خاص

شڪارپور ۾ ميونسپل چيئرمين، ڊبليو ايڇ او جي نمائندي ۽ 5 ڊاڪٽرن ۾ ڪورونا پکڙجي ويو

شڪارپور ۾ ڪورونا وائرس مقامي سطح تي پهچي ويو آهي. ان سلسلي ۾ فرنٽ لائين تي ڪم ڪندڙ شڪارپور ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين عقيل عباسي سومرو، ڊبليو ايڇ او جي ڪميونيڪيشن آفيسر ڊاڪٽر مظهر، ڊاڪٽر طاهر فريد، ڊاڪٽر پرويز، ڊاڪٽر سنديپ، ڊاڪٽر فوزيه، ڊي ايڇ او آفيس جي اڪائونٽنٽ اسدالله شيخ، ارشاد احمد، نادر حسين، عبدالنبي ۽ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر عبدالرشيد شر سميت 11 ڄڻن جي رپورٽ پازيٽو اچي وئي آهي، جن کي پنهنجن گهرن اندر 14 ڏينهن تائين آئيسوليٽ ٿيڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته هن وقت ضلعي اندر ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 26 ٿي ويو آهي. صحت کاتي جي ذريعن موجب ٻه ڏينهن اڳ صحت کاتي جي ٽيم مٿي ڄاڻايل متاثرن سميت 19 ڄڻن جي ٽيسٽ لاءِ نمونا وٺي ڪراچي ليبارٽري اماڻيا هئا، جنهن مان 11 ڄڻن جي رپورٽ پازيٽو اچڻ ۽ ضلعي اندر مريضن جو انگ وڌڻ سبب خوف واري صورتحال ڇانئجي وئي آهي. ٻئي طرف ضلعي اندر ڪورونا بابت مقرر فوڪل پرسن ڊاڪٽر صلاح الدين شيخ 11 ڪيسن جي تصديق ڪندي چيو ته ڪورونا متاثرن کي 14 ڏينهن تائين گهرن اندر آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي