انٽرويوخاص

سنڌي ٻوليءَ جي ماهر آفتاب ابڙو کان (فيبروري 2017) ۾ ورتل انٽرويو.

سنڌي ٻوليءَ کي پيش ايندڙ مسئلن تي

سنڌي ٻوليءَ جي ماهر آفتاب ابڙو کان

(فيبروري 2017) ۾ ورتل انٽرويو

زاهده ابڙو

تعارف: اصل نالو عبدالله، ادبي نالو آفتاب ابڙو آهي، تعلقي ڏوڪري سان تعلق اٿم. ضلعي لاڙڪاڻي باڊهه مان مئٽرڪ ۽  انٽر لاڙڪاڻي مان ڪيم. بي. اي کان وٺي لسانيات ۾ پي. ايڇ. ڊي تائين منهنجي تعليم ڪراچيءَ جي آهي. 1972ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1973ع ۾ شادي ڪيم. 1973ع ۾ ئي ڪراچي اچي رهيس ۽ SLT پرائمري ٽيچر جي طور نوڪري ڪيم. ان وقت ۾ نيو ڪراچي ۾ اچي رهيس جتي پڙهڻ لکڻ جو رجحان تمام گهڻو هو. هر ڳلي ۽ محلي ۾ لائبريريون هيون جتي آسانيءَ سان سٺا سٺا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ملي ويندا هئا. جنهن ۾ افسانوي ادب گهڻو هوندو هو. ڪرشن چندر ۽ ٻيا ليکڪ ان دور ۾ پڙهيم. اٺين درجي کان وٺي ٻوليءَ ڏانهن وڌيڪ لاڙو هو. ان وقت ۾ مون کي عبدالڪريم سنديلو صاحب جن جو ڪتاب مليو “وينجهار اکين جو ٺار”، لوڪ ادب ڇا آهي ان جي ڀڃ گهڙت، ان جون بنيادي صنفون ڪهڙيون آهن، لوڪ ادب جو سرمايو ڇا آهي؟ اهڙيون شيون پڙهڻ کانپوءِ شوق وڌيو ان وقت جي تر جي سگهڙن سان به ڪچهريون ٿينديون هيون اتان گهڻو پرايم. 1973 کان 1976 تائين اهڙو ماحول مليو جو ريڊيو ۽ ٽي. وي تي ادبي پروگرام ڪيم. 1976 کان 1978 جي وچ ۾ سراج الحق ميمڻ صاحب سان ملاقات ٿي پوءِ ان کان گهڻو ڪجهه پرايم. جديد لسانيات به ان کان ئي سکيم، سراج صاحب مون کي 1000 رپيا وظيفي طور ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته ويهي پڙهه. پاڻ ماڊرن سوچ جو ماڻهو هو، ڪمپيوٽر جي ڄاڻ به سائين سراج وٽان مليم. سندس ئي چوڻ تي آمريڪن لائبريريءَ جو ميمبر ٿيس ۽ پوءِ اتي وڃي لئنگويج تي سٺا سٺا ڪتاب پڙهندو هئس ۽ ڪجهه ڳالهيون نوٽ ڪري ايندو هئس. خاص طور تي لسانيات جا اصطلاح هوندا هئا ۽ انهن تي ساڻس بحث ٿيندا هئا. ان ئي دور ۾ Blooms Field جنهن کي لسانيات جو (ابو) ٿو سڏيو وڃي ان جو ڪتاب پڙهيم. پوءِ حاجن جتوئي جو ڪتاب “علم لسان سنڌي زبان” پڙهيم. جيڪي ڳالهيون عالم نه سمجهائي سگهيا اهي سائين سراج سمجهايون. سائين عبدالڪريم سنديلي به مون تي هميشه شفقت جو هٿ رکيو. سائين وري مون کي لغت طرف راغب ڪيو جنهن مون کي اهو سمجهايو ته ٻولي جو بنياد سمجهڻ لاءِ لغت جو سمجهڻ ضروري آهي. ٻوليءَ جا ڌاتو، ايٽمالاجي، فلالاجي سميٽڪس، علم مصنوعات انهن سڀني جي ڄاڻ ڏنائين. 1981 ۾ انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ 11 گريڊ ۾ منهنجي سينئر ٽرانسليٽر طور مقرري ٿي. انهيءَ دوران منهنجا سنڌي گرامر جي عنوان سان ڪجهه مضمون ڇپيا. 1983 ۾ پبليڪيشن ۾ آيس، انهيءَ دوران منهنجو هڪ مضمون ڇپيو هو سنڌي درسي ڪتابن جو جائزو جنهن ۾ چوٿين کان ستين تائين درسي ڪتابن جو مون جائزو ورتو. انهن ۾ گرامر، محاورن ۽ صورتخطي جون چڪون هيون سي ڪڍيم ۽ انهن تي هڪ تنقيدي مضمون لکيم ان مضمون ئي منهنجي ادبي قد ڪاٺ ۾ اضافو ڪيو. ان جي هڪ هڪ ڪاپي مون سراج ميمڻ، نبي بخش خان بلوچ، سائين سنديلو ۽ سائين غلام علي الانا کي ڏني. انهن سڀني مضمون پڙهڻ کانپوءِ منهنجي تمام گهڻي عزت افزائي ڪئي سائين نبي بخش خان بلوچ ته اسلام آباد کان ڪهي مون سان ملڻ آيو، جنهن سان منهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ حوصلو وڌيو. 1988 ۾ آئون انفارميشن آفيسر مقرر ٿيس. ميڊم مهتاب راشدي سان گڏجي لياقت لائبريري ۾ ڪم ڪيم. ميڊم جو دور منهنجو دور چئي سگهجي ٿو ته ڪافي عروج وارو دور هو پوءِ ڪابه ميٽنگ جيڪا ڊولپمينٽ جي هجي يا شاهه عبداللطيف جي سيمينار جي هجي ان ۾ موجود هئس. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مون ڏي 12/14 خط لکيا. پنهنجي حياتي ۾ ئي خطن جو مجموعو ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي ويو. منهنجي خوشقسمتي اها آهي جو ان مجموعي ۾ مون ڏانهن لکيل سندس ست خط شامل آهن. هن مجموعي جو نالو آهي “سڄڻ ساريندي”. جيڪو سنڌ الاجي پاران ڇپرايو ويو آهي. سائين مظهر يوسف جي چوڻ تي ٻارن جي لاءِ درسي ڊڪشنري لکيم. جنهن جا ڇهه ايڊيشن اچي چڪا آهن ۽ هاڻي ستون ايڊيشن اچڻ وارو آهي. 12-2011 ۾ سائين پروفيسر سليم ميمڻ صاحب مون کي فون ڪري چيو ته پي ايڇ ڊي ۾ رجسٽريشن ڪرائي ڇڏيو جنهن تي مان هن کي چيو ته ڳالهه آهي سڌي پي ايڇ ڊي کان منهنجو ارواهه ئي کڄي ويو آهي، هڪڙا جيڪي پي ايڇ ڊي ٿيندا پئي آيا انهن جي وٿ جي مون کي خبر هئي. مون چيو ته ڊاڪٽر نواز شوق وٽان جيڪي پي ايڇ ڊي ٿيندو ته اهو ڇا پي ايڇ ڊي هوندو. هنن جي ليول جا مقالا ته مان لکندو ٿو وتان هنن جهڙي پي ايڇ ڊي جا ماڻهو ته مان ٿو تيار ڪندو وتان ان ۾ ڪو شڪ نه هو ته ٻه چار ماڻهو ايندا رهيا جن کي مان گائيڊ ڪندو هئس پر هنن چيو ته ان ضد کي ڇڏ رجسٽريشن ڪرائي پوءِ مان رجسٽريشن ڪرائي. Development of Sindhi Script During British period اهو منهنجو ٽاپڪ هو. جيئن ته هن ٽاپڪ تي منهنجا گهڻائي مضمون ڇپجي چڪا هئا ته برٽش دور ۾ سنڌي ٻولي سان ڪهڙو حشر ٿيو پوءِ مسئلو اهو پيدا ٿيو ته منهنجو گائيڊ ڪير ٿئي. پوءِ نيٺ سانئڻ فهميده حسين جيڪا سائين سراج صاحب جي ڪري به مون کي سڃاڻندي هئي منهنجي گائيڊ ٿي ۽ پوءِ ان تي مون باقاعدگي سان ڪم شروع ڪيو. هاڻي ڊاڪٽر بلوچ ۽ سنديلي صاحب مون کي سيکاريو ته ريسرچ جي معنيٰ آهي ته جيڪو هن وقت تائين ڪم ٿيل آهي ان ۾ هڪڙو داڻو يا هڪڙي پيرا يا هڪڙو نئون آئيڊيا شامل هجي ان کي ريسرچ چئبو آهي. 2016 ۾ گريڊ 19 ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان رٽائر ٿيس.

همسري: توهان ٻولي جا ماهر ليکيا وڃو ٿا ٻوليءَ بابت توهان جو ڪهڙو ڪم ٿيل آهي؟

آفتاب ابڙو: منهنجو ڪم بنيادي طور تي سنڌي ٻوليءَ جي اسڪرپٽ تي ئي ٿيل آهي. مون جڏهن غور سان ڏٺو ته انگريزن جي دور ۾ جيڪو اسڪرپٽ تي ڪم ٿيو عام طور تي سٺو سمجهيو وڃي ٿو اسان به ان کي سٺو ٿا سمجهون. مان پنهنجي ريسرچ ۾ ڏٺو ۽ مون ثابت به ڪيو آهي، مان پنهنجي ڪتاب سنڌو لکت جي جائزي ۾ به پيش ڪيو آهي. هاڻي ٿئي هينئن ٿو ته موهن جي دڙي جي کوٽائي ٿئي ٿي، 1922ع ۾ بينرجي اچي ٿو ان کي کوٽائي لاءِ مقرر ڪيو ٿو وڃي ۽ کيس چيو ٿو وڃي ته هو ٻڌا جا نشان هٿ ڪري ڏئي. هو اچي ٿو، کوٽي ٿو ۽ ڏسي ٿو ته هتي ته وڏيون شيون موجود آهن ۽ پوءِ اهو سلسلو هلندو ٿو اچي. بهرحال هو پوءِ اسان کي شيون سائنٽيفڪ انداز ۾ کڻي ڏئي ٿو. ان ۾ پوءِ سر جان مارشل به شامل ٿيو ۽ جنهن تمام بهترين ڪم ڪيو. هن کي جيڪي شيون مليون چاهي اهي لوهه ۽ ٽامي جا سڪا هجن، اوزار يا اسڪرپٽ هجن، هن سڀني شين کي ڌار ڌار ڪيو ۽ اهي سڀ شيون برٽش ميوزيم ۾ موڪلي ڏنيون ته جيئن اتان جا وڏا اسڪالر ان تي وڌيڪ ڪم ڪري سگهن. هن اهو اسڪرپٽ اتي ڏياري موڪليو ته هن کي Decipher ڪري سگهجي. مصر مان ۽ سمير مان سَوَن ۽ هزارن جي تعداد ۾ شيون هٿ ڪيون ويون. ٻنهي تهذيبن مان هڪٻئي جون شيون هٿ آيون آهن جنهن مان لڳي ٿو ته ٻنهي تهذيبن جو گهرو لاڳاپو رهيو هو. ان ڪري انهن ٻنهي تهذيبن جي ٻوليءَ کي ڊسائيفر ڪرڻ ۾ ٻوليءَ جي ماهرن کي گهڻو مسئلو نه ٿيو. اسان جون شيون وري سمير ۽ اردن ۾ مليون پر هنن جون شيون اسان وٽ ڪونه مليون. جي. ايڇ ميڪي ۽ جي آر هنٽر ان تي ڪم ڪيو. بهرحال ان نتيجي تي پهتا آهن ته براهمي اسڪرپٽ ان مان ورتل آهي. هاڻي براهمي اهو خط آهي جيڪو هن ڌرتي مان اُسري ٿو. هاڻي جيڪي ماهر آهن اهي ان سڄي ڳالهه تي متفق آهن ته هڪڙا ته آڊيو گرامس آهن ٻيا پڪٽو گرامس آهن. براهمي خط 3200 قبل مسيح جو آهي آريا پوءِ ٿا اچن پهريون ڪم ان ۾ اهو ٿيو جو ان ۾ ويد لکيا ويا. هاڻي نيپال، ڀوٽان ۽ تبت ۾ پهريون علمي عمل آهي. پهريون ويد يجر ۽ ٻيو رِگ ويد آهي، رگ ويد ۾ عالمن مذهب ۽ انساني روش جي باري ۾ سوچ ۽ ڏاهپ کي بيان ڪيو آهي ۽ اهو براهمي خط ۾ لکيل آهي. جنهن جي ڪري ان خط ذريعي پوري خطي ۾ سنڌي لکڻي پهچي ٿي وڃي. چوندا آهن ته پڇڻا نه مُنجهڻا. هڪ رائيٽر آهي ليلا رام چنداڻي ان جو هڪ ڪتاب انڊيا ۾ ڇپيو آهي ان جي مطابق اهو خط هڪ ٽُول آهي جنهن سان ٻوليءَ کي ڊسائيفر ڪري سگهجي ٿو. چيٽرجي جو ڪتاب Origin and Development of Bengali Language جيڪو ٽن جلدن ۾ ڇپيو آهي جنهن جي قيمت 15000 رپيا آهي. ٻيو ڪتاب Bengali Self Taught آهي. مان سنڌي لئنگويج اٿارٽي وارن کي درخواست ڪئي ته اهو ڪتاب خريد ڪريو ته مان سنڌي زبان جا توهان کي پيرا ڪڍي ڏيان. پر هنن پئسي جي گهٽتائي هجڻ جو سبب ڄاڻايو ۽ خريد نه ڪيائون. هن ڪتاب ۾ لکيل آهي ته بنگالي ٻولي براهمي مان نڪتل آهي. هن مان وري هڪ ٻي لپي اُسري ٿي “خدا وادي خط”، جنهن جي سنسڪرت معنيٰ آهي صاف پاڪ، خدا واد معنيٰ خدا جو آواز. مون ان تي 15 صفن جو هڪ مضمون لکيو آهي ته خدا جو آواز ڇا آهي؟ انگريز جڏهن هتي آيا ته اهو خط هتي مڪمل طرح سان رائج هو. جڏهن 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ٿو ٿئي، 1845ع ۾ اسٽيڪ سنڌي ٻولي جو گرامر ٺاهي ٿو وٺي. هن لکيو آهي ته ڪوبه اهڙو ماڻهو نه آهي جنهن کي ان ۾ دلچسپي هجي مون ٻيا اهڙا ماڻهو هٿ ڪري اهو تيار ڪري ورتو. هن سختي سان چيو ته اهو خدا وادي ۽ ديوناگري خط براهمي ۾ لکيل آهي. ان وقت 5/8 خط رائج هئا ۽ انگريزن کي فيصلو ڪرڻو هو ته سنڌي ٻوليءَ کي ڪهڙي خط ۾ رائج ڪيو وڃي. ان وقت جي سنڌ جي گورنر مسٽر پرنگل جيڪو ڪنهن وقت بنگال جو چيف سيڪريٽري به رهيو هو ان حڪومت کي 49-1948ع ۾ خط لکيو ته سنڌ ۾ خدا وادي هڪ مناسب اسڪرپٽ آهي جيڪو اوريجنل اسڪرپٽ آهي. مون ڊاڪٽر نبي بخش کي گذارش ڪئي ته مان ان تي تحقيق ڪيان ته انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻولي جي رائج ڪرڻ لاءِ ڪهڙي خط و ڪتابت ڪئي وئي هئي. ڪنهن ڇا لکيو، هنن کي ضرورت ڪهڙي هئي، سنڌي ٻولي جو بگڙڻ ڇا آهي، سنڌي ٻولي جي اهميت، نوعيت ڇا آهي. سائين چيو ته هي تنهنجي سخت خلاف آهن توکي نٿا کڻڻ چاهين، مان به پوءِ هليو آيس. رچرڊ برٽن وڏو اسڪالر هو. عربي، فارسي ڄاڻندو هو، سنڌي ٻولي به سکي ورتائين حالانڪه اسٽيڪ هن جو امتحان ورتو هو. ان وقت جي امتحان کي منشي پاس چوندا هئا. هن ان وقت چيو ته عربي رسم الحظ هجي جيڪا هڪ فتني واري ڳالهه هئي اسان جو سڄو اوريجنل خط خدا وادي آهي جيڪو براهمي مان نڪتو ۽ موهن جي دڙي مان نڪرندي ئي هن جا سوتيا ايئن ئي هئا هي ڊولپ ٿي اهڙو ئي بيٺو جيڪو سنڌي ٻولي اوريجنل جهڙو هو. اسڪرپٽ جي معاملي تي هتي اسان سان ڊوهه ڪيو ويو آهي، جنهن زبان جو سوتيو نه هوندو اها مري ويندي. هاڻي انڊيا ۾ Ladki لکن ٿا ۽ جاڙيجا کي Jadeja لکن ٿا ان طريقي سان ٻولين جو زوال ايندو آهي. جيئن خدا وادي خط ۾ پَٽ پُٽ سُٽ اهو اسان جي ٻولي جو سوتيو آهي جيڪو ڪنهن به ٻولي جو ڪونهي. جهڙي طرح سمنڊ کنڊ اهو ٻي ٻولي ۾ ڪونهي اها اسان جي انفراديت آهي اهي سوتيا ڪٿي آهن، اسان انهن تان هٿ ڪونه کڻداسين. ٽرنر جو هڪ ڪتاب آهي، ٽرنر هڪ سول سرونٽ هو هن پالي لئنگويج تي ڪم ڪيو هو. پالي لئنگويج ٻڌاجي آفيشل زبان هئي جيئن هندو ڌرم جي زبان سنسڪرت هئي اسان وٽ يارنهن سئو سال رهي آهي. مون پالي لئنگويج تي تحقيق ڪرڻ ٿي چاهي ڪجهه اسڪالرشپ آيون هيون ان جي لاءِ اپلاءِ ڪرڻ ٿي چاهيم. ڊاڪٽر بلوچ ڪافي ڪم ڪري چڪو آهي ان سلسلي تي مون ان ڪم کي اڳتي وڌائڻ ٿي چاهيو، پر انٽرويو پينل جنهن جا ميمبر ڊاڪٽر غفار سومرو، ڊاڪٽر ڪليم لاشاري ۽ اسما جهانگير ۽ انهن ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو پوٽو ارشد ۽ ٻيو هڪ ماڻهو يعقوب مغل به ويٺا هئا جن مون کان پڇيو ته مان ان ٻوليءَ تي ڪم ڇو ٿو ڪرڻ چاهيان، مون کين جواب ڏنو ته پالي يارنهن سئو سالن تائين اسان جي ٻولي رهي آهي. اسما جهانگير مون کي پالي ٻوليءَ جي ريسرچ لاءِ پشاور وڃڻ جو چيو ته اتي وڃي ڪم ڪرڻو پوندو پر مون کيس چيو ته مان اوڏانهن ڇو وڃان انٽرنيٽ تي سڀ ڪجهه موجود آهي. ڊاڪٽر مرلي ڌر جيڪو ان وقت ۾ 86 سالن جو هو پاڻ پالي لئنگويج جو ماهر هو، مون ان سان رابطو ڪيو هو ٻڌا تي ورلڊ ليول اسڪالر هو ۽ هن جي هٿ هيٺ ان وقت پنجويهه بين الاقوامي شاگرد پي ايڇ ڊي ڪري رهيا هئا. مون کيس فون ڪئي ٻڌايومانس مان حيدرآباد مان پيو ڳالهايان، مون کيس ٻڌايو ته مان ٻوليءَ تي ڪم ڪري رهيو آهيان. هن مون کي پنهنجي هڪ ڪتاب جي باري ۾ ٻڌايو ۽ چيائين ته اهو توکي سنڌ الاجي مان ملندو ۽ ٻيو مون وٽ گهڻو مواد موجود آهي. تون مون کي سوال نامون ٺاهي موڪل ته توکي جواب ڏياري موڪليندس. انٽرويو ۾ لاشاري صاحب ايترو چيو ته هن کي ته پالي ٻولي جي ڪا خبر ئي ناهي جنهن مون کي ڏاڍو مايوس ڪيو. رچرڊ برٽن 1851ع ۾ سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون نالي هڪ ڪتاب انگريزي ۾ لکيو جيڪو هن بورڊ آف ڊائريڪٽرز ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ارپنا ڪيو. ان وقت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط لاءِ سوچ ويچار هلي رهي هئي ته ان کي خدا وادي خط يا عربي خط ۾ لکجي پوءِ ڊائريڪٽوريٽ فيصلو ڪيو ته عربي رسم الخط رائج ڪيو وڃي. پر خدا وادي تي به هنن پابندي نه لڳائي. عربي رسم الخط ڏيئي پوءِ ڪيترن ئي حرفن کي غير معياري ٽٻڪا ڏئي ان کي غير سائنسي طور تي مروج ڪيو ويو.

همسري: اوهان جي خيال ۾ سنڌي ٻولي جا ڪهڙا مسئلا آهن؟

آفتاب ابڙو: هڪ ٻولي جي شاگرد جي حيثيت ۾ ڳالهه ڪندس ته سنڌي ٻولي جي لاءِ جيڪو هن وقت وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي اهو آهي هن جو نفاذ، سرڪاري ڌر جيڪا اسان جي سنڌي ماڻهن تي مشتمل آهي پر اهي سنڌيءَ ٻوليءَ جي نفاذ ۾ بلڪل به سنجيده نه آهن ۽ سرڪار جي غير سنجيدگيءَ جي ڪري ادارا به انهيءَ ۾ دلچسپي نٿا وٺن. ايمانداري جي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن هي ٿوري توجهه ڏين ته هي ڪو ناممڪن ڪم ڪونهي. مون پنهنجي خيال سان سوچيو هو ته جي خدا موقعو ڏنو ته نڪري پئبو ضلعي ضلعي کي ماڊل ٺاهبو پهريون لاڙڪاڻي ۾ ڊي سي ۽ ٻيا عملدار سڀ سنڌي آهن. انهن کي چئبو ته هو سنڌي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائين جيئن اسان سنڌي ٻوليءَ کي صحيح معنيٰ ۾ رائج ڪري سگهون. سنڌي هر سطح تي رائج ٿئي. مان گذارش ڪندو هلان ته ميڊم فهميده ان سلسلي ۾ قدم وڌايا پر ان کي اهڙي ڪا ٽيم نه هئي جو هوءَ گهڻو ڪم ڪري سگهي. ڊاڪٽر الانا به ڪافي ڪوشش ڪئي بورڊ ٺهرايائين ان ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا ميمبر رکرايائين. ٻيو اهو ته سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ ۾ جيڪي درسي ڪتاب ڇپجن ٿا انهن ۾ بيشمار غلطيون آهن. اتي ويٺل چيئرمين ۽ سيڪريٽري کي ان ڳالهه ڏانهن توجهه ڏيڻو پوندو ۽ پنهنجي ٽيم کي متحرڪ ڪرڻو پوندو ته جيڪي ڪتاب ٻارن جي هٿن تائين پهچن ٿا اهي ٻوليءَ جي حوالي سان معياري هجڻ گهرجن. جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته اسان پنهنجي هٿ سان ئي پنهنجي ٻوليءَ کي ڌڪ رسائيندا رهنداسين. اردو ڪتابن کي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انهن جو معيار تمام گهڻو بهتر آهي. سرڪاري ڌر کان اڳ اسان کي پاڻ کي پهرين ان ڳالهه لاءِ آماده ڪرڻو پوندو ته اسان پنهنجي ٻوليءَ کي صحيح معنيٰ ۾ اسڪولن ۾ عام زندگيءَ ۾ رائج ڪريون. جيڪڏهن ايئن نه ڪيوسين ته  آهستي آهستي ان جو واهپو گهٽجي ويندو ۽ اسان شعوري طور تي واپاري مرڪزن ۾ پنهنجي ٻولي ڳالهايون ته جيئن واپاري به اسان جي ٻوليءَ کي سمجهڻ ۽ سکڻ جي ڪوشش ڪن ۽ سنڌي گراهڪن کي مان ڏين ۽ انهن جي ٻولي سکن. ٻيو اهو ته سنڌي ٻوليءَ جو پنهنجو ڪوبه گرامر ڪونهي، مان دعويٰ سان چوان ٿو ته هن وقت تائين جيڪي گرامر جا ڪتاب لکيا ويا آهن چاهي ان ۾ ڀيرو مل هرچند آڏواڻي جو ڪتاب هجي يا مرزا قليچ بيگ جو. مرزا قليچ بيگ 1923ع ۾ چئن ڀاڱن ۾ ڏاڍو سٺو ڪتاب لکيو هو ۽ ڀيرو مل مرزا قليچ بيگ جو ۽ ٽرمپ جو نسخو سامهون رکي ڪتاب لکيو. 1853ع ۾ سنڌي ٻولي جو نفاذ شروع ٿي ويو. پوري سنڌ ۾ ڪتاب تيار ڪيا ويا ميان محمد پهريون ماڻهو هو ان کان سنڌي “صرف و نحو” تي پهريون ڪتاب لکرايو ويو. ٻيو وري پرڀو داس سنڌي ويا ڪرڻ لکيو. اهي ويا ڪرڻ فارسي ۽ عربي گرامر کي سامهون رکي ترتيب ڏنا ويا. ڪجهه هندو ليکڪن وري هندي ۽ سنسڪرت کي سامهون رکي سنڌي گرامر ترتيب ڏنو، ان ڪري گرامر ۾ ڪافي غلطيون آهن. ويجهڙائيءَ ۾ واحد بخش جو گرامر تي ڪتاب ڇپيو آهي مان دعويٰ سان چوان ٿو ته صرف و نحو جيڪي به لکيا ويا آهن اهي نه سنڌي ٻوليءَ جا آهن ۽ نه ئي ان جي مطابق آهن ۽ جيڪي ويا ڪرڻ لکيا ويا آهن اهي وري هندي ۽ سنسڪرت جا آهن. اهو سنڌيءَ جو وڏو مسئلو ٿي پيو آهي. ان کي ٻوليءَ جي ماهرن کي ويهي متفق ٿي حل ڪرڻو پوندو نه ته ٻوليءَ کي مستقبل ۾ اسين بچائي نٿا سگهون ۽ اهو ڪم سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو آهي ته انهن ماهرن کي ويهاري جيڪي واقعي ڄاڻو آهن ۽ انهن کان ڪم وٺي. نه ته اسان سنڌي ٻوليءَ جي ماهيت ۽ سٽاءُ کان هٽي وينداسين. ڊاڪٽر سليمان شيخ ريجنٽ پلازه ۾ ڪتاب جي لانچنگ سيريمني ۾ چيو هو ته ويهن سالن کانپوءِ سنڌي ٻولي نه هوندي. مان اتي ئي هٿ لوڏي چيومانس ته نه سائين نه ان کي اسان تسليم نٿا ڪريون. ٻه هفتا رکي مان هڪ مضمون لکيو سنڌي ٻولي جيئندي رهندي. جنهن ۾ سنڌيءَ کي ڪهڙيون ڪهڙيون يلغارون آيون آهن. پهرين سنسڪرت پوءِ پالي تمام امير ٻولي هئي اها ئي هڪ ٻولي هئي جيڪا لنگوا فرانڪا هئي. هتي ان ٻوليءَ کي وڏو مان هو ٻي ايسٽ ۾ ارامڪ ٻولي هئي، جيڪا حضرت عيسيٰ عليه السلام جي مادري زبان هئي. هتي صرف پالي لنگوا فرانڪا هئي، مان سنڌي کي لنگوا فرانڪا نٿو سمجهان، لنگوا فرانڪا اها هوندي آهي جيڪو امير به سمجهي غريب به، ننڍو به سمجهي وڏو به. سنڌي ٻولي جي گرامر ۽ جوڙجڪ کان جيڪڏهن اسان هٽي وياسين ته نقصان ٿيندو. گرامر هڪ ٿيڻ گهرجي ٻيو ته سنڌي ٻولي جي ڪابه تاريخ ڪانهي. ڀيرو مل هرچند آڏواڻي جو ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڪتاب ڪونهي. مان اٿارٽي وارن کي گذارش ڪئي هئي ته مون وٽ هڪ ڪتاب پيو آهي جنهن کي هو ڪم آڻي سگهن ٿا. ٽيون ڪم اهو آهي ته ڊڪشنري ٺاهي وڃي ڊاڪٽر بلوچ تمام گهڻو ۽ سٺو ڪم ڪيو آهي ان کانپوءِ سڄو چرٻو آهي. ان کانپوءِ هاڻي هڪ بورڊ ٺاهيو ويو مقصد سنڌي لغت تي ڪم ڪرڻ هو، ان تي منهنجا ٻه ٽي آرٽيڪل به اچي چڪا آهن. مفصل سنڌي لغت جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ مان به ميمبر آهيان. مون شروع ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته لغت جي تشڪيل هڪ خاص ڪم آهي ۽ هڪ ماڻهو ذميوار هئڻ گهرجي توهان ان ڪم کي ايڊهاڪ بيس تي نٿا ڪري سگهو. ڊاڪٽر بلوچ جيڪو ڪم ڪيو ان کي مڃون ٿا پر اها به ڪا مستند لغت ڪانهي. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 1889ع ۾ مرزا قليچ بيگ جي ڀاءُ ۽ هڪ پادري گهڻي ڪوشش ڪئي هئي ته هڪ اسٽينڊرڊ سنڌي ڊڪشنري ٺاهي وڃي پر ناڪام رهيا. ان لاءِ وري ڪم نه ٿيو. مستند انهيءَ طور تي ٿو چوان ته پئدائش ۽ پيدائش اهو ڪيئن ٿيندو. اهڙي قسم جا ڪيترائي ٻيا لفظ موجود آهن جن کي ڏسڻو پوندو. تنهن لاءِ هڪ بورڊ ٺهڻ گهرجي ڪو هڪ اڪابر ان جو ايڊيٽر هجي، توهان وڌ ۾ وڌ ماڻهن کي خوش ڪرڻ ٿا چاهيو، هيڏي مصيبت هوندي آهي ته ان جي فوٽ نوٽ تي به چيئرمين جو نالو هوندو آهي، اصل مقصد ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ جيارڻ جو آهي نه ڪي ماڻهن کي خوش ڪرڻ جو. تاج جويو کي جڏهن کنيو ويو ته مان ان جي به مخالفت ڪئي هئي. لغت تي اهو ئي ماڻهو ڪم ڪري جنهن جي علمي ڄاڻ ايتري هجي اهو لغت جي علم جو ماهر هئڻ کپي. کيس علم سوتيات، سيمينٽڪس، ايٽملاجي، اشتقاق ۽ فلولاجي جي خبر هجي. افسوس جو سنڌي ٻوليءَ جي معيار جي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن. سنڌي ٻولي ڪيئن معياري ٿيڻ گهرجي اهو هڪ وڏو مسئلو آهي. جيئن انگريزي ٻوليءَ جي معيار جو ڪو سوال ئي ڪونهي، ان جو نيٽ ورڪ يورپ ۾ ڳوليو يا واهڻ ۾ اهو ئي ملندو. ان لاءِ ڪهڙا قدم ورتا وڃن اها ذميداري ٽيڪسٽ بورڊ جي آهي. ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي اها ذميداري آهي ته معياري ٻولي استعمال ڪري.

همسري: سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟

آفتاب ابڙو: سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي جوڙجڪ لاءِ سڄي سنڌ احتجاج ڪيو، مطالبا ڪيا ۽ اسان جا جيڪي مان وارا محقق هئا انهن ان جي ٺهڻ لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي، جن مان وڏا نالا هن ريت آهن سائين غلام مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر ابراهيم جويو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ميڊم مهتاب راشدي هر سمجهدار ۽ ساڃاهه وند ماڻهو ان ڪم لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ آخر ۾ اهو ادارو ٺهي راس ٿيو. مان ننڍو ماڻهو آهيان مان پوئين لائين  ۾ بيهندس. ڄام صادق علي جو دور هو اتان ڪال آئي ته لئنگويج اٿارٽي ڪيئن هجي ان جي باري ۾ سمري ڏيو. انٽرويو ۾ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي موجود هئي هوءَ بهتر ڄاڻندي هئي ته مون ان جي لاءِ تمام گهڻو بنيادي ڪم ڪيو هو ۽ هن کي ياد ڏياريندو رهندو هئس ته لئنگويج اٿارٽي ٺهڻ گهرجي مون وٽ ان جو رڪارڊ اڄ به موجود آهي. ميڊم مون کان لئنگويج اٿارٽي جي اسٽرڪچر ٺاهي ڏيڻ جي گهر ڪئي ۽ ان تي سمري ڏيڻ جو به چيو. مون سندس چوڻ تي هڪ ڏينهن اندر پلان ٺاهي کيس تيار ڪري ڏنو ۽ پوءِ اهو پلان منظور ٿي ويو ۽ ان جو پهريون چيئرمين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مقرر ٿيو. هيءَ اٿارٽي پ پ جي دور ۾ نه پر ڄام صادق جي دور ۾ ٺهي. بلوچ صاحب بنيادي طور لغت جو ماهر هو. هيءَ اٿارٽي جنهن مقصد لاءِ جوڙي وئي هئي، اهو هو ته عالمي سطح تي ٻوليءَ کي جيڪي للڪارون ۽ يلغارون اچن ٿيون انهن کي منهن ڪيئن ڏجي. ان لاءِ گهربل تياري ڪرڻ، ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي معيار کي برقرار رکڻ ۽ بنيادي گرامر ان جا مقصد هئا. تمام بهترين ڪتابن جا ترجما ڪرڻ ۽ جيڪي ٻوليءَ ۾ مسئلا اٿن ٿا انهن لاءِ مواد ٺاهڻ ته جيئن ٻولي جو معيار برقرار رکي سگهجي. جيڪي بنيادي طور تي ڪم ته تعليمي ماهرن ۽ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ وارن جو آهي ڇو ته زبان جو تناظر تمام وسيع آهي. آفيسن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي خط و ڪتابت لاءِ استعمال ڪيو وڃي. انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻولي آفيسن ۾ استعمال ٿيندي هئي. هينئر به اسان جو سيڪريٽري سنڌي آهي ان کي گهرجي ته سنڌيءَ ۾ خط لکن، ان لاءِ انهن کي مختلف آفيسن کي سنڌيءَ ۾ مواد ٺاهي ڏيڻ گهرجي ته سنڌيءَ ۾ خط و ڪتابت ڪيئن ڪجي. اردو وارن ته شاندار ڪم ڪيو آهي. سنڌيءَ ۾ به ڪجهه ڪم ٿيو آهي پر غير معياري آهي. هتي قانون پاس ٿيل آهي پر ان تي عمل نه پيو ڪيو وڃي. ٻيو ته  جيڪي ڪتاب تيار ٿين ٿا انهن مٿان چڪاس لاءِ ڪابه ماهرن جي ڪميٽي ڪونهي. مون پنهنجي هڪ آرٽيڪل ۾ لکيو هو ته جيڪي غير مادري ٻوليءَ وارا ٽيڪسٽ بُڪ لکن ٿا انهن جو ٻوليءَ کي ڪوبه فائدو ڪونهي پر ابتو نقصان وڌيڪ آهي. اٿارٽي جو اهو به ڪم آهي ته ان قسم جي غير معياري ڪتابن کي مارڪيٽ ۾ اچڻ کان روڪي.

همسري: اوهان جي خيال ۾ اٿارٽي پنهنجي مقصدن ۾ ڪيتري قدر ڪامياب وئي آهي؟

آفتاب ابڙو: افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ تائين جيڪي به مان وارا هتي چيئرمين رهيا آهن انهن مان ڪنهن به هڪ مقصد کي حاصل نه ڪري سگهيا آهن. اٿارٽي مفادن واري سياست ۽ گروهه بندي جي اوسي پاسي گهمندي رهي آهي. اصل مقصد حاصل ٿي نه سگهيا آهن. هنن جي حاصلات ۾ انسائيڪلو پيڊيا يا سنڌيانه ڳڻي سگهجن ٿا. ان جا اٺ ڏهه جلد نڪتا آهن ۽ لغت تي ڪم ڪن پيا پر بغير ڪنهن مقرر هدف ۽ پلاننگ جي. هاڻي ٻه لابيون ٺهي ويون آهن جنهنڪري ڪم به متاثر ٿي رهيو آهي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪوبه ماڻهو ٽيڪنيڪل مهارت نٿو رکي. اڃان ته اسان اڌ تي به ڪونه پهتا آهيون اڃان به ڏسڻو آهي ته ايٽملاجي ڪهڙا ڪم ٿي ڪري، سمينٽڪس جا ڪهڙا ڪم آهن، لفظ معنيٰ ڪيئن ٿا وٺن، لفظ آهي اک، اک جي معنيٰ چشمو ٿورئي آهي، اک معنيٰ آهي ڳرخو، ٽُنگ يا سوراخ. جيئن مڇي مارڻ لاءِ ڄار هوندا آهن ان ۾ صحيح اڻت ٿيندي آهي ان ۾ ڳرخا هوندا آهن پر هاڻي جيئن سائنس وڌي آهي اها چوي ٿي ته هي اندر واري حصي کي ڏسي ٿي ان ڪارڻ اک چون ٿا، آواز معنيٰ جنهن کي ور ڏنل هجن. اردو ۾ بيل جو مقصد آهي جيڪو بار بار پيو ڦري ٻار به ان مان نڪتل آهي. چشمو معنيٰ اهڙو هنڌ جتي قدرتي ماحول سببن ڪاڻ پاڻي نڪري اچي. هاڻي آهي سمينٽڪ ته لفظ معنيٰ ڪيئن ٿو وٺي اسان تلوار کي شمشير ڇو ٿا چئون. شم معنيٰ نَنهن، شير معنيٰ شينهن. مقصد شينهن جي ننهن جهڙي تيز شيءِ. اهڙي نموني سان کوڙ ساريون ڳالهيون جيڪي ماحول مان اڀري اچن ٿيون پوءِ ماڻهو انهن جي معنيٰ وٺن ٿا. جنهن مان ڌاتو اچن ٿا ان مان وري فلالاجي ايندي. پوءِ وري Lexicography ايندي.

همسري: اوهان جي خيال ۾ اوليت جي بنياد تي اٿارٽي کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

آفتاب ابڙو: منهنجي خيال ۾ اٿارٽي کي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن کي سنڌي ٻوليءَ جي اجراءَ لاءِ هڪ اثرائتو خط لکڻ گهرجي ته سنڌي ٻولي کي هن وقت تمام گهڻا خطرا آهن. هر ڳلي ۽ محلي ۾ جيڪي انگريزي اسڪول کلي ويا آهن اهي سنڌي ٻوليءَ کي صحيح طرح پڙهائڻ کان انڪاري آهن. اها سنڌي قوم جي بدقسمتي آهي. هڪ قومي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ۽ هڪ رهنما جي حيثيت ۾ جيڪي ايم پي ايز اسيمبلين ۾ ويٺا آهن اهي ايترو ڪم ته ڪري سگهن ٿا ته ٻوليءَ جي بچاءُ لاءِ عملي طور ڪم ڪن. ٻيو ته صوبي ۾ جيڪي به اسڪول آهن جيڪڏهن سنڌي نه پڙهائيندا ته انهن کي ڪم نه ڪرڻ ڏنو وڃي. سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي سنڌيءَ ۾ هلائي وڃي، جيڪي نٿا سمجهن انهن جي لاءِ ترجمان رکيا وڃن ۽ توهان همسري جي ايڊيٽوريل ۾ اهو مطالبو ڪيو هو ته لغت جو بورڊ جوڙيو وڃي جنهن ۾ لغت جا ڄاڻو ۽ ٽيڪنيڪل ماڻهو رکيا وڃن. ٻوليءَ جون ليبارٽريون ٺاهيون وڃن ۽ عملي جي ٽريننگ جو بندوبست ڪيو وڃي جيڪو اڃان تائين سرڪار جي ڌيان ۾ نه آيو آهي. سرڪار کي ان طرف سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏيئي ڪم ڪرڻ گهرجي.

همسري: اٿارٽي جي چيئرمين لاءِ ٻوليءَ جو ماهر هجڻ ڇو ضروري آهي؟

آفتاب ابڙو:ڳالهه اها آهي ته جيڪو ماڻهو زبان کي نه سمجهندو ته اهو ٻوليءَ جي ليبارٽري کي ڪيئن سمجهندو ۽ اهي شيون ڇا آهن. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته چيئرمين کي پنهنجي سبجيڪٽ ۾ ماهر هئڻ گهرجي اهو ڪيئن ڪم ڪندو، جيستائين ان کي فونيٽڪس، سمينٽڪس، ليگزيڪون ۽ انهن جي سائنسز جي خبر نه هوندي ته هو ڪم نه ڪري سگهندو. هر اداري کي ان جي ماهرن جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن ادارا صحيح طرح ڪم ڪري سگهن ۽ قوم کي ان جو فائدو ملي سگهي. 

همسري: موجوده چيئرمين مان ڪهڙي اميد رکو ٿا؟

آفتاب ابڙو: ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ گهڻو جونيئر آهي ٻولي جي باري ۾ جيڪا بنيادي ڄاڻ آهي اها سائين وٽ ڪانهي جيڪي لنگوسٽڪس جا بنيادي قائدا آهن ان جي باري ۾ ۽ گرامر جي باري ۾ هو نٿو ڄاڻي. سائين کي فونيٽڪس جي باري ۾ ۽ نه ئي سنڌي زبان جي ارتقا جي باري ۾ ڪا خبر آهي. موهن جو دڙو يا انڊس اسڪرپٽ جي ته پري جي ڳالهه رهي پر سنڌي ٻولي ڪهڙي نموني سان ترقي ڪئي ان کي وڏا ڪهڙا حادثا پيش آيا، جنهن جو تفصيل مان توهان کي ٻڌائي چڪو آهيان. سنسڪرت هتي رهي چڪي آهي، سنسڪرت ٻولي هن خطي ۾ ڇانيل هئي ان کانپوءِ جڏهن پالي آئي ته خطي جي وڏن شهرن جي زبان بڻجي وئي ۽ سنسڪرت کي وڏو ڌڪ رسايائين. پوءِ وري فارسي دفتري ٻولي ٿي، ان کانپوءِ عربي آئي ۽ پوءِ انگريزي آئي. سنڌي ٻوليءَ تي تاريخ ۾ وڏا حملا ٿيا آهن. پر سنڌي ٻولي پنهنجو بچاءُ ڪندي آئي آهي. تاريخي ارتقا ۾ سنڌي ٻولي ڪهڙي طرح پنهنجو تحفظ ڪيو. اسي سئو سال ارغونن ۽ ترخانن جو دور رهيو جنهن ۾ هو ماڻهن کي سنڌي ڳالهائڻ تي چوڪن تي ٽنگي ڇڏيندا هئا ۽ زبانون ڪٽي ڇڏيندا هئا ۽ فارسي ٻوليءَ کي رائج ڪرڻ لاءِ هنن ڪين گهٽايو. اهڙي دور ۾ به سنڌي ٻولي پنهنجو وجود برقرار رکيو. ڊاڪٽر غفور صاحب کي اها خبر ڪونهي ته سنڌي ٻولي جي جوڙجڪ ڪهڙي آهي، سنڌي ٻولي جو سٽاءُ ڪيئن آهي، جيڪو ماڻهو ٻولي جي ساخت کي نٿو ڄاڻي اهو ٻولي کي ترقي ڪيئن وٺرائي سگهندو ۽ ٻوليءَ جي بچاءُ واري اداري لاءِ صحيح ڪم ڪيئن ڪري سگهندو. اهو هڪ عالمي اصول آهي ته ڪوبه پراجيڪٽ ان فن جي ڄاڻو ۽ ماهر جي اڳواڻيءَ ۾ هلائبو آهي. جيڪڏهن ايريگيشن جو ڪم آهي ته اتي ٻوليءَ جي ڄاڻو جو ڪو به ڪم ڪونهي. اسان ان ڳالهه تي اٽل آهيون ته اداري جي اڳواڻ ماڻهو کي ان فن جي ڄاڻ هئڻ گهرجي. منهنجي جناب عبدالغفور صاحب کي اها گذارش آهي ته هو پنهنجي دور ۾ سنڌي گرامر کي جوڙي ڏيکاري. ٻيو ته سنڌي ٻوليءَ کي تاريخ ٺاهي ڏئي ۽ ڪجهه ڄاڻون ماڻهن جي ڪميٽي ٺاهي ته جيئن اهي ايگزيڪيوٽو آفيسرن ڏانهن خط لکي سگهن. اهي ڪجهه شيون جيڪڏهن هو ڪري ٿو وڃي ته تاريخ کيس سٺن لفظن ۾ ياد ڪندي.