بلاگخاص

سنڌي ٿي ساڌ ٻيلو نه ڏٺو اٿئي…

الطاف شيخ جو سفر نامو

نه سي سڙهه سکاڻ (سنڌ هند کان روس چين تائين)

سنڌي ٿي ساڌ ٻيلو نه ڏٺو اٿئي…

الطاف شيخ

خيرپور ۾ منهنجي ڪِتابَ ڇَپجڻ تي، ڪِتابَ جي پبلشر قُربان منگيءَ هڪ فنڪشن جو بندوبست ڪيو جنهن ۾ شامل ٿيڻ سان گڏ مون شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي شاگردن سان ملڻ ۽ “سفر نامي” تي ليڪچر پڻ ڏيڻ چاهيو ٿي. اَديب دوستن ادل سومرو ۽ ايازگل جي ڪري مون سکر ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني. سکر ۾ پهچڻ سان ٻنهي ڄڻن ماني جي دعوتن جي ڳالهه ڪئي ۽ مون کان پڇيو ته آئون سکر ۾ ڇا ڇا گهمڻ چاهيندس. مون کين صاف صاف چيو ته دعوتن جي چڪر ۾ بلڪل نه پئجو. جِتي آئون رهيل آهيان اتان چانهه سان ماني يا ڊبل روٽي جي سلائيس کائي نڪرندس پوءِ سکر جي ڀُٽا روڊ ۽ ٻين روڊن جا ۽ واڙي تڙ جهڙن علائقن جي سوڙهين گهٽين ۽ محلن جا چڪر هڻنداسين. ڪِٿي ڪا پٺاڻَ جي يا ڪنهن سنڌيءَ جي هوٽل نظر آئي ته اتي چانهه به پيئنداسين ته منجهند جي ماني سان گڏ انهن جي مالڪن ۽ ٻين گراهڪن سان گڏ ڪچهري به ڪنداسين. مون کي سنڌ جي  شهرن جون هي گهٽيون آفريڪا جي شهرن ممباسا ۽ دارالسلام ۽ پراڻي سنگاپور ۽ ڪئالالمپور جون گهٽيون ياد ڏيارين ٿيون.

“ڀلا سکر جو اوسو پاسو …. روهڙي، ٺيڙهي يا پير جي ڳوٺَ به هلون؟” اياز گل پڇيو.

مون ٽهڪ ڏيندي چيو “خبر ناهي ڪيترو وقت ملي پر يارو مونکي ساڌ ٻيلو ضرور ڏيکارجو”

“ڇو ڀلا رڳو ساڌ ٻيلو؟” ادل سومري تعجب مان پڇيو.

“ان ڪري ته آئون کلي رهيو آهيان.” مون کين ٻڌايو،

“آئون 1969 ڌاري جڏهن پهريون دفعو انڊيا جي بندرگاهه ‘ڪنڊلا’ ويو هئس ته اتي جي هِڪَ هندو سنڌي دڪاندار مون کي دڙڪو ڏيندي چيو هو ته تون ڪهڙو سنڌي آهين جو توکي ساڌ ٻيلي جي خبر ناهي. هاڻ سڌو سکر وڃي ساڌ ٻيلو ڏسي پوءِ اچجانءِ.”

جهاز هلائڻ کڻي اسان جي هٿ ۾ آهي، پر ان کي ڪيڏانهن وٺي وڃجي اهو جهاز جي مالڪن جي هٿ ۾ رهي ٿو. اسان ڪولمبو ويندي جهاز جي خرابيءَ ڪري ٻه ٽي ڏينهن گجرات جي هن ڪنڊلا بندرگاهه ۾ گهڙي پيا هئاسين. جيئن ئي انجڻ جي مرمت جو ڪم مڪمل ٿيو ته اسان سڌو سکر وڃڻ بدران ممبئي (انهن ڏينهن ۾ اڃا بمبئي سڏي وئي ٿي)، مئنگلور، ڪاليڪٽ، ڪوچين ۽ تِريواندرم بندرگاهن وٽان لنگهندا اچي سلون (سري لنڪا) جي بندرگاهه ڪولمبو ۾ لنگر ڪيرايوسين.

آئون دل ئي دل ۾ ياد ڪرڻ لڳس ته ان کي ڪيڏو عرصو ٿيو هوندو. گهٽ ۾ گهٽ چاليهه پنجيتاليهه سالَ… سٺ واري ڏهي جا آخري سالَ هئا.. مون جهازَ تي نوڪري ڪرڻ جي شروعات ڪئي هئي. اسان هڪ ننڍو ۽ پراڻو جهاز هلائي رهيا هئاسين جيڪو جيئن ئي ڪراچي کان نڪتو ۽ ڪيٽي بندر جي سامهون لنگهي سنڌ جو بارڊر ڪراس ڪيو ته ڍرڪڻ لڳو. اسان چيو ته هن مڙهه کي اڳتي ڌڪي هلڻ بدران ڪنهن ورڪ شاپ جي مدد سان صحيح ڪرڻ کپي جو منجھس خرابيون ايتريون ته وڌي ويون هيون جو سمنڊ تي ترسائي سندس مرمت ڪرڻ اسان جهازَ وارن (مئرين انجنيئرن) جي وس جي ڳالهه نه هئي ۽ موسم به سانوڻي (Monsoon) جي هئي… ‘ڪيٽي بندر’ ۽ ‘ماندوي’ بندرگاهن وٽ ئي اهو حال هو ته اڃا اڳتي ڏکڻ ڏي وڌڻ معنيٰ الله ڏئي ۽ بندو سهي… هونئن به اسانجي جهازران ڪمپنيءَ کي جهاز جون اهي خرابيون جاپان جي شپ يارڊن مان دور ڪرائڻيون هيون، پر جهاز جي مالڪ جي ذهنيت ڪمند جي رس وڪڻندڙ جهڙي ٿئي ٿي. هو چيڀاٽيل ڪمندَ کي تيسين پيو مروڙي سروڙي مشين مان گذاريندو جيسين هن کي پڪ ٿي وڃي ته هاڻ هن ۾ رس (Juice) جو هڪ ڦڙو به نه بچيو آهي. جهازَ جو مالڪ به جهاز جي تيسين مرمت تي خرچ ڪرڻ کان پيو ڪيٻائيندو جيسين هن کي لڳي ته هاڻ جي دير ڪندس ته جهاز ٻڏندو. اسان جي جهازَ کي ڪراچيءَ ۾ Repair جي ضرورت هئي، پر ڪمپني وارن (يعني مالڪن) کي جو اوچتو ڪولمبو ۽ سنگاپور لاءِ ڪمائتو ڪارگو ملي ويو ته هنن اها مرمت اڳتي جاپان يا ڪوريا جي بندرگاهن لاءِ postpone ڪري ڇڏي. پر جهاز هاڻ ماڳهين پڙ هڻي ٿي بيٺو. ايتري قدر جو واپس ڪراچي موٽڻ جي به منجھس سگههَ نه هئي. انڊيا سان هميشه وانگر تعلقات خراب هئا، پر جان بچائڻ جهڙن ايمرجنسي ڪمن لاءِ ڪنهن به ملڪَ جو جهاز رٺل ملڪَ ۾ به وڃي سگهي ٿو. ڀلي کڻي اهو ملڪ اسرائيل هجي يا سائوٿ آفريڪا! سائوٿ آفريڪا سان هاڻ اسان جا تعلقات سٺا آهن، نه ته مون کي ياد ٿو اچي ته انهن ڏينهن ۾ انٽرنيشنل پاسپورٽ ٺهرائبو ته ان تي ٺپو هڻي ڏيندا هئا ته:

All Countries Except Israel and South Africa

 ڪڏهن اهڙي ايمرجنسي نه ٿئي جو اسرائيل وڃڻو پوي پر ڪيپ آف گڊ هوپ واري سمنڊ مان لنگهندي اڪثر سائوٿ  آفريڪا جي بندرگاهن ڊرين، ڪيپ ٽائون، پورٽ ايلزبيٿ وغيره راشن پاڻي، علاج ۽ حادثن ڪري يا جهازَ جي مرمت لاءِ لنگهي وڃڻو پيو ٿي… جو سمنڊ جو هي حصو جتي هندي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ اچيو ٿا ملن (يا کڻي چئجي ته ٽڪرائجن) ايڏيون ته ڇوليون ۽ ڪُنَ ٿا پيدا ڪن جو جهازن توڙي جهازين جون اڪثر وايون بتال ٿيو وڃن… جھونا ته جھونا پر نوان لاٿل جهازَ به هتي جي رکي رکي بگڙجندڙ سمنڊَ جي سَٽَ نٿا جھليو سگهن.

بهرحال پاڻ هندستان جي بندرگاهه ڪنڊلا جي ڳالهه پئي ڪئي جيڪو سمجھو ته اسان جي ڪيٽي بندر کان يا مٺي ۽ اسلام ڪوٽ کان باءِ روڊ چند وکن تي چئبو. ائين ته ڪيٽي بندر کانپوءِ يڪدم ماندوي بندرگاهه اچي ٿو جتان جا ڪراچي لڏي آيل ماڻهو پاڻ کي ”مانڊي والا“ سڏرائين ٿا، پر ڪنڊلا مانڊوي کان وڏو بندرگاهه آهي. دراصل هندستان جي ورهاڱي کان اڳ تائين يعني انگريزن جي ڏينهن ۾ هن عربي سمنڊ پاسي هيٺ ڏکڻ ڏي بمبئي جو بندرگاهه هو ته مٿڀرو اتر ۾ ڪراچي هو جِتان ننڍي کَنڊ جو سامان ۽ ماڻهو عرب ملڪن يا آفريڪا جي بندرگاهن ڏي ويا ٿي… خاص ڪري گجرات، سنڌ ۽ پنجاب پاسي جا. هونئن به هندستان جي گجرات رياست جا ڪڇ ۽ جھونا ڳڙهه وارا ضلعا سنڌ جي ٿرپارڪر ۽ بدين وارن ضلعن سان مليا پيا آهن ۽ مانڊوي، ڪنڊلا، نولکي، اوکا، ڀُڄ، انجار، ٻني، جھام ننگر، گانڌي ڌام جهڙن گجرات جي شهرن لاءِ ممبئي کان ڪراچي ويجھو آهي ۽ مٺي، عمرڪوٽ، اسلام ڪوٽ جهڙا ٿرپارڪر جا شهر ته ڄڻ ٻن قدمن تي ٿيا.

بهرحال ورهاڱي کانپوءِ هندستان سرڪار اولهه هندستان (گجرات، راجسٿان) جي ماڻهن جي سهولت لاءِ ڪنڊلا جي بندرگاهه کي 1950ع ۾ develop ڪيو ۽ اڄ ڪلهه انڊيا جي اولهه واري ڪناري جي مٿين حصي ۾ اهو هڪ اهم بندرگاهه آهي. ڪراچي کان سمنڊ وٺي هيٺ ڏکڻ ڏي لڙبو ته سنڌ جون حدون ختم ٿيڻ بعد ڪڇ جي نار (Gulf of Kutch) ٿي شروع ٿئي جنهن ۾ هي بندرگاهه ڪنڊلا آهي جيڪو ڪراچي کان 256 ميلن جي مفاصلي تي آهي ۽ ممبئي کان 430 ميلن جي فاصلي تي آهي. هي بندرگاهه انجار شهر سان ريل ذريعي ڳنڍيل آهي.

ڪنڊلا ۾ رهڻ دوران اسان کي گانڌي ڌام ڏسڻ جو شوق ٿيو جِتي تمام گهڻا سنڌ کان لڏي ويلَ هندو رهن ٿا. ڪنڊلا جي هِڪَ ٽئڪسين جي سنڌي مالڪ اسان کي گانڌيدام گهمائڻ جو بندوبست ڪيو. هن مونکي سنڌي سمجھي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته اتي رات ٽڪڻ جو بندوبست هن اسان لاءِ ساڌ ٻيلو اپارٽمينٽس ۾ ڪيو آهي جيڪو شِوَ مندر جي ڀرسان آهي. پوءِ کلندي مون کان پڇيو ته “ساڌ ٻيلو کان ته توهان چڱي طرح واقف هوندائو.” ان وقت اسان کي ڪٿي هئي سنڌ جي ماڳن جي خبر… ۽ نه وري ڪا تاريخ ۾ ايڏي دلچسپي هئي. حيدرآباد ۾ رهي ڪري اسان کي ڪچي قلعي ۽ پڪي قلعي ڏسڻ جي به توفيق نه ٿي هئي سو اسان کي ڪهڙي ڄاڻَ ته ساڌ ٻيلو ڪٿي آهي ۽ ڪهڙي اهميت ٿو رکي. اسان کي ته ان وقت دماغَ ۾ رڳو پئرس ۽ لنڊن جا خوابَ هئا. ٽوڪيو ۽ هانگ ڪانگ گهمڻَ جي شوقَ ۾ اچي سامونـڊي نوڪري جي اکريءَ ۾ مٿو وڌو هئوسين. بهرحال منهنجي انڪارَ ڪرڻ تي هي همراهه مڇرجي ويو.

“تون ڪهڙو سنڌي آهين؟ تو ساڌ ٻيلو نه ڏٺو آهي.” هن حيرت مان چيو ۽ پوءِ مون کي تنبيهه ڪئي ته هاڻ هِتان سڌو ساڌ ٻيلي جو رخ ڪجانءِ. ۽ ان “هاڻ پهچڻ” کي به چاليهه سالَ لڳي ويا آهن. اڄ سکر پهچڻ تي مون کي گجرات جي ڪنڊلا جو هندو واپاري ياد اچي ويو جنهن مون کي نصيحت ڪئي ته سفر شروع ڪرڻ کان اڳ پهرين ساڌ ٻيلو جو ديدار ضرور ڪجي ۽ اڄ آئون هن دنيا جا ۽ نوڪريءَ جا سمورا سفر پورا ڪري آخر ۾ سکر پهتو آهيان… شايد هيترو وقت داڻو پاڻي نه هو.

ادل سومري ۽ اياز گل کي چيم ته سائين ٻيا ڪم ڇڏي مون کي ساڌ ٻيلو ضرور ڏيکارجو.. ان بعد ڀلي سکر مان ڪڍجو.