بلاگخاص

زال وٽ وڃڻ جوڳو نه رهيو آهي…

الطاف شيخ جو سفر نامو

تيستائين گڊ باءِ

زال وٽ وڃڻ جوڳو نه رهيو آهي…

الطاف شيخ

زلزلن جي معاملي ۾ جاپان ڄڻ ته زلزلن جو گھر آهي. گھڻو اڳ جاپاني زلزلن جي آويڙ ۾ائين هوندا هئا جيئن ڪچي جا رهاڪو ٻوڏ جي مصيبت ۾. ٻوڏ آئي سڀ ڪجھه لڙهي ويو. جاپان ۾ به زلزلو اچڻ تي گھر ڊٺا ٿي. غريب ويچارا ته سورن ۾ هوندا هئا نه ته به جڏا ضرور ٿي پوندا هئا.

ويهين صدي جي اڌ ڌاري جاپانين ڪيترائي طريقا ۽ سامان ايجاد ڪري ورتا جن ذريعي هاڻ نوان ٺهيل گھر ۽ ٻيون عمارتون زلزلن جي لوڏن کان بچي ويون ٿي. عمارتن جي بنيادن ۾ هاڻ رٻڙ يا ٻيون لچڪدار شيون رکڻ ڪري زلزلي ۾ عمارتون لڏن ضرور ٿيون، پر هيٺ ڦهڪو نٿيون ڪن، پر سئو سيڪڙو بچاءُ جي ڪوبه ضمانت نٿو ڏئي سگھي. ڪي ڪي اهڙا زلزلا اچن ٿا جن جي طاقت ۽ خاص قسم جي لوڏن جي سَٽَ اڄ جون عمارتون به برداشت نٿيون ڪري سگھن. تازو ڪجھه سال اڳ ڪوبي شهر ۾ اهڙو ته زوردار زلزلو آيو جو ڪيئي عمارتون ويندي وڻ ٽڻ، رستا، هاءِ وي اچي پٽ پيا. هزارين ماڻهو مارجي ويا ۽ لکين دربدر ٿيا.

زلزلي جا لوڏا هڪ دفعو جاپان ۾ مون کي به محسوس ڪرڻ جو اتفاق ٿيو. ان کان اڳ پاڪستان ۾ ٻه دفعا کن محسوس ڪيا هئم، پر اهي گھڻا هلڪا هئا- ڪي سيڪنڊ ٻن لاءِ -ايتري قدر جو ان وقت ته اها به خبر نه پئي ته ڪو اهو زلزلو هو. ٻئي ڏينهن اخبار ۾ خبر پڙهڻ سان معلوم ٿيو ته ڪالهه فلاڻي وقت ٻن ٽن سيڪنڊن لاءِ زلزلو آيو هو. جاپاني زلزلن کي انهن معمولي ٽريلرن جي سڄي فلم سمجھجي ۽ ائين لڳي ٿو ڄڻ پاڻيءَ جو جهاز سمنڊ ۾ لڏي رهيو هجي. آئون جاپاني آفيس جي ٽي ماڙ واري ڪمري ۾ ڪراچيءَ کان ڪاهي آيل جهاز جي انجڻين جي مرمت ۽ مينٽيننس جو شيڊيول ٺاهي رهيو هئس ته اوچتو عجيب احساس جاڳيو. پيٽ ۾ جهڙا وڪڙ محسوس ٿيڻ لڳا ۽ آنڊا ڄڻ هيٺ مٿي کڄي رهيا هجن. جيئن اڀاميل ڇولين تي جهاز جي هلڻ وقت محسوس ٿيندو آهي يا ان کان ٿورو گھٽ پئماني جو تجربو ته اسان سڀني کي هوندو جڏهن ڪار ۾ سفر دوران ڪنهن چڙهائيءَ تان يڪدم هيٺ لهڻ وقت محسوس ٿيندو آهي.

ان سان گڏ ٿوري گھوماٽ محسوس ڪيم. شيشي جي ٽيبل تي رکيل پين ۽ پينسلون ۽ ٻيو سامان گول گھمي وڃي پٽ تي ڪريو  ڄڻ ڪا غيبات هجي جيڪا ڏسڻ ۾ نه پئي اچي، پر سامان ٽيبل تان ريڙهي هيٺ ڪيرائي ڇڏيو هجيس. مٿي ڇت ڏي نهاريم ته تار ۾ لڙڪندڙ بلب گھڙيال جي پينڊيوليم، وانگر پيو لڏي. ڀت تي ٽنگيل تصويرن جا فريم پيا لڏن. هڪدم محسوس ڪيم ته زلزلو آهي جنهن جي اچڻ کان پڪ مڪاني ماڻهو (جاپاني) آگاهه هوندا ۽ عمارت مان نڪري ميدان تي وڃي بيٺا هوندا ۽ آئون اڪيلو هن بلڊنگ جي ٽي ماڙ تي ويٺو آهيان.

زلزلي يا باهه جهڙي حادثي ۾ لفٽ هرگز استعمال نه ڪجي جو لفٽ ڦاسي سگهي ٿي يا باهه جو دونهون ان ۾ اچڻ ڪري ماڻهوءَ جي گھٽجي مرڻ جا وڌيڪ انديشا آهن. ان ڪري عمارت کي لفٽ هجڻ جي باوجود هرهڪ کي ڏاڪڻيون ڏسي ڇڏڻ کپن جيئن اهڙن موقعن تي ڏاڪڻين جو استعمال ڪري عمارت کان ٻاهر نڪري اچجي. عجيب اتفاق هو جو جهاز جي هتي آڻڻ تي هن آفيس ۾ هر دفعي ڪيترائي ڏينهن ڪم ڪرڻو پيو ٿي، پر ڪڏهن به اها توفيق نصيب نه ٿي ته ڏاڪڻيون ڏسي ڇڏجن ته اهي ڪهڙي دروازي کان آهن. هن آفيس بلڊنگ ۾ گھڙڻ سان سامهون لفٽن جا کليل دروازا نظر اچن ٿا، جن ۾ گھڙي وڃي ٿو. اڄ افسوس ٿي رهيو هو ته جيڪر ڏاڪڻيون ڏسي ڇڏجن ها. بهرحال ان موقعي تي مون وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ نٿي چاهيو. خاني ۾ رکيل ٻٽون ۽ سي ڊي سي (جهاز تي ڪم ڪندڙن جو پاسپورٽ) کڻي کيسي ۾ وڌم جيئن بلڊنگ ڪري پوڻ تي گھٽ ۾ گھٽ سي ڊي سي ته هجي ٻيا فائل ۽ جهاز جا نقشا ته پوءِ به ٺهي پوندا. پنهنجي ڪمري جو در کولي ٻاهر نڪتس. ننڍين ننڍين شين جي ڪرڻ جا آواز ورانڊي ۾ به اچي رهيا هئا. ڀر ۾ جاپاني ڪئپٽن نمبا جي آفيس هئي. ڪئپٽن نمبا اسان جي جهازران ڪمپني جي جهازن جي مختلف مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جو مددگار هو. ڪئپٽن نمبا جهڙو چرچائي ۽ چڱو مڙس ڪو ورلي هوندو، پر اڄ هن چڱي تعدي ڪئي.“ زلزلي اچڻ جو يا عمارت ڇڏڻ جو مون کي اطلاع به نه ڪيائين.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ ساڳي وقت سندس آفيس جو در کوليو. پاڻ سامهون ويٺو هو! هڪ هٿ ۾ چانهه جو مگ هئس ۽ ٻئي هٿ ۾ جھليل مارڪر پين سان ٽيبل تي وڇايل جهاز جي فل اسڪيچ تي ڪجھه نشان هڻي رهيو هو.

”مسٽر نمبا!“ مون پريشانيءَ جي حالت ۾ رڙ ڪئي ڄڻ جهاز ٻڏي رهيو هجي ۽ باقي عملو جهاز ڇڏي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ لائف بوٽ ۾ وڃي ويٺو هجي ۽ هي بي خبر ڪمري ۾ بالم بڻيو ويٺو هو.

منهنجي هينئين ڦاڙ رڙ تي نمبا ڪنڌ مٿي کنيو ۽ چانهه جو مگ رکي ائش ٽري تي رکيل دکيل سگريٽ کنيو. “دوزو الطاف سان! او گينڪي ديسڪا.” (ويهه الطاف صاحب، خوش ته آهين نه.)  ان وقت ائش ٽري بازوليون کائيندو ٽيبل تان هيٺ وڃي ڪريو. “نمبا سان، جنشن.” (مسٽر نمبا، زلزلو،) مون کي نمبا جي هيءَ  لا ابالي بنهه نه وڻي. ساهه پيو وڃي، بلڊنگ ٿي ڪري ۽ هي ويٺو خير عافيت پڇي. يعني ڪا ڳالهه ئي نه ٿي هجي. ڪئپٽن نمبا جا مزيدار چرچا پنهنجي جاءِ تي، پر ڪن موقعن تي ماڻهوءَ کي سنجيدو به رهڻ کپي. “ڪيپٽن نمبا زلزلو.”  مون در وٽ ئي بيهندي هن کي وري چتاءُ ڏنو، يعني جلد ڪر ٻاهر نڪرون ۽ عمارت کان پري هلي بيهون. اتي ڌڙا ڌڙ ڇت تان چاپوڙا ڪرڻ لڳا.

“مسٽر الطاف سٽ ڊائون هَئوِ اي ڪپ آف ٽي.” هن سگريٽ جو ڪش هڻي وڏي سڪون سان انگريزيءَ ۾ چيو ۽ اتي ورانڊي مان هڪ ٻن همراهن کي آرام سان گذرندي به ڏٺم ۽ سمجھي ويس ته جيتوڻيڪ جهاز وڏا لوڏا کائي رهيو آهي، پر ٻڏندو ڪونه. چاپوڙا سو وڏا پيا ڪرن، پر بلڊنگ ڦهڪو نه ڪندي ۽ هي هتي جا جھونا سمجھن ٿا ته هي خطرناڪ زلزلو ناهي نه ته “نمبا سان” ڪوئن وانگر ٻڏندڙ جهاز تان پهرين پاڻ ٽپ ڏئي ها. وري به پڪ لاءِ پڇيومانس“ ٻاهر نه نڪرڻو آهي؟”

“ڪا ضرورت ناهي، ننڍڙو زلزلو آهي.”

دل ۾ چيم ته اسان جو ساهه گھٽجي ويو آهي تولاءِ هي ننڍڙو زلزلو آهي! پوءِ جاپان ۾ ايندڙ وڏا زلزلا ته الائي ڇا هوندا؟

بهرحال هڪ دفعو ڪئپٽن نمبا جي ڪمري ۾ اچي ويس ته پوءِ اڌ ڪلاڪ کن ڪچهري ۽ چانهه تي وڃائي پوءِ اٿيس. هونئن جاپاني (سواءِ ڪئپٽن نمبا جي) ڪچهري ۾ وقت ضايع نه ڪندا آهن. هڪ ڏينهن هي پوڙهو ۽ ٿلهو ڪئپٽن نمبا مون وٽ جهاز تي آيو. “يار بلڊ پريشر هاءِ ٿو رهيم.” هن چيو.

 “صبح جو پنهنجي ڪتي سان ڊوڙندو ڪر.” صلاح ڏني مانس.

“ڪتي سان ڇو؟” هن حيرت مان پڇيو.

“ان ڪري جو اڪيلو واڪ ڪرڻ ۾ توکي بوريت ٿيندي”.

“ڀلا خالي پيٽ يا ڀريل پيٽ سان؟” ڪئپٽن نمبا پڇيو.

“واڪ يا ڊوڙ، هميشه خالي پيٽ سان ڪجي.” مون چيو.هن اها ڳالهه ٻڌي سگريٽ جو ڪش هڻي منهنجي ڀر ۾ اچي راز واري انداز ۾ چيو:

“هاڻ ٻڌ، هو پاڻ وارو فلپيني جهاز جو ڪئپٽن چوي ٿو ته ماني کائي پوءِ واڪ ڪر ۽ تون چوين ٿو ته خالي پيٽ تي. ٺهيو اهو به ڪم نه ٿيو. بهتر آهي ته واڪ ئي نه ڪريان.”

ڪئپٽن نمبا کائڻ جو به مڙس ماڻهو آهي. جيڪي ملندو اٿس هڙ چٽ. چيومانس، “ نمبا- سَان! هڪ ئي وقت سڀ کائڻ بدران ٿورو ٿورو ڪري قسطن ۾ کاءُ ته پيٽ نه نڪرندئي.”

“ائين ڪري نٿو سگھان.”  جواب ڏنائين.

“ڇو ڀلا”. پڇيومانس.

“ٻي جنگ عظيم بعد جاپان جي حالت خراب هئي. کائڻ لاءِ ڪجھه به نه هو. لنگھڻ ڪاٽيندي سڄو سڄو ڏينهن گذري ويندو هو ۽ پوءِ بک جي حالت ۾ جيڪي ملندو هو سو سڀ کائي کپائيندا هئاسين. اها عادت اڃا تائين هلندي اچي ۽ هاڻ ان عادت کي ترڪ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.

جاپاني اسڪولن ۾ اڄ به پڙهائي سخت ٿئي ٿي ۽ ٻارن کي مار موچڙو به گھڻو ڪن ٿا. نمبا- سَان ٻڌايو ته اسڪول جي ڏينهن ۾ هن کي هڪ ڀيري چڱي مار ملي. “هڪ دفعي ته سئي نه هڻائڻ تي ماستر صاحب مون کي لڪڻ سان ڏاڍو ڪٽيو.”  نمبا ٻڌايو. “هينئن ٿيو جو اسٽول ٽيسٽ لاءِ اسان کي چيو ويو ته ٻئي ڏينهن شيشي ۾ سئمپل کڻي اچجو ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن اسڪول پهچي جڏهن ماستر ڪاڪوس جي نموني جي گھر ڪئي ته مون کي ان وقت ياد آيو.

مون سان گڏ ساڳي ڊيسڪ تي وهندڙ ڇوڪر چيو ته: ”پرواهه نه ڪر مون پنهنجي ڪاڪوس جو هڪ وڌيڪ سئمپل آندو آهي.“ ۽ اهو سئمپل ڇوڪري کان وٺي مون پنهنجي ٽيچر کي ڏئي جان ڇڏائي نه ته ويساري تي ڏاڍي مار ملي ها.

“ڪجھه ڏينهن بعد ميڊيڪل ٽيم (ڊاڪٽر، نرسن ۽ ڪمپائونڊر سميت) ڪلاس روم ۾ آئي. جيڪي بيمار هئا انهن کي ٿڏي تي دوا ڏني وئي. نمبا! منهنجو نالو پڻ پڪاريو ويو. “توکي پيٽ ۾ ڪينئان آهن، سئي لڳندي.”

ڪمپائونڊر هيڏي وڏي سرنج کڻي مون ڏي آيو. مون هاءِ گهوڙا ڪئي ته مون سان ظلم آهي. منهنجي پيٽ ۾ ڪينئان نه آهن. اهو ڪاڪوس ئي ڪنهن ٻئي جو هو، پر اتي ڪير ٻڌي. ڪلاس ٽيچر ڏنڊو کڻي ٻه چار وهائي ڪڍيا ۽ ڪمپائونڊر کڻي ڌڏ ۾ سُئي کُپائي.”

ڪئپٽن نمبا وارا انڊونيشي جهازران ڪمپنيءَ جا به مڪاني ايجنٽ هئا. يعني انهن جا جهاز به جڏهن جاپان جي بندرگاهه ۾ ايندا هئا ته ساڳي جاپاني ڪمپني ڪميشن تي انهن جهازن جي پڻ سارسنڀال لهندي هئي. ڪئپٽن نمبا وري اسان جي پروفيشن (جهاز راني) جو ٿي ڪري ۽ سٺي انگريزي ڄاڻڻ ڪري اسان ڌارين سان وڌيڪ فري هو. هڪ ڏينهن چانهه جي وقت چرچا ڀوڳ ڪندي انڊونيشي جهاز جي ريڊيو آفيسر چيس، “ توهان جاپاني وڏا لاهه آهيو. توهان جون مايون سٻاجھيون آهن، پر مرد ڏنگا مڙس آهيو. محنتي ۽ چالاڪ به آهيو ۽ سڀني کان گوءِ کڻي وڃڻ لاءِ آتا به. ٻين ملڪن جون ٺهيل ڪئمرائون توڙي واچون، ڪارون توڙي ڪمپيوٽر ڪاپي ڪري به انهن ملڪن کان سٺا ۽ سستا ڪري ٺاهيا اٿانو.”

۽ پوءِ انڊونيشي ريڊيو آفيسر اسان ڏي مخاطب ٿي چيو، “ آمريڪن، ميڪسيڪن ۽ جاپانيءَ جو هي چرچو ٻڌو اٿانو؟ “ اسان سان گڏ ڪئپٽن نمبا به چيو، “ٻيلي وارو ڪر، ٻڌاءِ”.

هڪ آمريڪن، ميڪسيڪن ۽ جاپانيءَ جو اچي پاڻ ۾ مقابلو ٿيو. ميڪسيڪن آمريڪن کي چيو، “توهان پنهنجو پاڻ کي وڏا نشاني باز ۽ ڪائو بواءِ ٿا سمجهو. توهان جي سڄي تاريخ ٻه سئو سالن کان مٿي نه آهي. اهو چئي هن کيسي مان سڪو ڪڍي مٿي اڇليو ۽ کاٻي هٿ ۾ جھليل پستول سان ان سڪي تي فائر ڪيو ته هو ٻه اڌ ٿي ڪري پيو. ميڪسيڪن داد وٺڻ لاءِ ٻنهي طرف فاتحانه انداز ۾ نهاريو.

آمريڪن چيو، اهو ته ڪجھه به نه آهي، “پوءِ کيسي مان خنجر ڪڍي اڏامندڙ مک کي هنيو ته مک ٻه اڌ ٿي پئي. هڪ اڌ هڪ پاسي ۽ ٻيو اڌ ٻئي پاسي وڃي ڪريو. ”

جاپاني ماٺ ۾ ٻنهي کي ڏسندو رهيو، تنهن تي آمريڪن چيس ته، “تون به ته ڪجھه ڪمال ڏيکار. رڳو پنهنجو پاڻ کي سمجھو ٿا.”

“جاپانين کي گھٽ نه سمجھو. آئون توهان کان به وڏو ڪمال ڪري ٿو ڏيکاريانو.” جاپانيءَ چيو ۽ پوءِ چيلهه سان ٻڌل ترار ڪڍيائين.

“ڇا پنهنجو پيٽ ڦاڙي هراڪِري (خودڪشي) ٿي ڪيائين؟” ڪئپٽن نمبا انڊونيشيا جي ريڊيو آفيسر کان پڇيو.

” نه“، انڊونيشيءَ جواب ڏنو. اسان جي مٿان هڪ مڇر اڏامي رهيو هو. هن ترار ڪڍي ان اڏامندڙ مڇر تي ٻه چار الرون ڪيون. مڇر تي ڪو اثر نه ٿيو. هو پنهنجي ساڳي موج مستيءَ ۾ اڏامي کليل دريءَ مان نڪري ويو. جاپانيءَ پنهنجي ترار مياڻ ۾ وجھي، داد وصول ڪرڻ لاءِ آمريڪن  ۽ ميڪسيڪن اڳيان جھڪيو. ٻئي ڄڻا کل ۾ اونڌا ٿي ويا ۽ چيائونس: “ميان ڪهڙو ڪمال ڪيو اٿئي؟ هو ته اڃا پيو اڏامي؟”

جاپانيءَ طنزيه مرڪ چپن تي آڻي چيو، “اڏامي پيو، پر هاڻ زال وٽ وڃڻ جوڳو نه رهيو آهي. ڪپي ڇڏيومانس.”