سنڌ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان، ڪاروبار رات اٺين وڳي تائين ڪرڻ جي اجازت
سنڌ حڪومت سومر کان دڪانن رات 8 وڳي تائين کولڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا وائرس بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سومر 7 جون کان سموري صوبي ۾ دڪان رات 8 وڳي تائين کوليا ويندا، پر سمورن دڪاندارن ۽ اسٽاف جي ويڪسين لازمي ڪرائڻي پوندي ۽ 15 ڏينهن کانپوءِ دڪان جي اسٽاف جا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ چيڪ ڪيا ويندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته آئوٽ ڊور ڊائننگ جي رات 12 وڳي تائين کولڻ جي اجازت هوندي ۽ آئوٽ ڊور ڊائننگ تي ماڻهن جي وچ ۾ فاصلو رکڻ لازمي هوندو. 2 هفتن کانپوءِ شادي هالن ۽ آئوٽ ڊور شادين جي اجازت هوندي. سمنڊ ڪنارا، بيچ ۽ سي ويو به کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته سيلون به ايس او پيز جي تحت کولڻ جي اجازت هوندي. هوڏانهن سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اعلان ڪيو ته ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ تعليمي ادارن کي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نائين ڪلاس کان ڪاليج ۽ يونيورسٽيون سڀاڻي کان کولڻ جي اجازت هوندي. سموري تدريسي ۽ غير تدريسي عملي جي ويڪسينيشن لازمي هوندي.