روزانو ٻه ڪيلا کائڻ سان صحت تي حيرت انگيز اثر
روزانو ٻه ڪيلا کائڻ سان هاءِ بلڊ پريشر سميت ٻين ڪيترين ئي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو. غذائي ماهرن مطابق هي فروٽ غذائيت سان ڀرپور آهي هڪ ڪيلي ۾ 105 يا 89 ڪيلوريز ٿي سگهن ٿيون. 75 سيڪڙو پاڻي، 23 سيڪڙو ڪاربو هائيڊريٽس، هڪ سيڪڙو پروٽين، 9 سيڪڙو پوٽاشيم، 33 سيڪڙو وٽان بي-6، 8 سيڪڙو ميگنيشيم، 31 سيڪڙو فائبر، 11 سيڪڙو وٽامن سي موجود آهي. هن فروٽ کي روز استعمال ڪرڻ سان هاضمي جو نظام بهتر ٿئي ٿو، ڊپريشن يا ذهني دٻاءُ گهٽ ٿئي ٿو.
ماهرن مطابق ڪيلو کائڻ سبب صحت تي حيرت انگيز هيٺيان فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا:
- روزانو ٻه ڪيلا کائڻ جي نتيجي ۾ وٽامنز جي ڪمي نه ٿيندي، جسم کي انسولين، هيموگلوبن ۽ امينو ايسڊ تيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي، جنهن سان جسم جا نوان گهرڙا ٺهڻ شروع ٿيندا.
- روزانو ٻه ڪيلا کائڻ سان هاءِ بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. هڪ ڪيلي ۾ 420 ملي گرام پوٽاشيم حاصل ٿئي ٿو جيڪو شريانن جي پريشر کي متوازن سطح تي رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.
- روزانو ٻه ڪيلا کائڻ سان وزن گهٽ ٿئي ٿو، خون ۾ شگر ليول متوازن رهي ٿي ۽ فائبر سبب پيٽ ڀريل رهي ٿو ۽ ماڻهو اضافي بک کان بچيو وڃي.
خون جي گهٽتائي جو شڪار ماڻهو روز ٻه ڪيلا کائي فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. ڪيلي ۾ آئرن به سٺي مقدار ۾ موجود آهي جنهن سبب خون جا سرخ جزا وڌن ۽ ويجهن ٿا.