ آفيسر هئڻ ڪري آئون سنڌ جي مختلف شھرن ۾ پڙھيس. شروعاتي تعليم ڊگهڙي، ڍورو نارو، سامارو، هنڱورنو، ٽنڊو جان محمد ۽ ميرپورخاص مان حاصل ڪئي. انٽر بي اي ايم اي سانگهڙ ۽ بي ايڊ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيم ۽ ايل ايل بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيم. سن 1968ع 1969ع واري وقت ۾ سنڌ ون يونٽ واري اثر هيٺ ھئي، مون به ون يونٽ خلاف هلندڙ ھلچل جي اثرن هيٺ شعر لکڻ شروع ڪيا. منهنجو پهريون شعر انهي وقت جي معروف ادبي مئگزين ماهوار روح رهاڻ ۾ شايع ٿيو، انهي کانپوءِ باقاعدگي سان ٽي ماهي مهراڻ ۽ نيئن زندگي ۾ لکڻ لڳس:
“ڪيون ٿي قريبن وڃڻ جون تياريون “
“ڏسي مون وڇوڙا ڏنيون اوڇنگارون“
چند سالن کانپوءِ 72 1971ع ريڊيو حيدرآباد تان گيتن سان سفر شروع ٿيو، جيڪو سفر مسلسل هلندو رهيو آھي. تنهن دور ۾ ريڊئي کي وڏي چاهه سان ٻڌو ويندو هو. انور وسطڙي جي آواز ۾ ڳايل هن گيت مون کي تمام گهڻي پذيرائي ڏياري:
“چيم دل کي روئين ڇوٿي چيائين يار وڇڙي ويو“
“ڪيو مون پيار هو جنهن سان اهو دلدار وڇڙي ويو “
سانگهڙ ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ ارڙھين ميل ڀرسان رهندڙ هي شاعر چند سال پهرين جسماني طرح اسان کان جدا ٿي. درگاهه بهرم بري جي احاطي ۾ مدفون ٿي چڪو آھي، مگر سندس شاعري جا اڄ به هزارين مداح موجود آھن.
عاجز اڄڻ جي شاعري ۾ عوامي ٻولي جو شائستگي سان استمعال ٿيل آھي. هن جي شاعري ۾ ڀڳل ڀريل خوابن جو تذڪرو به آھي ته اظھارن وارو احساس به آھي ته وري جدائين ۾ سڙندڙ جوانين جي درد جو نوحو به آھي! ڪومل ڪلين جهڙا شبنمي احساس به آھن، خاموش ڳوڙھا ڳاڙيندڙ اکين جو درد به آھي. عاجز جي شاعري کي پڙھندي محسوس ٿئي ٿو ته سندس شاعري ۾ خيال وسيع ۽ صلاحيتون انمول آھن.
“اوهانجون ته عمريون گلابن ۾ گذريون“
اسانجون حياتيون عذابن ۾ گذريون“
زندگي جي سفر ۾ جواني کيٽا کائيندي ڪٿ اکيون اٽڪائي ٿي ڇڏي تڏھن اندر جي موسم جا عجيب حال هوندا آھن. سندر سپنا اکين ۾ اٽڪي پوندا آھن! جن خوابن جون خماريون اکين مان ننڊ اڏاري ڇڏينديون آھن. چيٽ جي چانڊوڪين جهڙا اندر جا اجرا احساس شاعري جو روپ وٺي ساز جو سرگم بڻجي سرن جي فضائن ۾ پرديسي پکين وانگي اڏرڻ لڳندا آھن.
جڏھن محب توسان ملاقات ٿيندي
اها عيد جي سڄڻ سندي رات ٿيندي
هڪ ڀيري ڪچهري ڪندي چيائين ته مون شاعري ۾ عوامي انداز اپنائي شاعري لکي آھي! جيئن منهنجي خيالن کي سڀ ڪو سولائي سان سمجهي سگهي، مگر انهن لمحن ۾ مون کي تمام گهڻي تڪليف يا ڏک ٿيندو آھي، جڏھن دوستن سان ونڊ ڪيل پنهنجا چوسٽا يا ٻي شاعري ٻين شاعرن جي نالن سان منسوب ٿي مون تائين پهچندي آھي. انهي جو خاطر خواهه حل ته نه ڳولهي سگهيو آھيان مگر جيئن تيئن ڪري هڪ شاعري ڪتاب جو ”عشق آڏيري ول“ ڇپرائي ورتو اٿم اڃان ڪافي مواد رولڙي جو شڪار ٿيل آھي اگر ساهه ساٿ ڏنو ته جلد ٻيو ڪتاب به ڇپرائي وٺندس.
“چنڊ تنهنجي گس جي هوئن منهجا سپرين
ڏج ڏوراپا ڏک جا وڏا ڪري وس
ته اٿئي يار شابس تو عاجز سان ايڏيون ڪيون“
صدين جي سفر ۾ قديمي سنڌ جو شاعري توڙي نثر جو وڏو ذخيرو اڄ به سنڌ جي ادبي قطب خانن ۾ محفوظ حالت ۾ موجود آھي، تڏھن ته سڄي دنيا سنڌي شاعري ٻين ٻولين کان بنهه منفرد ۽ مٿڀري آھي ۽ عاجز اڄڻ به هڪ اهڙو شاعر آھي جنهن جي شاعري جي سرهاڻ صدين تائين محسوس ٿيندي رهندي.
“عشق آڏيري ول ڪنڊا جنهن ۾ قهر جا
ساڙا سوز فراق جا جنهن ۾ ڀلان ڀل
عاجز جهولي جهل ته سور سميٽيون ساهه ۾…
***

