سرگم جي سُرن جهڙو ليکڪ: ڊاڪٽر اسحاق انصاري کان (مئي 2017) ۾ ورتل انٽرويو

سرگم جي سُرن جهڙو ليکڪ: ڊاڪٽر اسحاق انصاري

کان (مئي 2017) ۾ ورتل انٽرويو

ارم محبوب

 

تعارف: جنهن کي گُلن ڦُلن سان پيار آهي، فطرت، جنهن لاءِ جيئڻ جو اتساهه آهي…. رنگ منظر، پکي پکڻ ۽ سهڻا چهرا جنهن جي ڪمزوري آهن ۽ جيڪو ڪوڙ، ڪروڌ، منافقت ۽ بناوٽ واري هن ماحول ۾ رهندي به پاڻ بچايو، پنهنجي ڏات جي ست رنگي دنيا مان سنڌي ادب کي خوبصورت تخليقن سان سينگاريندو رهي ٿو. نه ته چار سِٽون اهڙي چار چمچا ميڙي اديب يا شاعر ته هرڪو ٿي سگهي ٿو، پر لفظ ”ادب“ جو مان رکڻ هڪ وڏي ذميداري آهي جنهن کي نڀائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي پر ڊاڪٽر اسحاق انصاري جو نالو يقنن اهڙن ئي باهه عمل ليکڪن ۾ شامل ٿئي ٿو. جنهن تي سنڌ ناز ڪري سگهي ٿي. ادب، فن ۽ آرٽ جا مڙئي رنگ انصاري فيملي جي سڃاڻ آهن، ان ئي خاندان جي سرگم سُرن جهڙي ليکڪ ڊاڪٽر اسحاق انصاري سان ٿيل ڳالهه ٻولهه همسريءَ جي پڙهندڙن جي نذر…..

ارم حسن: انصاري صاحب ”خالي بينچ“ کان ”پيار دريا“ تائين جو سفر ڪيئن رهيو؟

اسحاق انصاري: منهنجي لاءِ سفر سدائين ڀاگوند ثابت ٿيندو آهي. جيئن ته آرٽ ۽ سائنس جو شاگرد آهيان، ان ڪري ارتقا ۾ يقين رکان ٿو، ان ڪري اهو سفر به ارتقا جو دليل آهي. ان سفر ۾ پڙهندڙن جي پسنديدگي به منهنجي چاهه کي برقرار رکيو، ڇو جو انهن ٻن ناولن جي وچ ۾ منهنجا ٻه سفر نامه ”پرين هُن پار“ ۽ ”نڪري پيس نيپال ڏانهن“ به اچي چڪا آهن، جن کي به پڙهندڙن سٺي موٽ ڏني آهي ۽ اهو به محسوس ڪرايو آهي ته اهي سفر نامه بروشر تان ورتل معلومات جيان ناهن پر انهن ۾ انساني احساسن سان گڏ منظر نگاري پڻ ڀرپور انداز سان ٿيل آهي هونئن به ذهن جون فيڪلٽيز وڌيڪ وسعت ماڻينديون آهن، جن جو اولڙو تخليق ۾ ضرور نظر ايندو آهي.

ارم حسن: ”پيار دريا“ کي پڙهندڙن وٽان جيڪا موٽ ملي ان مان ڪيترا مطمئن آهيو؟

اسحاق انصاري: مان وڌ کان وڌ مطمئن آهيان ڇو جو هڪ ته ان جي کپت به سٺي آهي ٻيو وري پڙهندڙ به مختلف طريقن سان موٽ ڏين ٿا، جن ۾ سوشل ميڊيا هڪ اهم ذريعو آهي. اوهان پاڻ به ڏٺو هوندو ته پڙهندڙ ناول جا مختلف ٽڪرا کڻي سجائي ڪيئن نه پنهنجي وال تي رکن ۽ شيئر ڪن پيا.

ارم حسن: فنون لطفيه جا مڙئي رنگ اوهان جي ذات سان جُڙيل آهن پر به دل جي اُوڏو ڪهڙو رنگ لڳي ٿو؟

اسحاق انصاري: هونئن ته هر تخليق پنهنجا رنگ پاڻ کڻي ايندي آهي، پوءِ اهو لکڻ هجي، فوٽو گرافي هجي، آرٽ هجي يا ميوزڪ پر جيستائين پسند جي ڳالهه آهي ته مون کي لکڻ سٺو لڳندو آهي.

ارم حسن: ان جو ڪو خاص سبب؟

اسحاق انصاري: ها مون ڪنهن زماني ۾ ڊرائنگ به ڪئي، انسٽرومينٽل ميوزڪ تي به هٿ صاف ڪيو، اسڪلپچر به ٺاهيا پر اندر مان لکڻ ڦٽي نڪتو، جنهن جو سبب شايد نه پر يقينن اهو آهي ته آرٽ جي ٻين فيلڊز ۾ مان پنهنجو اظهار صحيح نه پيو ڪري سگهان. (ارم: اها يقينن اوهان جي ڪسرِ نفسي آهي ڇو ته اوهان پاڻ کي پاڻهي Judge به ته نٿا ڪري سگهو نه، اها ڳالهه ته ٻيا ئي ٻڌائي سگهن ٿا).

ارم حسن: اوهان جي خيال ۾ هڪ تخليقڪار جي پنهنجي تخليق ۾ ذاتي شموليت ڪيتري هئڻ گهرجي؟

اسحاق انصاري: تخليقڪار جي پنهنجي تخليق سان شموليت نه هوندي ته هن جي لکڻي ۾ اهو اثر ئي نه هوندو جو پڙهندڙ کي مزو ڏي يا مطمئن ڪري سگهي، پر جي اوهان جي ان مان اهو مطلب آهي ته هن جي ذاتي تجربي يا مشاهدي جو ڪيترو سيڪڙو هجي ته اهو سيڪڙو مقرر نٿو ڪري سگهجي ڇو جو اهو ته لکڻي تي منحصر هوندو.

ارم حسن: ڇا ڪڏهن جيون ڪٿا يا يادگيريون لکڻ جو خيال آيو؟

اسحاق انصاري: جي بلڪل! ڪجهه لکيون به آهن ۽ اڳتي به ارادو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ ناول جيون ڪٿا ئي هجي. ان کانپوءِ وري جيون ڪٿا ڇپائبي. (ارم: اسان کي شدت سان انتظار رهندو).

ارم حسن: اظهار جو بهترين ذريعو اوهان جي نظر ۾؟

اسحاق انصاري: مون ڪٿي اڳ به چيو آهي ته منهنجي نظر ۾ اظهار جو بهترين ذريعو راڳ آهي يا شاعري ۽ اتفاق سان مون کي ٻئي نه ايندا آهن، (ٽهڪ ڏيندي).

ارم حسن: جهڙي ريت اوهان سنڌي ناول کي نئون رنگ روپ ڏنو آهي اهڙي ريت اسان جا ڊرامه رائيٽر سنڌي ڊرامي کي اڃان تائين نئون انداز ڏيڻ ۾ ايڏا ڪامياب ڇو نه ٿي سگهيا آهن؟

اسحاق انصاري: اوهان جي همٿ افزائي جي مهرباني، سچ ته اهو آهي جو پي. ٽي. وي جو دور سنڌي ڊرامي لاءِ شاندار دور هو ان دور ۾ ڊرامن تي ڪامياب تجربا به ڪيا ويا، پر هاڻي سٺا ڊرامه لکندڙ ڪمرشل چئنلز جي خواهش مطابق لکن ٿا، جنهن ڪري سٺو ڊرامو نٿو سرجي.

ارم حسن: موضوع ڦري گهري ساڳيا رهن ٿا، پر نواڻ ليکڪ جو ذهن ئي ڏي ٿو ان ڳالهه سان ڪيترا سهمت آهيو؟

اسحاق انصاري: جي ها فڪشن لکڻ لاءِ دنيا ۾ محدود موضوع آهن پر اهو ڪمال ليکڪ جو ئي آهي ته هو ان ۾ نواڻ آڻي پڙهندڙ تائين ڪيئن پهچائي ٿو. ڏسو محبت جو موضوع ته آدجگاد کان آهي ۽ مان سمجهان ٿو سڀ کان گهڻو لکيو به ان ئي موضوع تي ويو آهي پر ايترو ڪجهه لکجڻ جي باوجود ان موضوع تي جيڪا لکڻي اچي ٿي اها گهڻو ڪري پسند ڪئي وڃي ٿي.

ارم حسن: هڪ سوال جهيڙو ڪرائڻ جهڙو…. اوهان کان نه، بلڪه ”پيار دريا“ جي مک ڪردار ”آيان“ کان، ته ملڪان ملڪ گهمڻ ۽ مشاهدن ماڻڻ کانپوءِ سينيارٽي جو ليول ڪهڙي هنڌ وڌيڪ نظر آيو؟

اسحاق انصاري: ها… ها… ها مان اوهان جي شرارت سمجهان ٿو. جڏهن آيان مليو ته ان کان پڇي ٻڌائيندس، پر جيستائين اوهان ناول ۾ ڏسندا ته هر ڪردار چاهي ڪهڙي به ملڪ جو آهي اهو سينئر آهي، ان ڪري رڳو ڪنهن هڪ ملڪ يا دنيا جي هڪ حصي تائين اها سينيارٽي محدود نٿي ڪري سگهجي. (آيان بچي ويو…. ٽهڪ….).

ارم حسن: اسان جي اديب جو وڏي ۾ وڏو مسئلو ڪهڙو آهن؟

اسحاق انصاري: اسان جي اديب جو وڏي ۾ وڏو مسئلو معاوضو نه ملڻ آهي جڏهن ته هڪ پبلشر هڪ بائينڊر کي به پئسا ڏئي ٿو، پر تخليقڪار کي پئسو به نه ملندو، ان ڪري اديب روزگار لاءِ ٻيو ڪو ڌنڌو ڪرڻ تي مجبور ٿيو پوي، جنهن ڪري سندس گهڻو وقت ان ۾ گم ٿي وڃي ٿو ۽ تخليق گهٽ ٿي ٿئي پر ائين به آهي ته هر هڪ اديب کي سٺي نوڪري يا ڌنڌو نٿو ملي، جنهنڪري هن جي زندگيءَ ۾ رڳو ڏک ئي ڏک رهجي وڃن ٿا. ان ڪري اسان کي پروفيشنل اديب پيدا ڪرڻ لاءِ معاوضو ڏيڻ کپي.

ارم حسن: اسان وٽ پبلشرز اهو بانور ڪرائيندا آهن ته هو ڪوبه ڪتاب ڇاپي وڏي نقصان ۾ اچي ويا هجن ۽ رڳو ادب جي ”خدمت“ انهن کي اهو ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي ان جي باري ۾ اوهان جي ڇا راءِ آهي؟

اسحاق انصاري: اصل ۾ ائين ناهي جيئن پبلشر ظاهر ڪري ٿو جي هو نقصان ۾ آهي ته هن مهل تائين ڀلا اهو ٻڌايو ته ڪنهن پبلشر پنهنجي هَٽي بند ڪئي آهي؟ نه ڪئي آهي نه، ان جو مطلب آهي ته هو ڪمائي ٿو. مان نٿو چوان ته هر ڪتاب تي هو فائدي ۾ يا نقصان ۾ آهن، پر ڪاروبار ۾ ته ائين ٿيندو آهي، ان ڪري پبلشر کي ليکڪ کي سهولتون ڏيڻ گهرجن اهو هن جو بنيادي حق آهي.

ارم حسن: توهان پنج ڪامياب ڪهاڻي ڪانفرنسون ڪرائي چڪا آهيو، انهن پويان انصاري خاندان جو جيڪو خواب هو ان کي ڪيتري ساڀيان ملي آهي؟

اسحاق انصاري: ان خواب جي ساڀيان تمام سهڻي آهي. ڇو جو ان کي تمام گهڻي موٽ ملي آهي ۽ جڏهن ڪهاڻي جي ختم ٿيڻ يا مرڻ جو ذڪر هلي رهيو هو ته اسان ان وقت اهي ڪانفرنسون شروع ڪيون. ”پهرين ڪهاڻي ڪانفرنس“ ۾ اسان کي گهٽ ڪهاڻيون مليون هيون، جن جو تعداد هاڻي ته تمام گهڻو ٿي ويو آهي ۽ هاڻ ته گهڻين ڪهاڻين ملڻ ڪري جج چون ٿا اسڪروٽني ڪري ڏيو، پر اسان ائين ان ڪري نٿا ڪيون جو پوءِ جانبداري جو الزام لڳي ويندو.

ارم حسن: سنڌي ناول يا ڊرامي جي ترقيءَ جي حوالي سان به ڪجهه اهڙا قدم کڻڻ جو ارادو رکو ٿا؟

اسحاق انصاري: ڪهاڻيءَ کانپوءِ ناول جي واڌ ويجهه لاءِ ڪجهه ڪم ڪرڻو ته آهي جنهن لاءِ هن ئي ڪهاڻي ڪانفرنس ۾ ادا اخلاق انصاريءَ اعلان ڪيو هو ته سنڌي ناول تي جلد ئي سيمينار رکيو ويندو.

ارم حسن: جيڪر ادب ۽ آرٽ سان واڳيل نه هجو ها ته؟

اسحاق انصاري: ماڻهو ته هجان ها (ها ها ها ٽهڪ) اوهان کي پوري ريت خبر آهي ته منهنجي نوڪري بلڪل ٻئي نموني جي آهي. اها ته زندگي گهارڻ لاءِ ڪافي آهي پر اها زندگي به ڪهڙي جنهن ۾ پنهنجو پاڻ نه پسي سگهجي ٻين جي ڏک ۽ پيار کي نه سمجهي سگهجي، پوپٽن جي رنگن کي پسي نه سگهجي، گلن جو واس نه وٺي سگهجي، رات جو چنڊ ۽ آسمانن جي ستارن کي نه ڏسي سگهجي، ڪنهن حسينا جي چهري تي مرڪ ڏسي نه سگهجي، ڪنهن ابهم ٻار جي کِل محسوس نه ڪري سگهجي، ڪنهن پوڙهيءَ يا ٻڍي ماڻهوءَ جي گهنجن پويان غمن ۽ سکن کي محسوس نه ڪري سگهجي ته پوءِ اهو ماڻهو نه ٿيو نه.

ارم حسن: ڇا ڪڏهن شاعري ڪرڻ جو خيال آيو اٿئو؟

اسحاق انصاري: جي ها، اوهان کي حيرت لڳندي ته منهنجي پهرين لکڻي جيڪا گل ڦل ۾ شايع ٿي هئي، اها هئي منهنجي شاعري جيڪا سنڌ تي لکيل هئي. ان کانپوءِ به شاعري ڪندو رهندو آهيان، ها مون کي شاعريءَ جي پابندي سمجهه ۾ نه آئي ان ڪري منهنجا احساس آزاد نظم يا نثري نظم ۾ هوندا آهن جيڪي هن وقت به لکندو رهندو آهيان پر اهي منهنجي ذاتي ملڪيت آهن. ڇو جو مان پنهنجي سڃاڻپ نثر نگار طور تي ئي رکڻ ٿو چاهيان. ها! جي ڪنهن لاءِ لکيل هوندي آهي ته ان تائين اها امانت پڄائيندو ضرور آهيان. (ارم: يعني باقاعده سيڪيورٽي ڪوڊ هڻي…. ٽهڪ).

ارم حسن: انيس انصاري اڪيڊمي جا مول متا ڇا آهن؟

اسحاق انصاري: انيس انصاري مکيه مول متا ادب ۽ آرٽ جي خدمت ڪرڻ آهي. اسان هن وقت صرف ڪهاڻي ۽ شاعريءَ طرف ئي ڌيان ڏئي سگهيا آهيون. ڇو جو هڪ ته هي ڪم اسان جو ڪل وقتي ناهي سڀئي ڀائر پيٽ گذارڻ لاءِ ٻيون نوڪريون ڪيون پيا. مون لفظ آرٽ استعمال ڪيو آهي ۽ فنون لطيفه جي ٻين پاسن ڏي به ڪم ڪرڻو آهي جهڙوڪ: ناچ، موسيقي، آرڪيٽيڪچر، پينٽنگ، اسڪلپچر وغيره.

ارم حسن: مون اهو محسوس ڪيو آهي ته اسان جا ليکڪ رڳو هڪ پاسي يعني ادب ڏي ڌيان وڌيڪ ڏين ٿا. جڏهن ته هڪ ليکڪ جو فنون لطيفه جي ٻين پاسن جي باري ۾ به ڄاڻڻ ضروري آهي ان باري ۾ اوهان جو رويو ڇا رهيو آهي؟

اسحاق انصاري: توهان کي حيرت ٿيندي ته ننڍي هوندي مان مٽيءَ مان اسڪلپچر ٺاهيندو هئس پر اهي گهڻو ڪري رليف جي صورت ۾ هوندا هئا. سائين جي ايم سيد، مهاتما گانڌي، گوتم ٻُڌ، جيئن اخلاق انصاري منهنجي نئين ناول جي بيڪ پيج تي لکيو آهي اسان جي امڙ هُرمچي سان عمر خيام جي رباعيءَ تي تصوير جيان ڀرت ڀريندي هئي مون وري ان تصوير کي پلاسٽر آف پيرس ٺاهيو. سو اهڙا کوڙ ڪم ڪيا، پينٽنگز ڪيون، انهن مان مون وٽ هڪ تصوير اڃان تائين محفوظ آهي، اها مختلف مئگزينن جي ٽڪرن کي ڪٽي ٺاهي وئي هئي جنهن کي ڪولاج ورڪ سڏيو ويندو آهي. باقي فوٽو گرافي ته ادب جيان اسان جي رت ۾ شامل آهي جيڪا اڃان تائين پئي هلي.

ارم حسن: ڪو اهڙو خواب جنهن جي ساڀيان جو اڃان اوسيئڙو هجي؟

اسحاق انصاري: سچ پڇو ته مان دنيا جو اهو خوشنصيب ماڻهو آهيان جيڪو مون چاهيو اهو مون کي مليو. ان جو سبب شايد اهو به هجي ته مان لالچي ناهيان، ڪي وڏيون خواهشون نه رکندو آهيان، جيڪو ملندو آهي ان تي شڪر ڪندو آهيان ان ڪري مون کي تڪليف نه ٿيندي آهي. ها مان پنهنجا خواب يا منزل به ڪا اڻ ٿيڻي يا ڪا پراهين منزل نه رکندو آهيان. يونيورسٽيءَ ۾ داخلا جي پهرين ڏينهن پڪو پهه ڪيو هئم ته مون کي پهرين پوزيشن کڻڻي آهي، اها پوري ٿي. ان کانپوءِ خواهش هئي ته ڪا فيلڊ ۾ نوڪري ملي پر نه ملي سگهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي لطيف ڪئمپس خيرپور ۾ ليڪچرار ٿيس ته اتي وري اهو پهه ڪيم ته پي ايڇ ڊي ضرور ڪندس جيڪا به پوري ٿي. ان کانپوءِ خواهش ٿي ته ڪا آفيس جي نوڪري ملي ۽ اسٽيٽ بينڪ ۾ سٺي گريڊ ۾ سئون سڌو نوڪري ملي، جتان وري هاڻي انٽرنيشنل ليول جي هڪ ٻي نوڪري ملي آهي.

ارم حسن: ڇا توهان جي شادي پسند جي آهي يا فيملي ارينج ڪئي هئي؟

اسحاق انصاري: الحمدالله اها به خوشي آهي ته پيار جي شادي ڪئي جنهن کي خير خوبيءَ سان 21 سال هلي پيو. ها هڪ خواب آهي ته نوڪريءَ جي ٻنڌڻن مان آزاد ٿي، سنڌ جي ٻارن لاءِ تعليم جي شعبي ۾ ڪم ڪيان، دعا ڪيو ته ايترا وسيلا ٿين ته ٽئگور جهڙي ڪا شانتي نڪيتن کولي سگهان. (ارم: الله توهان جو خواب ساڀيان ڪندو-انشاءَالله).

ارم حسن: هڪ سياح جي حيثيت سان توهان کي کوڙ ملڪ ڏسڻ جو موقعو مليو، اسان جي پڙهندڙن کي ٻڌايو ته توهان کي ڪهڙو ملڪ وڌيڪ وڻيو ۽ ان جا ڪهڙا سبب هئا؟

اسحاق انصاري: سچ ته اهو آهي ته هر ملڪ جي پنهنجي الڳ  سڃاڻپ آهي، ڪنهن هڪ ملڪ کي ٻئي تي برتري نٿي ڏئي سگهجي جيئن پراسراريت ۽ ڪنهن پراڻي دور ۾ جيئڻ جو احساس نيپال ۾ ٿيو ته وري ٿائلينڊ ۾ آزادي ۽ سَستي سياحت ڪري سگهجي ٿي. توهان ٻين ملڪن ۾ شايد اهي تفريح گاهون يا هوٽلون برداشت نه ڪري سگهو پر اهي اوهان انهن ملڪن ۾ ڪري سگهو ٿا، اهڙيءَ طرح گونگا ٿي سنهڙي گهٽي گڏيام واري سياحت چائنا ۾ ڪري سگهو ٿا (ٻوليءَ جو مسئلو) جديد ۽ قديم دور جو سنگم وري اٽلي ۾ پسي سگهجي ٿو ته پنهنجي طبيعت جهڙي ماڻهن سان وري اسپين ۾ ملي سگهجي ٿو باقي چيڪ ۽ سلواڪيا ريپبلڪ ته روح ۾ رچيل آهن تنهنڪري سڀني ملڪن مان انهن ملڪن جو وڌيڪ پسند اچڻ فطري آهي. ان جو سبب اهو به آهي ته پنجن سالن جو طويل عرصو اتي رهيس ۽ اتان جي ماڻهن جي پهنجائپ به تمام گهڻي آهي. ان کان علاوه عمارتن جو آرڪٽيڪچر، هل اسٽيشن جون حسناڪيون ۽ ٻيا به ڪيترائي سبب آهن جن کي ڦلورڻ ۾ وقت لڳي وڃي ٿو.

ارم حسن: اسان جو نئون نسل پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت ۾ ڪيتري دلچسپي رکي ٿو؟

اسحاق انصاري: مون کي نئين نسل جي خلوص تي ڪوبه شڪ نه آهي. جيتوڻيڪ هڪ ٻن جاين تي اسان وڏن جي به غلطي آهي جو انگلش ميڊيم پڙهڻ وارن ٻارن کي سنڌي پڙهڻ به نٿي اچي، پر شڪر جو گهر جي ماحول جي ڪري هو سنڌي ڳالهائي ته سگهن ٿا، پر لکي ۽ پڙهي نٿا سگهن. وري اسان وڏن جا هڪ ٻه سٺا ڪم به آهن، جيئن سنڌي ثقافت وارو ڏهاڙو ملهائڻ ان کان اڳ اسان جو نئون نسل جيڪو ڦاٽل جينز پائي ماڊرن ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو هو ۽ اجرڪ ٽوپيءَ کي ٻهراڙي جي ماڻهو هئڻ جي نشاني سمجهندو هو، ان فخر سان پنهنجي ثقافت کي پنهنجو ڪرڻ شروع ڪيو جيڪو يقينن هڪ مثبت قدم آهي. ٻيو ته اڳي ادبي پروگرامن ۾ رڳو کک لکندڙ ۽ پڙهندڙ شامل هوندا هئا پر هاڻ HLF ۽ پوءِ SLF ۾ نوجوانن جي دلچسپي جون ڳالهيون به رکيون ويون ته اوهان ڏٺو هوندو ته هو نه رڳو والينٽئر طور شامل هئا پر مختلف پروگرامن ۾ حصو به ورتو سو اسان کي هنن کي پاڻ ڏانهن دلچسپي وٺرائڻ لاءِ نوان طور طريقا ايجاد ڪرڻا پوندا، باقي ان ڳالهه ۾ تر جيترو به شڪ ناهي ته هو پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت ڏانهن وفادار آهن ۽ ان سان پيار ڪندڙ آهن.

ارم حسن: معياري ادب تخليق ڪرڻ مهل اوليت مشاهدي کي هئڻ گهرجي يا مطالعي کي؟

اسحاق انصاري: اوليت تجربي ۽ مشاهدي کي آهي ڇو جو اوهان ٻهراڙيءَ جو ماحول ئي نه ڏٺو هجي ۽ نه ئي اتان جو ڪو تجربو هجي ته مشاهدو ته ڀلي اوهان جو ڪيترو به وسيع ڇو نه هجي اوهان ان منظر، ڪردار ۽ سچوئيشن کي صحيح طور تي لکي ئي نه سگهندا، جي لکي به ويا ته پڙهندڙ ان مان متاثر ٿي نه سگهندو. ان ڪري منهنجي خيال ۾ ته معياري لکڻي لاءِ تجربو، مطالعو ۽ مشاهدو لازم ملزوم آهن.

ارم حسن: اڄوڪي تيز رفتار دور ۾ زندگي ڪيئن ٿي لڳي؟

اسحاق انصاري: زندگي هڪ نوخيز حسينه مثل آهي جنهن جا ناز نخرا سهڻا پون ٿا. ڪڏهن ڏک آهن ته ڪڏهن سک، ڪڏهن وڇوڙو آهي ته ڪڏهن ميلاپ، ڪڏهن اکين ۾ ڳوڙها آهن ته ڳلن ۾ چُگهه، ڪڏهن خوبصورت جهرڻي هيٺان پاڻ تي ڪرندڙ ڦڙين جو مزو ٿو وٺجي ته ڪڏهن اندر ۾ ٻاٻري ڪنڊا محسوس ڪندي تتل صحرا ۾ هلڻو ٿو پوي. زندگي هڪ حسينه آهي جنهن جو حاصل مطلب سونهن ۽ پيار آهي.

ارم حسن: پنهنجي ڪٽنب ۾ دل جي ويجهو ڪو پنهنجو؟

اسحاق انصاري: (کلندي) سڀ پيارا آهن، دل جي اوڏا…. پر اخلاق انصاري ۽ مان هڪٻئي جا يار غار آهيون، هڪٻئي کي ڪڏهن ڪا ڳالهه نه به ٻڌايون ته به اڳلو سمجهي ويندو آهي، ان ڪري روز نه ڳالهايون ته ڦاٽي مرون. هن کي منهنجي سڀني اوڻائين جي، پيارن جي، ڏکن ۽ سکن جي ۽ وري مون کي به هن جون سڀ خبرون آهن. تنهنڪري ويجهڙ وارا ۽ واريون سفارشن طور هن کي يا مون کي ڳوليندا/ڳولينديون آهن.

ارم حسن: ايڏا رازدار ته پوءِ ڀلا ڪڏهن ڪو ڦڪر ڦاڙڻ جي ڪا ڌمڪي ڏني ٻنهي مان ڪنهن ننڍپڻ ۾؟

اسحاق انصاري: (ٽهڪ ڏيندي) نه نه اهڙي ضرورت پيش نه آئي آهي اڃان تائين.

ارم حسن: ڪنهن جي شخصيت ۾ اوهان جو ڌيان ڪهڙي شيءِ ڏانهن ويندو آهي؟

اسحاق انصاري: ڪا خاص نه، پر مان سمجهان ٿو اکين ڏي پاڻمرادو ڌيان هليو ويندو آهي. ڇو جو اهي اندر جو آئينو هونديون آهن. هونئن چهري تي برمودا ٽرائنگل به توجهه ڇڪائيندو آهي.

ارم حسن: ڪا ڪمزوري….؟

اسحاق انصاري: حُسن منهنجي ڪمزوري آهي، پوءِ چاهي اهو فطرت جو هجي يا انساني.

ارم حسن: همسري جي باري ۾ اوهان جو رايو ڇا آهي؟

اسحاق انصاري: ڪوبه رسالو پڙهندڙن جو اعتماد تڏهن حاصل ڪندو آهي. جڏهن هو وقت سر مارڪيٽ ۾ پهچندو آهي. اسان وٽ اهڙا رسالا گهٽ رهيا آهن، پر خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي ته ”همسري“ وقت تي مارڪيٽ ۾ ميسر هوندو آهي، جنهنڪري هن پڙهندڙن ۽ مارڪيٽ جي ماڻهن جو اعتماد حاصل ڪري ورتو آهي. ان کان علاوه لي آئوٽ ۽ پرنٽنگ به معياري اٿس، ته مواد به سٺو اٿس، پر ان ۾ اڃان به ورائٽي آڻڻي پوندي، پر يقين آهي ته هي رسالو هڪ سٺي جڳهه والاريندو.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments