رويي جي تبديلي جو بنيادي اصول باب سورنهن ليکڪ: جيمس ڪليئر سنڌيڪار: فضا قريشي | # فيبروي 2022
1990 جي ڏهاڪي ۾ اسٽيفن لوبي نالي هڪ پبلڪ هيلٿ ورڪر پنهنجو اباڻو شهر اوماها، نبراسڪا ڇڏيو ۽ ڪراچي، پاڪستان لاءِ هڪ طرفي ٽڪيٽ خريد ڪئي.
ڪراچي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ آبادي وارن شهرن مان هڪ آهي. 1998 تائين اهو نوي لکن کان مٿي ماڻهن جو گهر سڏبو هو. اهو پاڪستان جو اقتصادي مرڪز ۽ ٽرانسپورٽ جو مرڪز آهي، جنهن ۾ علائقي جا ڪجهه سڀ کان وڌيڪ فعال ايئرپورٽ ۽ بندرگاهه آهن. شهر جي تجارتي حصن ۾ توهان تمام معياري شهري سهولتون ڳولهي سگهو ٿا، پر ڪراچي دنيا جي گهٽ رهڻ لائق شهرن مان هڪ آهي.
ڪراچي جا 60 سيڪڙي کان به وڌيڪ رهاڪو ڪچين آبادين ۽ جڳهين ۾ رهن ٿا. اهي گهاٽا پاڙا پراڻن تختن، بلاڪن ۽ ٻئي ردي مواد مان ٺهيل عارضي گهرن سان سٿيل آهن. ڪوبه گند ڪچري ڪڍڻ جو نظام نه آهي، نه بجلي جو گرڊ، نه صاف پاڻي جي فراهمي. جڏهن گهٽيون سڪل هونديون آهن ته اهي مٽي ۽ ڪچري سان ڀريل هونديون آهن ۽ آلي هجڻ جي صورت ۾ اهي گندي پاڻي جي گندگي جو ڍير بڻجي وينديون آهن. مڇرن جون ڪالونيون بيٺل پاڻي جي تلائن ۾ پکڙجي ويون آهن ۽ ٻار ڪچري جي ڍير ۾ کيڏندا رهندا آهن.
اهڙيون گندگي واريون حالتون وڏي پيماني تي بيمارين ۽ وبائن کي جنم ڏين ٿيون.آلوده پاڻي اسهال، الٽي ۽ پيٽ ۾ سور جي وبا پيدا ڪري رهيا هئا. اتي رهندڙ ٻارن جو تقريبن ٽيون حصو غذائي قلت جو شڪار هو. گھٽ جاءِ ۾ تمام گھڻن ماڻھن جي رهڻ سان، وائرس ۽ بيڪٽيريا انفيڪشن تيزي سان پکڙجي ويا هئا. اهوئي عوامي صحت جو بحران هو جيڪو اسٽيفن لوبي کي پاڪستان وٺي آيو هو.
لوبي ۽ سندس ٽيم تي اها ڳالھ آشڪار ٿي ته انتهائي گندگي واري حالت ۾ هٿن ڌوئڻ جي عادت رهاڪن جي صحت ۾ وڏي بهتري آڻي سگھي ٿي، پر جلد ئي انهن دريافت ڪيو ته ڪيترن ئي ماڻهن کي اها ڳالھ اڳ ئي خبر هئي، پر اها ڄاڻ هجڻ جي باوجود به ڪيترائي ماڻهو باقائدگي سان هٿ نه پيا ڌوئن. ڪجھ ماڻهو ته تڙ تڪڙ ۾ وهندڙ پاڻي هيٺان هٿن کي رڳو آڳرائين پيا. ڪيترن کي ته کاڌي پچائڻ کان پهرين هٿ ڌوئڻ وسري پئي ويا. هرڪو چوي پيو ته هٿ ڌوئڻ ضروري آهن، پر چند ماڻهن ئي ان کي پنهنجي عادت بڻايو هو. ان مان ظاهر ٿيو ته علم يا ڄاڻ جو مسئلو نه هو. دراصل مسئلو باقائدگي سان ان تي عمل ڪرڻ جو هو. اهو تڏهن ممڪن ٿيو، جڏهن لوبي ۽ سندس ٽيم، پراڪٽر ۽ گيمبل ڪمپني سان گڏجي انهن علائقن ۾ سيف گارڊ صابڻ ورهايو. پنهنجي عام صابڻ جي مقابلي ۾ سيف گارڊ صابڻ جو استعمال ڏاڍو وڻندڙ هو.
لوبي مون کي ٻڌايو ته ”پاڪستان ۾ سيف گارڊ صابڻ اوچو صابڻ تصور ڪيو وڃي ٿو.“ تحقيق ۾ شامل ماڻهن ٻڌايو ته کين اهو صابڻ ڪيڏو نه پسند آيو هو. صابڻ ڏاڍي سٺي گجي ٺاهي پيو ۽ جڏهن ماڻهو ان کي پنهنجي هٿن تي ملين پيا ته ان جي گج سان کيڏن پيا. ان جي خوشبو وڻندڙ هئي. ڏسندي ئي ڏسندي، هٿ ڌوئڻ وڌيڪ لطف اندوز ٿي ويو.
لوبي چيو ته ”مون اهو سکيو ته هٿ ڌوئڻ جي مقصد کي هٿي وٺرائڻ رويي جي تبديلي جو مامرو نه هو، پر اهو عادت اپنائڻ جو مسئلو هو.“ ماڻهن لاءِ اهو تمام آسان هو ته اهي هڪڙي اهڙي پراڊڪٽ اختيار ڪن جيڪا سندن حواسن کي لڀائي مثال طور: ٽوٿ پيسٽ جو ڦودني وارو ذائقو، بنسبت ان جي جيڪا حواسن لاءِ ڪجھ به فراهم نه ڪري جهڙوڪ: ڏندن صاف ڪرڻ جو ڌاڳو. پراڪٽر ۽ گيمبل جي مارڪيٽنگ جي ٽيم مثبت هٿن ڌوئڻ جو تجربو ونڊيو.“
چند ئي مهينن ۾ محققن علائقي جي ٻارن جي صحت ۾ خاطر خواهه تبديلي ڏٺي. اسهالن جي شرح گھٽجي 52 سيڪڙي تائين پهچي وئي. نمونيا 48 سيڪڙو ۽ چمڙي جو انفيڪشن 35 سيڪڙي تائين گھٽجي ويا.
ڊگھي مدي وارا اثر به بهتر ثابت ٿيا. لوبي ٻڌايو ته ”اسين ڇهن سالن کانپوءِ ڪراچي ۾ ڪجھ گھرن ۾ وياسين. 95 سيڪڙي کان مٿي گھرن ۾ جن ۾ صابڻ مفت ورهايو ويو هو، انهن گھرن ۾ هٿن ڌوئڻ جي گينڊي لڳل هئي، جتي صابڻ ۽ پاڻي موجود هئا. اسان گذريل پنجن سالن ۾ انهن کي ڪي به صابڻ ڪونه ڏنا، پر انهن تجربن دوران هو هٿن ڌوئڻ جا عادي بڻجي ويا هئا جو انهن اهو عمل بعد ۾ به جاري رکيو.“ اهو زبردست مثال آهي چوٿين ۽ آخري قانون يعني ”ان کي اطمينان بخش بڻايو“ جو اسين ان ڳالھ کي ورجائيندا آهيون جيڪا اطمينان بخش هوندي آهي. اها ڳالھ منطقي آهي. خوشي جو احساس، ڀلي ننڍڙو ڇو نه هجي جهڙوڪ: هٿ صابڻ سان ڌوئڻ جنهن جي خوشبو ۽ گج مسرورڪن هجي، اهو اسان جي ذهن کي اهو پيغام رسائي ٿو ”ان جو احساس وڻندڙ آهي. ان کي ٻيهر ڪجي.“ خوشي جو احساس اوهان جي ذهن کي اهو ٻڌائي ٿو ته اهو رويو يا ڳالھ ياد رکڻ جهڙي ۽ ورجائڻ جهڙي آهي.
اچو ته چيونگم جي ڪهاڻي جو مثال وٺون. چيونگم 1800 ۾ وڪامجڻ شروع ٿيو، پر جيستائين رگلي 1891 ۾ ان کي ايئن متعارف نه ڪرايو هو جو ان کي کائڻ سموري دنيا جي عادت بڻجي ويئي، تيستائين چيونگم عام ۽ مشهور نه ٿيو. چيونگم جا شروعاتي نسخا نرم کونئر کي گڏي ٺاهيا ويا هئا، جن کي چٻاڙي ته سگھجي پيو، پر اهي لذيذ نه هئا. رگلي ان انڊسٽري ۾ ائين انقلاب آندو جو ان ۾ هن فليور گڏي ڇڏيا، جهڙوڪ: ڦودني جو ذائقو يا ميوي جو، جنهن ان کي لذت آميز سان گڏوگڏ مزيدار به بڻائي ڇڏيو. ان کانپوءِ سون تي سهاڳو اهو ٿيو جو انهن ان جي تشهير وات کي صاف سٿري رکڻ واري شيءِ طور ڪئي. مشهوري اهو ٻڌائيندي هئي ته پنهنجي ذائقي کي تازو توانو بڻايو.
مزيدار فليور ۽ تر و تازه ساهن ۽ وات جو احساس هڪدم پاڻ ڏي ڇڪي ٿو ۽ اهڙي ريت ان شيءِ جي استعمال کي اطمينان بخش بڻائي ٿو. ان جي استعمال دنيا ۾ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ رگلي دنيا ۾ چيونگم جي سڀ کان وڏي ڪمپني بڻجي ويئي.
اهڙيون ڪهاڻيون روين جي ان بنيادي اصول جو ثبوت آهن ته ”جيڪو سودمند آهي اهو ورجاءُ لائق آهي. جيڪو تڪليف ده آهي اهو ڇڏڻ لائق آهي.“
تڪڙن ۽ دير سان نظر ايندڙ فائدن ۾ تضاد:
اهو تصور ڪريو ته اوهان آفريڪا جي ميدانن جا جانور آهيو جهڙوڪ: زراف يا هاٿي يا شينهن. ڪنهن هڪ ڏينهن، اوهان جي سڀني فيصلن تي ترت عمل ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جا تڪڙا نتيجا سامهون اچن ٿا. اوهان هميشه سوچيو ٿا ته ڇا کائجي يا ڪٿي سمهجي يا شڪارين کان ڪيئن بچجي. اوهان هميشه حال تي نظر رکو ٿا يا مستقبل قريب تي. اوهان اهڙي صورتحال ۾ رهو ٿا جنهن کي سائنسدان ڪوٺين ٿا ”تڪڙن فائدن واري صورتحال“ ڇاڪاڻ جو اوهان جا عمل چٽا ۽ تڪڙا نتيجا ڏين ٿا.
هاڻي پنهنجي انساني شڪل ۾ واپس اچو. اڄوڪي دور ۾ اوهان جيڪي اڄ چونڊون ڪريو ٿا ان جو نتيجو تڪڙو نٿو اچي. جيڪڏهن اوهان نوڪري دوران سٺو ڪم ڪريو ٿا ته ڪجھ هفتن ۾ ان جو ثمر اوهان کي ملندو. جيڪڏهن اوهان اڄ ورزش ڪريو ٿا ته عين ممڪن آهي ته اڳلي سال اوهان جو وزن گھٽجي. جيڪڏهن اوهان اڄ پئسا بچايو ٿا ته اڄ کان ڪيئي ڏهاڪا پوءِ رٽائرمينٽ جي وقت اهي اوهان کي ڪم ايندا. اوهان اهڙي صورتحال ۾ رهو ٿا جنهن کي سائنسدان سڏين ٿا ”دير سان فائدن واري صورتحال“ ڇاڪاڻ جو ان جو فائدو، عمل جي ڪيتري وقت کانپوءِ سامهون اچي ٿو.
انساني دماغ جي ارتقا دير سان فائدن واري صورتحال مطابق ناهي ٿيل. اڄوڪي دور جي انسان جون باقيات جنهن کي ”هومو سيپئين“ چئجي ٿو اهي اڄ کان تقريبن ٻه سئو هزار سال پراڻيون آهن. اهي پهريان انسان هئا جن جا دماغ لڳ ڀڳ اسان جي دماغن جهڙا هئا. خاص طور نيوڪارٽيڪس، جيڪو دماغ جو نئون حصو هو ۽ مٿئين سطح جي ڪمن ڪرڻ لاءِ مختص هو جهڙوڪ: ٻولي، اهو تقريبن ساڳي ماپ جو آهي جهڙو ٻه سئو هزار سال اڳ هو. مطلب ته اوهان جو هارڊ ويئر ساڳيو آهي جيڪو اوهان جي پيليوليٿڪ وڏڙن جو هو.
اها صفا ويجهڙ جي ڳالھ آهي يعني گذريل تقريبن پنج سئو سالن جي ته سماج دير سان سامهون ايندڙ فائدن واري صورتحال ڏانهن لڙيو آهي. دماغ جي عمر جي ڀيٽ ۾ اڄوڪو سماج بنھ نئون آهي. گذريل سئو سالن ۾، اسان ڪارن، جهازن، ٽيليويزن، ڪمپيوٽرن، انٽرنيٽ، سمارٽ فون ۽ ٻين اهڙين شين جي عروج کي ڏٺو آهي.
آفريڪا جي جهنگن جي ٻين جانورن جيان، اسان جا وڏڙا پنهنجا ڏينهن درپيش خطرن، ٻئي وقت جي ماني کي ميسر ڪرڻ ۽ طوفان کان بچڻ لاءِ ڪا پناھ گاھ هجڻ تي لڳائيندا هئا. اهو فوري طور تي تسڪين بخش احساس آهي. جيڪا شيءِ پرتي آهي ان جو اونو گھٽ آهي ۽ تڪڙي فائدن واري ماحول ۾ هزارين نسلن لڳائڻ کانپوءِ اسان جي دماغن جي ارتقا ايئن ٿي آهي جو اهي ڊگھي مدي وارين شين تي به تڪڙو فائدو چاهين ٿا.
روين جا معاشي ماهر ان صورتحال کي چون ٿا ”وقت جي غير مطابقت“. ان طريقي سان اوهان جو دماغ اهو اندازو لڳائي ٿو ته انعام وقت جي لحاظ کان متضاد آهي. اوهان مستقبل جي مقابلي ۾ حال کي وڌيڪ ترجيح ڏيو ٿا. دراصل اهو لاڙو اسان کي سٺو ۽ تڪڙو فائدو ڏئي ٿو. اهڙو فائدو جيڪو هن وقت يقيني آهي اهو اهڙي فائدي کان وڌيڪ سودمند آهي جنهن جا مستقبل ۾ ٿيڻ جا چانس آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن اسان جي تڪڙي تسڪين مسئلا به پيدا ڪري سگھي ٿي.
جيڪڏهن ڪير اهو ڄاڻي به ٿو ته سگريٽ ڇڪڻ سان ڦڦڙن جو ڪينسر ٿي سگھي ٿو پوءِ به اهو سگريٽ ڇو ٿو ڇڪي؟ ساڳي ريت، جيڪڏهن ڪنهن کي ٿولھ جي نقصانن جي خبر به آهي تڏهن به اهو گھڻو کاڌو ڇو ٿو کائي. ڪنهن کي غير محفوظ طريقن سان جنسي عمل ڪرڻ جي نتيجن جي ڄاڻ به آهي تڏهن به اهو اهڙو ڪم ڇو ٿو ڪري؟ هڪ ڀيرو اوهان اها ڳالھ سمجهي وٺندو ته اوهان جو دماغ ڪيئن ٿو ڪم ڪري ۽ اهو ڪيئن ٿو تڪڙن فائدن ڏانهن ڊوڙي، اوهان جي سامهون انهن سوالن جا جواب چٽا ٿي ويندا. سگريٽ نوشي ٿي سگھي ٿو اوهان کي ڏهن سالن جي اندر ختم ڪري، پر اها اوهان جي هن وقت جي دماغي دٻاءُ ۽ نڪوٽين جي ٻاڙ کي پورو ڪري ٿي. گھڻو کاڌو کائڻ ٿي سگھي ٿو ته اڳتي هلي اوهان لاءِ نقصانڪار هجي، پر هن لمحي ۾ اهو عمل اوهان جي بک کي ختم ڪري ٿو. جنسي عمل، محفوظ هجي يا غير محفوظ، اوهان کي ان وقت لذت ڏئي ٿو. بيماريون يا وبائون چند ڏينهن يا هفتن ۾ ظاهر نٿيون ٿين بلڪه انهن کي سال ٿا لڳن.
هر عادت وقت سان گڏ ڪيترائي نتيجا ڏيئي ٿي. بدقسمتي سان، اهي نتيجا غلط طرح پيش ٿيل آهن. اسان جي برين عادتن جا تڪڙا نتيجا مزيدار آهن، پر دراصل ان جا تنيجا خراب آهن. جڏهن ته سٺين عادتن جا تڪڙا نتيجا ان وقت تڪليف ده هجن يا مزيدار نه به هجن، پر پس و پيش اهي سودمند آهن.
تڪڙي تحسين کي پنهنجي لاءِ ڪيئن فائديمند بڻائجي؟
عادت سان چهٽي رهڻ جو هڪڙو اهم معيار اهو آهي ته ان ڪم ۾ ماڻهو کي ڪاميابي جو احساس ٿئي، پوءِ ڀلي اهو کڻي ننڍڙي سطح تي ڇو نه هجي. ڪاميابي جو احساس نشانبر آهي ته اوهان جي عادت جي فائدي جو ۽ ان ڳالھ جو ته اوهان جي محنت سڦل آهي.
هڪڙي ڪامياب دنيا ۾ هڪڙي سٺي عادت جو انعام خود ان عادت جو هجڻ آهي. جڏهن ته عملي دنيا ۾، هڪڙي سٺي عادت تڏهن وڻي ٿي جڏهن اها ڪو فائدو ڏئي. شروعاتي طور ته اها قرباني آهي. اوهان ڪجھ ڀيرا جم وڃو ٿا، پر نظر نٿو اچي ته اوهان مضبوط يا طاقتور يا فٽ ٿيا آهيو. اهڙو احساس چند مهينن کانپوءِ ٿئي ٿو، جڏهن اوهان چند پائونڊ وزن گھٽايو ٿا يا اوهان جا ڏورا ٺهڻ شروع ٿين ٿا. شروعات ۾ اوهان کي ان رستي تي ثابت قدم رهڻ لاءِ جواز گھرجي. ان ڪري تڪڙو فائدو ضروري آهي. اهي اوهان ۾ اتساھ پيدا ڪن ٿا جڏهن ته بدير ٿيندڙ فائدا پسمنظر ۾ هليا وڃن ٿا.
تڪڙو فائدو خاص طور تي فائديمند آهي جڏهن اوهان اجتناب ڪرڻ جي عادت کي منهن ڏيو ٿا، يعني اهي عادتون جن مان اوهان جان ڇڏائڻ چاهيو ٿا. اهو ڏکيو آهي ته ان عادت سان چهٽو رهجي ته خوامخواهه جي خريداري نه ڪجي يا هن مهيني شراب نه وٺجي. ڇاڪاڻ جو ڪو فرق نٿو پوي جيڪڏهن اوهان پيئڻ ڇڏي ڏيو يا اهي پسند آيل جوتا نه وٺو. اهو ڏکيو آهي ته ڪنهن عمل ٿيڻ بنا ئي اوهان مطمئن ٿي وڃو. جيڪو به اوهان ڪندا آهيو اهو دراصل ان ٻاڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ هوندو آهي.
ان جو هڪڙو حل اهو آهي ته ان صورتحال کي سر تي سوار ڪري ڇڏيو. اوهان کي اجتناب کي ظاهر ڪرڻو آهي. سيونگ اڪائونٽ کوليو ۽ ان کي اهو نالو ڏيو جيڪو اوهان خريد ڪرڻ چاهيو ٿا جهڙوڪ: چمڙي جي جيڪٽ. جڏهن اوهان ان کي خريد ڪرڻ جو سوچيو ته ان جي قيمت جا پئسا اڪائونٽ ۾ وجهي ڇڏيو. پنهنجي صبح جي ڪافي نه پيو ۽ 5 ڊالر اڪائونٽ ۾ وجهي ڇڏيو. هڪڙو ٻيو مهينو به نيٽ فليڪس کانسواءِ گذاريو ۽ 10 ڊالر اڪائونٽ ۾ وجهو. اهو ڄڻ پنهنجي لاءِ هڪڙو لائلٽي پروگرام شروع ڪرڻ وانگي آهي. يعني ليدر جيڪٽ جي صورت ۾ ان جو تڪڙو نتيجو پئسن جي بچت جي صورت ۾ ڪيترا ڀيرا ليدر جيڪٽ نه هجڻ کان وڌيڪ دلڪش آهي. اوهان ان کي ڪجھ نه ڪندي به اطمينان بخش بڻايو ٿا.
منهنجي پڙهندڙن مان هڪڙو شخص ۽ ان جي زال ان نسخي کي آزمائين ٿا. انهن گھڻو ٻاهر کائڻ جي عادت کي ختم ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ گڏ رڌڻ پچائڻ ٿي چاهيو. هنن پنهنجي بچت اڪائونٽ کي نالو ڏنو ”يورپ ٽوئر“. جڏهن به اهي ٻاهر کائڻ جو پروگرام رد ڪندا هئا، اهي بچت اڪائونٽ ۾ 50 ڊالر وجهي ڇڏيندا هئا. سال جي آخر ۾ اهي پئسا هو موڪلن تي خرچ ڪندا هئا.
باب جو خلاصو:
* رويي جي تبديلي جو چوٿون قانون آهي ان کي اطمينان بخش بڻايو.
* اسين اهو ڪم ورجائيندا آهيون جيڪو اطمينان بخش هوندو آهي.
* انساني دماغ جي ارتقا دير سان حاصل ٿيندڙ فائدن جي مقابلي ۾ تڪڙن فائدن مطابق ٿيل آهي.
* روين جي تبديلي جو بنيادي اصول آهي ”جيڪو سودمند آهي اهو ورجاءُ لائق آهي، جيڪو تڪليف ده آهي اهو ڇڏڻ لائق آهي.“
* عادت سان ڇهٽي رهڻ لاءِ ضروري آهي ته اوهان کي ان جو تڪڙو فائدو ملي پوءِ ڀلي اهو ننڍڙو ئي ڇو نه هجي.
* روين جي تبديلي جا پهريان ٽي قانون يعني ”ان کي چٽو بڻايو“، ”ان کي پرڪشش بڻايو“ ۽ ”ان کي آسان بڻايو“، ان ڳالھ کي ممڪن بڻائين ٿا ته اهو ڪم هينئر جو هينئر ڪيو وڃي. رويي جي تبديلي جو چوٿون قانون يعني ان کي اطمينان بخش بڻايو دراصل ان ڳالھ کي ممڪن بڻائي ٿو ته ان رويي کي ٻئي ڀيري به ورجائجي.
…(هلندڙ)….