سنٿيا رچي کي ملڪ بدري کان روڪڻ واري حڪم ۾ واڌ
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آمريڪي شهري ۽ بلاگر سنٿيا ڊي رچي جي جلاوطني جي سزا تي 13 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله آمريڪي شهري ۽ بلاگر سنٿيا ڊي رچي پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت سنٿيا ڊي رچي کي گذريل حڪم تحت حلف نامو داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته ان ڪيس جي جاچ گهرو وزارت جو ڪم آهي، هن چيو ته سنٿيا پنهنجي درخواست ۾ سنگين الزام هنيا آهن. چيف جسٽس اطهر من الله وڌيڪ چيو ته ڇا حڪومت نٿي چاهي ته هن معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي وڃي. سنٿيا رچي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته لوئر ڪورٽ ۾ ٻه ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن پر اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ جي طرفان ڪوبه پيش نه ٿيو آهي. ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سنٿيا رچي ويزا وڌائڻ جي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي، جيڪا گهرو سيڪريٽري وٽ ٻڌڻي هيٺ آهي.