سمر قند امين مالوف ترجمو: زاهده ابڙو قسط ستين
سلجوقن ”سلجوقن جو اهو حال آهي،“ خيام تبصرو ڪندي چيو ”اڻ پڙهيل ڦورو ۽ روشن دماغ حڪمران جيڪي حد کان وڌيڪ حيواني ۽ اعليٰ وصفن جا اهل آهن سڀ کان وڌيڪ اهو ته تغرل بيگ جو مزاج سلطنتون تعمير ڪرڻ وارن جهڙو هو- مان ٽن سالن جو هئس جڏهن اهي اصفهان تي قابض ٿيا ۽ ڏهن سالن جو جڏهن بغداد فتح ڪيائون، پنهنجو پاڻ کي خليفي جي محافظ طور مسلط ڪيائين ۽ کانئس ‘سلطان شاهه شرق و غرب’ جو لقب ڦري ورتو ۽ ستر سالن جي عمر ۾ پاڻ اميرالمومنين جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين-“ عمر اها ڳالهه تحسين آميز، شايد ڪيتري حد تائين خلوص واري لهجي ۾ ڪئي پر جهان ڏاڍو گستاخانه ٽهڪ ڏنو، جنهن سان خيام جي دل آزاري ٿي ۽ هن جهان کي ڏاڍي تيز نگاهه سان ڏٺو هو اوچتو صورتحال کي سمجهڻ کان مجبور- جهان معذرت ڪئي ۽ پوءِ وضاحت ڪئي:
”جڏهن تو شادي جو ذڪر ڪيو، ته مون کي جيڪا ڳالهه حرم ۾ ٻڌائي وئي هئي سا ياد اچي وئي-“ عمر کي اهو واقعو ڌنڌلو ڌنڌلو ياد هو جنهن جو هر تفصيل جهان ڏاڍي حرص ۽ طمع سان ياد رکيو هو-
جڏهن خليفي کي تغرل جو پيغام مليو جنهن ۾ سندس ڌيءَ، سيده سان شادي جو مطالبو ڪيو ويو هو ته هو ڪاوڙ ۾ هٿان نڪري ويو- سلطان جو پيغام کڻي ايندڙ اڃان واپس به نه موٽيو هو ته هو ڄڻ آپي کان ٻاهر نڪري ويو:
”انهن ترڪن جن اڃان هاڻي هاڻي پنهنجي ڳوٺ يورٽ مان قدم ٻاهر ڪڍيو آهي! انهن ترڪن جا ابا ڏاڏا جيڪي ويجهڙ ۾ هن بُت يا هُن بُت جي پوڄا ڪري رهيا هئا ۽ پنهنجن جهنڊن تي مِرون جي منڍي ڇاپيندا هئا! ان جي اها مجال جو اميرالمومنين جي ڌيءَ سان شاديءَ جو مطالبو ڪري جيڪا شريف ترين ۽ بزرگ ترين سلسلي جي اولاد آهي؟“
جيڪڏهن سندس شاهانه هٿ پير ڪاوڙ مان ڏڪي رهيا هئا ته صرف ان ڪري جو کيس اها چڱيءَ پر ڄاڻ هئي ته هو ان مطالبي کان انڪار نٿو ڪري سگهي- مهينن جي سوچ ويچار ۽ ٻن درخواستي پيغامن کانپوءِ وڃي هن جواب تيار ڪيو ۽ ان جواب کي ايستائين پهچائڻ لاءِ پنهنجي هڪ با اعتماد ۽ پراڻي مشير کي ان ڪم لاءِ چونڊيو جيڪو ري شهر ڏانهن روانو ٿيو جنهن جا کنڊر اڄ به تهران جي اوسي پاسي نظر اچن ٿا تغرل جي درٻار اتي هوندي هئي-
خليفي جي قاصد جي روبرو ملاقات سڀ کان پهريائين وزير سان ٿي جنهن کيس دوبدو ٿي چيو:
”سلطان جي صبر ۽ تحمل جو پئمانو قابو کان ٻاهر ٿيڻ وارو آهي ۽ هو مون کي ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي- مون کي خوشي ٿي رهي آهي ته تون آخرڪار جواب کڻي پهچي ويو آهين-“
”پر ان کان به گهٽ خوشي جواب ٻڌي ٿيندئي: اميرالمومنين اوهان کي درخواست ڪندي اها گهر ڪئي آهي ته هو ان حڪم جي بجا آوري نٿو ڪري سگهي-“
وزير تمام گهڻو ڳنڀير نظر نه آيو- هو عقيق جي پٿر جي ٺهيل تسبيح جا داڻا آڱرين سان ڦيرائيندو رهيو-
”ته“، هن چيو ”هاڻي تون هن رستي ۽ هن بلند دروازي مان لنگهندي ۽ عراق جي مالڪ، فارس خراسان ۽ آذر بائيجان، ايشيا جي فاتح سچي دين جي حفاظت ڪرڻ واري تلوار، عباسي تخت جي محافظ کي اطلاع ڏيندين ته ‘خليفو پنهنجي ڌيءَ توهان جي نڪاح ۾ نه ڏيندو!’ ٺيڪ آهي هي پهريدار توکي رستو ڏيکاريندا-“
پهريدار حاضر ٿيو ۽ قاصد ان جي قيادت ۾ هلڻ لاءِ اٿي بيٺو ته وزير بي ضرر انداز ۾ اضافو ڪيو:
”اندازو ڪيان ٿو ته تون عقلمند ماڻهو جو آهين پنهنجا سڀئي قرض ورض لاهي آيو هوندين، پنهنجن پٽن ۾ پنهنجي ورثي کي به ورهائي آيو هوندين ۽ ڌيئن جون شاديون به ڪري آيو هوندين!“
سفير ٻيهر ويهي رهيو ۽ اوچتو ئي اوچتو صفا بيحال نظر اچڻ لڳو
”ڀلا تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي ڇا ڪريان؟“
”ڇا خليفي توکي ڪا ٻي هدايت نه ڏني هئي ته هن قصي کي ڪيئن ختم ڪندين ڪا ٻي راهه نه ڏيکاري هئائين ڇا؟“
”هن چيو هو ته هن شاديءَ مان جند ڇڏائڻ لاءِ جيڪڏهن ڪو رستو نه نڪري ته ان جي عيوض هو ٽي لک سونا دينار ڏيڻ چاهيندو-“
”ته آهي نه اها هڪ راهه جنهن جي ذريعي اڳيان وڌي سگهجي ٿو- پر پوءِ به مان عيوض وٺڻ واري ڳالهه کي سٺو نٿو سمجهان، خاص طور تي جڏهن خليفي تي سلطان جا ايترا احسان هجن کيس واپس شهر وٺي آيو آهي، جتان شيعن کيس ڀڄائي ڇڏيو هو، سندس مال، دولت ۽ ملڪ کيس واپس وٺرائي ڏنو اٿس- اسان تغرل بيگ کي ناراض ڪرڻ کان بنا به اهو مقصد حاصل ڪري سگهون ٿا تون چوندين ته خليفو پنهنجي ڌيءَ کيس شاديءَ لاءِ پيش ڪري ٿو، ۽ مان پنهنجي طور تي ان اطمينان بخش لمحي مان فائدو حاصل ڪندي اها تجويز پيش ڪندس ته هو اهڙي عالي مرتبي واري هستي جي شان ۾ دينارن جو تحفو پيش ڪري-“
۽ ايئن ئي ٿيو- سلطان جوش مان هڪ وڏو ڪاروان جمع ڪيو جنهن ۾ وزير، ڪيترائي شهزادا، ڪيئي درجن آفيسر ۽ اڪابر، ۽ ڪيتريون ئي عمر چڙهيل عورتون رشتيدارن کان علاوه سوين محافظ ۽ غلام سندس طرفان ڪيترائي قيمتي تحفا کڻي بغداد آيا- ڪافور، بخمل، مَرَّ (هڪ خاص قسم جو خوشبودار کنئور) ۽ جواهرن سان ڀريل صندوق ۽ هڪ لک سونا سڪا به-
خليفي وفد جي اهم ترين رڪنن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان گرم جوشي واري انداز ۾ پر ڪجهه لڪل مبارڪباد جي ڏي وٺ ڪئي- پوءِ سلطان جي وزير سان گفتگو دوران هن وات پٽيندي اها ڳالهه ڪئي ته هو شاديءَ ۾ راضي نه هو ۽ جيڪڏهن هن تي ان جي لاءِ زور يا زبردستي ڪئي وئي ته هو بغداد ڇڏي هليو ويندو-
”جيڪڏهن اميرالمومنين جو موقف اهو ئي هو ته پوءِ پاڻ دينارن تي فيصلي جي تجويز ڇو پيش ڪئي؟“
”مان رڳو ‘نه’ سان ته سندس پيشڪش کي رد نٿو ڪري سگهان- مون کي اميد هئي ته سلطان منهنجي رويي مان اندازو لڳائي وٺندو ته هو مون کان اهڙي قرباني نٿو ڪرائي سگهي مان توکي ٻڌايان ٿو ته ڪوبه سلطان چاهي اهو ترڪ رهيو هجي يا ايراني، ان کان اڳ ۾ ڪنهن خليفي هن قسم جو ڪو مطالبو ناهي ڪيو- مون کي پنهنجي وقار جي حفاظت ڪرڻي ئي پوندي!“
”ڪجهه مهينا پهرين، جڏهن مون کي احساس ٿيو ته اوهان جو جواب نفي ۾ ٿي سگهي ٿو، مون سلطان کي تيار ڪرڻ جي ڪوشش هئي مون مٿس اهو واضح ڪيو هو ته ان کان اڳ ۾ ڪنهن به ان قسم جي فرمائش نه ڪئي آهي، ۽ اها بلڪل روايت جي خلاف ڳالهه آهي ماڻهو حيران ٿي ويندا- جواب ۾ هن جيڪو ڪجهه چيو ان جي دهرائڻ جي ته مون ۾ همت ئي ناهي-“
”چئو- خوف نه ڪر!“
”اميرالمومنين مون کي معاف ڪجوَ ڇو ته اهي لفظ منهنجي زبان مان نٿا نڪري سگهن-“ خليفي کي وڌيڪ صبر جي طاقت نه رهي-
”چئو، مان توکي حڪم ٿو ڏيان- ڪابه ڳالهه لڪائي نه رک!“
”سلطان پهرين ته منهنجي تذليل ڪئي ۽ مون تي سندس خلاف اميرالمومنين جي طرفداري ڪرڻ جو الزام لڳايو… مون کي زنجيرن ۾ ٻڌرائڻ جي ڌمڪي ڏني…“
وزير ڄاڻي واڻي ڳالهائيندي ڏڪڻ جي اداڪاري ڪئي-
”مطلب جي ڳالهه ڪر- مون کي ٻڌائي تغرل بيگ ڇا چيو؟“ ”سلطان رڙ ڪندي چيو هو.
‘هي عباسي به عجيب خاندان آهي! سندن ابن ڏاڏن اڌ کان وڌيڪ دنيا فتح ڪئي، ۽ ڪهڙا ڪهڙا خوشحال شهر آباد ڪيا پر اڄ انهن کي ڏسو! مان جڏهن انهن جي سلطنت تي قبضو ٿو ڪريان ته اهو کانئن برداشت نٿو ٿئي- جڏهن انهن جي گادي جي هنڌ تي قابض ٿو ٿي وڃان ته هو ان تي راضي ۽ خوش آهن، مون ڏي تحفا ٿا اماڻين ۽ اميرالمومنين مون کي ٿو چوي، ‘مان توکي اهي سڀ علائقا ڏيندس جيڪي خدا مون کي عطا ڪيا آهن ۽ اهي سڀ مومن تنهنجي حوالي ڪندس جن جي قسمت خدا منهنجي هٿ وس ڪئي آهي- هو مون کان التجا ٿو ڪري ته سندس محل، سندس جان ۽ سندس حرم پنهنجي حفاظت ۾ وٺان- پر جيڪڏهن مان سندس ڌيءَ جو سڱ ٿو گهران ته ڪهرام ٿو مچائي ۽ پنهنجي ناموس جي حفاظت جي ڳالهه ٿو ڪري- ڇا هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ جون رانون ئي اها جڳهه آهن جنهن جي خاطر سلطان جنگ لاءِ آماده آهي؟“
خليفي جو ڳلو خشڪ ٿيڻ لڳو ۽ هو هڪ لفظ به نه ڳالهائي سگهيو وزير ان جو وڌيڪ فائدو وٺندي پيغام ختم ڪيو-
”سلطان وڌيڪ اهو به چيو، ‘وڃ هن کي چئو ته مان ان کان ڇوڪريءَ جو سڱ به ايئن ڦري وٺندس جيئن مون کانئس سلطنت ڦري ورتي آهي، جيئن بغداد تي قبضو ڪيو آهي-“
…(هلندڙ)…