خاص

سعودي عرب ۽ قطر وچ ۾ تڪرار ختم، ٽن سالن بعد سرحدون کولڻ جو فيصلو

سعودي عرب ۽ قطر هڪٻئي جي لاءِ سرحدون کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جون 2017 ۾ سعودي عرب قطر سان گڏ واپاري ۽ سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا هئا. عالمي ذريعن موجب قطر کي اڄ کان سعودي عرب ۾ شروع ٿيندڙ عرب تعاون ڪائونسل جي 41 هين اجلاس ۾ گهرايو ويو آهي. الجزيره ٽي وي پنهنجي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اها اڳڀرائي آمريڪي صدر ڊونلد ٽرمپ جي صلاحڪار جيرڊڪشنر جي عرب ملڪن جي دورن کانپوءِ سامهون آئي جيڪو هن ڊسمبر 2020 ۾ ڪيو هو. بي بي سي موجب هڪ آمريڪي آفيسر جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ۽ قطر وچ ۾ تڪرار کي ختم ڪرڻ جي لاءِ معاهدي تي صحيحون ٿينديون. سال 2017 ۾ سعودي عرب، متحده عرب امارات، بحرين ۽ مصر قطر سان لاڳاپا ختم ڪندي ڪجهه مطالبا رکيا هئا جنهن ۾ الجزيره ميڊيا نيٽ ورڪ کي بند ڪرڻ به شامل هو. عالمي ميڊيا موجب ٻنهي عرب ملڪن جا لاڳاپا معمول تي آڻڻ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو وڏو هٿ آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صلاحڪار جيرڊڪشنر ڊسمبر 2020 ۾ سعودي  بادشاهه محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي هئي ۽ ان ملاقات کانپوءِ هو قطر جي امير شيخ تميم بن حمدالثاني سان به مليو هو.