خاص

سزائون سخت ڏنيون وينديون، موت جي سزا ۽ هٿ ڪٽڻ وارو دور واپس ايندو: طالبان

افغان رهنما ملا نورالدين ترابي چيو آهي ته افغانستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڏوهن تي موت جي سزا ۽ هٿ ڪٽڻ جي سزا جو دور موٽي ايندو. ممڪن آهي ته هن ڀيري اهي سزائون سرِ عام سزائون نه ڏنيون وڃن. هڪ آمريڪي اداري کي ڪابل ۾ انٽرويو ڏيندي هن چيو ته ماضي ۾ طالبان طرفان ڏنل سزائن تي تنقيد کي رد ڪندي دنيا کي خبردار ٿا ڪريون ته اهي افغانستان جي حڪمرانن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪن.