خاص

سعودي عرب جو پاڪستان ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان

سعودي حڪومت پاڪستان ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي آهي. پرڏيهي آفيس جي پڌرائي موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سعودي هم منصب فيصل فرحان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ٻن طرفن ڀائراڻن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پڌرائي موجب سعودي عرب طرفان پاڪستان ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي وئي آهي، جنهن تي بلاول ڀٽو پنهنجي سعودي هم منصب جا ٿورا مڃيا آهن. بلاول ڀٽو سعودي هم منصب کي پاڪستان ۾ غير معمولي ٻوڏ جي تباهه ڪارين کان آگاهه ڪيو ۽ بدترين ٻوڏ صورتحال تي ايڪي جي اظهار تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا.