پاڪستانخاصنيو‍‍ز

سموري خرابي اوهان جي پيدا ڪيل آهي ان کي صحيح ڪريو يا گهر وڃو: بلاول جي وزيراعظم تي تنقيد

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن لاهور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ پرتشدد مظاهرن تي وزيراعظم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته هي سموري خرابي سندس ئي پيدا ڪيل آهي. هاڻ هن کي صحيح ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي يا ته هو گهر وڃي. رپورٽ موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ ۽ حڪومت وچ ۾ ٿيندڙ معاهدي کي پارليامينٽ ۾ نه آندو ويو. حڪومت روڊن تي ايڪشن ورتو ان کانپوءِ ٽي ايل پي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پرتشد مظاهرن ۾ 500 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، انٽرنيٽ بند ڪيو ويو. هن جو چوڻ هو ته وزيراعظم پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نه ورتو. هاڻ تحريڪ انصاف پارليامينٽ جي پٺيان لڪڻ چاهي ٿي.