بلاگنئون

سنڌ جي ڪاليجي استادن جا مسئلا حل ڪيا وڃن…!

تعليم ڪنهن به سماج جي سڃاڻپ، ترقي ۽ فڪري آزاديءَ جو بنياد هوندي آهي ۽ تعليم جو اهو بنياد استادن جي ڪلهن تي بيٺل هوندو آهي. استاد وري سماج جو سڀ کان اهم معمار هوندو آهي. ڇو ته سماج جي سڌاري جي شروعات انسان جي ذهن ۽ ڪردار جي سڌاري کان ٿيندي آهي ۽ اهو ڪم استاد ئي سرانجام ڏيندو آهي. سنڌ جي ڪاليجن ۾ پڙهائيندڙ استاد، جيڪي مستقبل جي ڊاڪٽرن، انجنيئرن، اديبن، وڪيلن ۽ باشعور شهرين کي تيار ڪن ٿا، اهي پاڻ اڄ ڪيترن ئي سنگين مسئلن جي ور چڙهيل آهن. هنن مسئلن جي حل لاءِ ڪاليجي استادن جي نمائندگي ڪندڙ تنظيم سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچررس ايسوسيئيشن SPLA سڄي سنڌ ۾ سراپا احتجاج بڻيل آهي. سپلا ڪاليجن ۾ 19 جنوريءَ کان ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج شروع ڪيو ويو آهي. گذريل 22 جنوريءَ تي سکر ۾ سکر ريجن جي سڀني ڪاليجن جي پروفيسرن ليوڪس پارڪ کان پريس ڪلب سکر تائين احتجاجي ريلي به ڪڍي. ھيءَ حالت نه فقط استادن لاءِ اذيتناڪ آهي، پر سنڌ جي مجموعي تعليمي نظام لاءِ به خراب ثابت ٿي رهي آهي. جيئن ته سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچررس ايسوسيئيشن SPLA جا هيٺيان مطالبا  آهن:

واضح پنج درجاتي سروس اسٽرڪچر جي کوٽ: سنڌ جا ڪاليجي استاد بنا ڪنهن واضح ۽ منظم سروس اسٽرڪچر جي ڪم ڪري رهيا آهن. ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ پنج درجن (فائيو ٽائير فارمولا) تي ٻڌل ترقياتي نظام موجود ناهي، جنهن سبب وقت سر پروموشن ۽ پيشاور ترقي ممڪن نٿي ٿئي. نتيجي طور استادن ۾  مايوسي ۽ بيچيني پيدا ٿي رهي آهي.

ڊي پي سي، بورڊ-I ۽ بورڊ-II اجلاس ۾ دير: ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪاميٽي (DPC) ۽ سليڪشن بورڊن جا اجلاس باقاعدگيءَ سان نٿا ٿين. جنهن سبب خالي پيل عهدن تي ڀرتيون سالن تائين رولڙي جو شڪار آهن. استاد ساڳئي گريڊ ۾ ڪيترائي سال لوڙهين ٿا.

منظور ٿيل اساميون (SNEs) ناڪافي آهن:  ڪاليجن ۾ منظور ٿيل تدريسي آساميون شاگردن جي حقيقي انگ سان هم آهنگ ناهن. ڪيترائي ڪاليج گهربل تعداد کان گهٽ استادن سان هلن ٿا. ان کان علاوه ڪيترن ڪاليجن ۾ ڊائريڪٽر آف فزيڪل ايجوڪيشن (DPEs) ۽ لائبريرين جون آساميون  موجود ئي ناهن. اهڙي صورتحال ۾ تدريسي توڙي غير تدريسي سرگرميون گهٽ ٿي وڃن ٿيون.

گهٽ ۽ پراڻا الائونسز: هائوس رينٽ، ڪنويئنس ۽ ميڊيڪل الائونسز مهانگائي ۽ مارڪيٽ جي موجوده حالتن سان هم آهنگ ناهن. خاص ڪري شهرن ۾ رهندڙ استاد بنيادي خرچ ۽ علاج جون سهولتون پوريون ڪرڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏين ٿا، جنهن جو سڌو اثر سندن جذبي، حوصلي ۽ ڪارڪردگي تي پوي ٿو.

جديد درسي ڪتابن جي کوٽ:  گريجوئيٽ ۽ انٽرميڊيئيٽ سطح تي سائنس، ڪمپيوٽر سائنس ۽ ڪامرس جا درسي ڪتاب جديد نصاب مطابق ناهن. استاد پراڻو نصاب پڙهائڻ تي مجبور آهن، جنهن سبب شاگرد قومي ۽ عالمي سطح تي مقابلي لائق ناهن رهندا ۽ استادن تي اضافي تدريسي دٻاءُ وڌي وڃي ٿو.

انتظامي عهدن جو خالي هجڻ: اهم انتظامي عهدن جهڙوڪ ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليج، پرنسپال ڊي ڊي او (Drawing & Disbursing Officers) يا ته خالي آهن يا عارضي بنيادن تي ڀريل آهن. جنهن سبب انتظامي افراتفري ۽ مالي معاملن ۾ دير ٿئي ٿي. استاد تعليمي مسئلن بدران خراب انتظام سبب متاثر ٿين ٿا.

اعليٰ تعليمي الائونسز تي عملدرآمد نه ٿيڻ: عدالتي فيصلا هجڻ باوجود MS، MPhil ۽ PhD ڊگري رکندڙ استادن لاءِ الائونسز مڪمل طور لاڳو ناهن ٿيا. ان سان اعليٰ تعليم ۽ تحقيق جي حوصلا شڪني ٿئي ٿي ۽ ڪاليجن جي تدريسي معيار تي منفي اثر پوي ٿو.

غير تدريسي عملي جي کوٽ: ڪاليجن ۾ ڪلارڪن، ليب اسسٽنٽن، لائبريرين ۽ ٻين غير تدريسي عملي جي سخت کوٽ آهي. نتيجي طور ڪجهه ڪاليجن ۾ استاد انتظامي ۽ ڪلارڪي ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا، جنهن سبب تدريس ۽ تحقيق لاءِ وقت ۽ توانائي گهٽجي وڃي ٿي.

ناقص انفراسٽرڪچر ۽ سهولتن جي کوٽ: ڪيترن ڪاليجن ۾ ڪلاس رومن ۽ فرنيچر جي سخت کوٽ آهي.  ليبارٽريون غير فعال آهن. سائنسي اوزار ۽ لائبريريون موجود ناهن. بغير مناسب سهولتن جي، استاد بهترين صلاحيت هوندي به معياري تعليم نٿا ڏئي سگهن.

غير منصفاڻو ۽ غير منطقي ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ پاليسي: ڪابه شفاف ۽ ضابطن تي ٻڌل ٽرانسفر پاليسي موجود ناهي. استادن کي اڪثر ڪري سياسي ۽ بدعنوانيءَ جي بنيادن تي ڏورانهن علائقن ڏانهن بدلي ڪيو وڃي ٿو. جنهن جي ڪري استادن کي معاشي، خانداني ۽ سماجي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جنهن ڪري استادن ۾ سخت ذهني دٻاءُ، عدم تحفظ ۽ ناانصافي جو احساس وڌي ٿو.

مٿيان سڀ مطالبا ان ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿا ته سنڌ جا ڪاليجي استاد رڳو مالي فائدن لاءِ احتجاج ناهن ڪري رهيا، پر پيشه ور وقار، تعليمي معيار ۽ ادارتي استحڪام جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. انهن مسئلن کي نظرانداز ڪرڻ سان سنڌ ۾ اعليٰ تعليم جو مستقبل خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. انهن مسئلن جو حل رڳو استادن لاءِ نه، پر شاگردن، ادارن ۽ سڄي سماج لاءِ انتهائي ضروري آهي. اسان سنڌ جا ڪاليجي استاد حڪومت کان اهو مطالبو ڪريون ٿا ته اسان جا مسئلا حل ڪيا وڃن.