سموڪ سگنل

الطاف شيخ جو سفر نامو

تيستائين گڊ باءِ

سموڪ سگنل

الطاف شيخ

گذريل مضمون ۾ ملائيشيا جي ڪئپٽن رزاليءَ جو ذڪر ڪيو اٿم. پاڻ هن وقت سندس مليل “اي ميل” ڪري ياد اچي ويو. ملائيشيا ۾ رهندڙ منهنجي ڪجھه ٻين شاگردن وانگر ڪئپٽن رزالي به E-mail ذريعي ياد ڪندو رهي ٿو. هن جي خطن ۾ اڪثر  مذهبي ڳالهيون هونديون آهن. هن وقت جيڪا اي-ميل موڪلي اٿس اها پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي ترجمو ڪري لکي رهيو آهيان. عنوان اٿس: “ان ماڻهوءَ جي ڪهاڻي جيڪو هڪ ٻيٽ تي ڦاسي پيو.”

جهاز جي تباهه ٿيڻ بعد هي همراهه سامونڊي ڇولين ۾ لڙهي هڪ اهڙي ننڍڙي ٻيٽ تي اچي سٽيو جنهن تي ڪو بني بشر نه هو.

هن دل جي اونهاين سان رب پاڪ کي ٻاڏايو ۽ پنهنجي بچاءُ لاءِ دعا گھري، پر کيس موٽڻ جي ڪابه واٽ نظر نه آئي. هو روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ چوڌاري نهاريندو رهيو ٿي ته من ڪو جهاز نظر اچي وڃي ۽ هن کي ڏسي هن جي بچاءُ لاءِ اچي، پر ڪا اهڙي اميد نموندار نه ٿي.

ٿڪجي، ٽٽجي آخر هن جھڙ ڦڙ ۽ اس سيءَ کان بچڻ لاءِ هڪ جھوپڙي ٺاهي جنهن لاءِ هن کي ڪجهه ڪاٺ سندس ڀڳل جهاز جو لڙهي آيل ملي ويو ۽ ڪجھه هن ٻيٽ تي موجود وڻن مان حاصل ڪيو. ٻيٽ تي هيڏانهن هوڏانهن ڦري گهري جيڪي ڪجھه کائڻ پيئڻ لاءِ مليس ٿي اهو به ان جھوپڙيءَ ۾ اچي رکيائين ٿي.

هڪ ڏينهن هو کاڌي پيتي جي ڳولا تان جيئن ئي سج لٿي مهل پنهنجي جھوپڙيءَ ڏي موٽيو ته هن کي پري کان ئي سندس جھوپڙي سڙندي نظر آئي. باهه جا اُلا ۽ دونهون آسمان تائين پهچي ويو. هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ويڌن ٿي سگھي ٿي. غريب جو الهه تلهه برباد ٿي ويو. هو غم ۽ غصي جي حالت ۾ چڪرائجي ويو.

“منهنجا مولا! مون غريب وٽ هو ئي ڇا جيڪو تو چٽ ڪري ڇڏيو” هن روئي ٻاڏايو. بهرحال ٻئي ڏينهن صبح جو ڪنهن جهاز جي وِسل (گهگهوءَ) جي آواز تي هن جي اک کلي ته هن ڏٺو ته هڪ جهاز هن جي ٻيٽ ڏي وڌي رهيو آهي. اهو هن کي بچائڻ لاءِ اچي نڪتو.

هي خوشي ۽ حيرت وچان وائڙو ٿي ويو.

”اسان تنهنجو سموڪ سگنل پري کان ڏسي ورتو” هنن وراڻيو.

جڏهن شين کي ايئن ٿيندي نٿو ڏسجي جيئن دل چاهي ٿي ته انسان جھٽ مايوس ٿيو وڃي، پر اسان کي دل لاهڻ نه کپي، ڇو ته رب پاڪ اسان جي بهتري لاءِ ان وقت به ڪم ڪندو رهي ٿو جڏهن اسان تڪليف ۽ پريشاني ۾ نا اُميد ٿي وڃون ٿا.

ياد رکو ٻئي دفعي جي توهان جي ننڍڙي جھوپڙي ٻري رهي آهي ته ٿي سگھي ٿو ته “رب جي رحمت” کي توهان وٽ آڻڻ لاءِ اهو سموڪ سگنل هجي.

***

مسواڙ تي پئسا ڏيڻ

گھر مسواڙن تي ڏنا وڃن ٿا. توهان اهو به ٻڌو هوندو ته وڏن شهرن ۾ ٽئڪسين کان علاوه پرائيويٽ ڪارون پڻ سڄي ڏينهن لاءِ يا هفتي کن لاءِ مسواڙ تي ملن ٿيون. اهڙي طرح شادين مرادين ۾ ڪرسين، پليٽن کان وٺي قناطون ۽ تنبو پڻ مسواڙ تي ملن ٿا. اسان وٽ لائيٽ وڃڻ جي پِٽ آهي. ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو جنريٽر وٺي رهيا آهن ۽ شادين جي موقعي تي روز جي حساب سان اهي به مسواڙ تي ملن ٿا. بهرحال انهن سڀني ڳالهين بابت توهان ضرور ٻڌو هوندو، پر ٿي سگھي ٿو ته توهان اهو نه ٻڌو هجي ته ملائيشيا ۾ پئسا به مسواڙ تي ڏنا وڃن ٿا، جنهن کي توهان شايد وياج به چئي سگھو ٿا. ملاڪا، سريمبان ۽ جوهور بارو جهڙن ملائيشيا جي شهرن جي ڀاڄي مارڪيٽ ۾ ڏسندئو ته مختلف هنڌن تي چيني سيٺ ٽيبل تي پئسا رکيو ويٺا هوندا. پوءِ صبح ساڻ چيني گاڏن تي ڀاڄي، فروٽ يا ٻيو سامان رکي وڪڻڻ وارا، انهن کان پئسا اچي وٺندا آهن. ملائيشيا ۾ نوڪريءَ دوران هڪ ڏينهن نيٺ هڪ گاڏي واري کان پڇيم ته هي چڪر ڇا آهي؟ هن ٻڌايو ته هن جهڙا غريب ماڻهو روزانو صبح جو چيني سيٺ کان هڪ سئو ڊالر اوڌر تي وٺي ان جي ڀاڄي، ميوو يا گانگٽ مڇيون خريد ڪري شهر جي مختلف گھٽين ۾ وڪرو ڪن ٿا ۽ پوءِ شام جو سيٺ کي سندس سئو ڊالر واپس ڪرڻ مهل هڪ ڊالر مسواڙ طور به ڏين ٿا. بلڪه هڪ ڊالر مسواڙ وارو چيني سيٺ 100 ڊالر ڏيڻ وقت هن کان ان ئي وقت وٺي ٿو، ان کي چئبو آهي مور کان وياج مٺو!

هونئن ظاهري طرح لڳي ٿو ته هڪ سئو ڊالر تي هڪ ڊالر ڪجھه به نه آهي اهي گاڏي تي هڪ سئو ڊالرن جو ميوو يا ڀاڄي وڪڻڻ وارو پنهنجي مور سان گڏ ويهارو کن ڊالر فائدو به ڪڍيو وٺي ۽ ان مان هڪ ڊالر سيٺ کي ڏيندي کيس ڪو ڏک نٿو ٿئي، پر ان سيٺ کي هڪ سئو ڊالرن تي روزانو هڪ ڊالر ملي وڃڻ وڏو فائدو آهي. ڇو جو روزانو سئو ڊالر ڏيڻ تي مهيني ۾ هن کي ٽيهه ڊالر مليو وڃن ۽ سال ۾ 365 ڊالر جيڪو تمام وڏو فائدو، ڪميشن يا وياج (جيڪو سمجھو) ٿئي ٿو. گھڻي کان گھڻو فائدو (يا وياج) ڏيڻ واريون بينڪون به سال ۾ هڪ سئو ڊالرن تي ڏهن کان پندرهن ڊالرن تائين ڏين ٿيون، پر هن ريت هڪ سئو ڊالرن تي 365 ڊالر مليو وڃن. وڏي ڳالهه ته بينڪ ۾ ته اهي پندرهن کن ڊالر به تڏهن ملن ٿا جڏهن پوري سال لاءِ توهان سئو ڊالر هنن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ هتي روزانو توهان جا پئسا توهان کي واپس موٽي ملن ٿا. هڪ چيني سيٺ ٻڌايو ته ان ۾ فقط اهو خطرو آهي ته ڪو توهان جا پئسا نه کائي وڃي. “سو اسان اوڌر تي پئسا ان کي ئي ڏيندا آهيون جنهن جي ڪو گارنٽي ڏئي ٿو. بهرحال ڪڏهن ڪڏهن ڪو دوکو به ڏئي وڃي ٿو، پر ان سان ڪو خاص فرق نٿو پوي جو فائدي جو حصو ايڏو وڏو آهي جو ڪڏهن سال اڌ ۾ هڪ سئو ڊالر جو هلي وڃڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. هونئن به ويهه پنجويهه گراهڪن مان هڪ اڌ چور به نڪري سگھي ٿو، پر پوليس ۾ شڪايت ڪرڻ تي هو ورلي ڪو بچي سگھي ٿو. ڇو جو ملائيشيا ۾ پڻ ڪيترن يورپي ملڪن وانگر، هرهڪ ماڻهوءَ جي شناخت جو نمبر آهي ۽ هرهڪ جي پوسٽل ائڊريس آهي، ان ڪري هن کي ڳولڻ ڏکيو ڪم ناهي.” ايتري قدر جو ملائيشيا ۾ ڪار خريد ڪري رجسٽر ڪرائڻ جا ڪاغذ، توڙي ڊرائيونگ جو امتحان پاس ڪرڻ تي ڊرائيونگ لائسنس مالڪ کي هٿ ۾ ڏيڻ بدران، هن جي شناختي ڪارڊ ۾ لکيل پوسٽل ائڊريس تي موڪليو وڃي ٿو، جيئن پڪ ٿئي ته هو واقعي ان ائڊريس تي رهي ٿو ۽ حادثي ڪرڻ جي حالت ۾ هن کي اتان سوگهو ڪري سگهجي. …(پورو ٿيو)…..

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments