سج جو اصل رنگ ڪهڙو آهي؟ ناسا جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف

آسمان تي سج جو رنگ ڦڪو نظر ايندو آهي، ڪتابن ۽ اڪثر تصويرن ۾ به سج کي ڦڪي رنگ ۾ ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته ننڍپڻ ۾ ڊرائنگ ڪرڻ وقت به سج ٺاهيندي ان ۾ ڦڪو رنگ ڀريندا هياسين، پر تازو ماهرن ٻڌايو آهي ته سج جو اصل رنگ ڦڪو ناهي. آمريڪي خلائي اداري ناسا جي اڳوڻي خلاباز تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته سج جو رنگ اصل ۾ ڦڪو نه پر اڇو آهي. اڳوڻي آمريڪي خلاباز اسڪاٽ ڪيلي پنهنجي اڪائونٽ تي پراڻي ٽوئيٽ کي ريٽوئيٽ ڪندي ٻڌايو آهي ته خلا جي حقيقت آهي ته سج اصل ۾ اڇي رنگ جو هوندو آهي پر زمين جي ماحول سبب اهو ڦڪو نظر ايندو آهي، جڏهن ته ڪير اسان جي زمين جي ماحولياتي تهه کان ٻاهر نڪرندو ته کيس سج اڇو نظر ايندو. ناسا موجب زمين جو ماحول ڳاڙهي کان وڌيڪ نيري روشني پکيڙيندو آهي، نيري روشني ۾ معمولي ڪمي جو مطلب آهي ته انساني اک سج جي رنگ کي ڦڪو سمجهندي آهي، ان کانسواءِ ايڪس ۽ گاما شعاعون زمين تي اسان تائين پهچڻ کان اڳ ئي فلٽر ٿي وينديون آهن ۽ جيئن جيئن سج جي روشني ماحول جي مختلف سطح مان گذرندي آهي، وڌ کان وڌ نيري روشني پکڙجندي آهي ۽ وڏي مقدار ۾ ڳاڙهي روشني اسان جي اکين تائين پهچندي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سج لهڻ وقت سج ۽ آسمان ڳاڙهو نظر ايندو آهي .ناسا جي اڳوڻي خلاباز سج جي رنگ بابت تصديق ڪئي ته سوشل ميڊيا تي واهپيدارن دلچسپ تبصرا ڪيا، ڪجهه ماڻهن اتفاق ڪيو ته ڪجهه وري ڀوڳ ڪيا.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments