سشانت سنگهه جي گرل فرينڊ اداڪاره ريا چڪرورتي گرفتار

مبينا طور تي خودڪشي ڪندڙ بالي ووڊ اداڪار سشانت سنگھ راجپوت جي گرل فرينڊ اداڪاره ريا چڪرورتي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جي خودڪشي ڪيس وارو معاملو پيچيده ٿي پيو آهي ۽ هڪ کان هڪ انڪشاف سامهون اچي رهيا آهن. اداڪار جي موت جي تحقيق ۾ سندس گرل فرينڊ اداڪاره ريا چڪرورتي، ان جي خاندان ۽ ٻين دوستن کان مسلسل پڇا ڳاڇا جاري آهي ۽ انهيءَ دوران ڀارتي تفتيشي اداري سينٽرل بيورو آف انويسٽي گيشن (سي بي آءِ) جي تحقيق ۾ منشيات جي استعمال جو معاملو سامهون آيو جنهن کانپوءِ تفتيش ۾ نارڪو ٽڪس ڪنٽرول بورڊ (اين سي بي) به شامل ٿي ويو هو. اين سي بي اداڪاره کي ممنوعه منشيات جي خريداري ۽ استعمال جي معاملي جي تحقيقات لاءِ ٽيون ڀيرو اڄ وري طلب ڪيو هو جتي کيس باضابطه طور تي گرفتار ڪيو ويو، اداڪاره تي منشيات جي خريداري ۽ فراهم ڪرڻ جو الزام عائد ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق اين سي بي وٽ ريا جي خلاف ڪافي شاهديون موجود آهن ۽ گرفتاري کانپوءِ اداڪاره جون ميڊيڪل ۽ ڪورونا ٽيسٽون ڪرايون ويون. جنهن کانپوءِ اداڪاره کي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جتي سندس ضمانت جي درخواست منسوخ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ اداڪاره کي 14 ڏينهن جي ريمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي. ان معاملي ۾ اداڪاره جو ڀاءُ شيوڪ چڪرورتي، سشانت جو مئنيجر سيموئيل مرنڊا ۽ گهريلو ملازم دپيش ساونت پهرين کان ئي گرفتار آهن. ياد رهي ته هلندڙ سال 14 جون تي 34 ورهين جو اداڪار سشانت سنگھ راجپوت ممبئي ۾ پنهنجي فليٽ ۾ مرده حالت ۾ مليو هو. جنهن کانپوءِ سندس مداحن پاران سشانت سنگهه راجپوت جي موت جي معاملي تي سي بي آءِ کان تفتيش ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پئي ويو.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments