نئون

هاڻي دنيا جي هر انسان کي سستي انٽرنيٽ ملندي

انٽرنيٽ جي سست رفتاري اڄڪلهه جي ماڻهن جو اهم مسئلو بڻجي چڪي آهي. جڏهن ته آمريڪا جي اداري اسپيس ايڪس طرفان تاريخ جي سڀ کان وڏي خوشخبري اچي وئي آهي. خبرن موجب اسپيس ايڪس پنهنجي راڪيٽ فالڪن-9 ذريعي سيٽلائيٽن جو جٿو خلا ۾ موڪلڻ وارو آهي جنهن بعد دنيا جي هر انسان کي تيز انٽرنيٽ ملي سگهندي. سيٽلائيٽون ڪيليفورنيا جي وينڊر برگ ايئر فورس بيس تان گذريل سال خلا ۾ روانيون ڪرڻيون هيون پر تيز هوا ڪارڻ اهو منصوبو ملتوي ڪيو ويو هو. هاڻي اهي سيٽلائيٽون ڪجهه ڏينهن ۾ موڪليون وينديون. هنن سيٽلائيٽن مان سڀ کان وڏي سيٽلائيٽ جو نالو پاز آهي جيڪا هڪ ارٿ اميجنگ سيٽلائيٽ آهي جنهن کان علاوه ٻيون ننڍيون ننڍيون سيٽلائيٽون به اماڻيون وينديون.