سنڌ جا تعليمي ادارا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حفاظت ذوالفقار علي جلباڻي

ڪنهن به عنوان تي جڏهن لکبو آهي ته اُن عنوان جي اندر مواد جي رخن کي ڏسبو پرکبو آهي. موضوع جي اڀياس ڪرڻ وقت پڙهندڙن جي ذهن ۾ ڪيئي سوال اڀرندا آهن جيڪي ڳالهيون انهيءَ موضوع ۾ ڏنل مواد جي اندر بيان ڪيون وينديون آهن. هر پڙهندڙ جيڪو پڙهڻ ۽ سمجهڻ ڄاڻي اُن جي خواهش هوندي آهي ته مون کي موضوع مان ڪا قيمتي معلومات ملي وڃي. پڙهندڙ انهيءَ موضوع مان اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪا نئين معلومات جي ڳولا ڪندو آهي. ڪنهن به موضوع مان پڙهندڙ کي ڪا معلومات نٿي ملي ته اهو موضوع ئي بي سوادي ۽ چوسيل ڳَني جي ڇيت وانگر هوندو آهي ۽ پڙهندڙن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پوندو آهي. هر هڪ لکندڙ جي شخصيت ان جي لکڻي مان پسي سگهجي ٿي، جنهن کي اسلوب بيان چئبو آهي. جيستائين لکندڙ جو ڪو شعوري ڪردار ڏنل معلومات ۾ ڪارگر نه ٿيندو ۽ سندس لکتن ۾ ڪا ماکيءَ وانگر مٺائي رکيل نه هوندي، تيستائين انهيءَ ليکڪ جو شعوري ڪردارConscious Behavior  يا Unconscious Behavior ٻئي چٽا پٽا مواد جي معلومات مان ڏسي سگهبا آهن. ليکڪ پنهنجي موضوع ۾ جن ڳالهين جي چونڊ ڪندو آهي تن لاءِ لازم هوندو آهي ته اهي انساني زندگيءَ سان لاڳاپيل روز مره واريون ڳالهيون پڙهندڙن کي پنهنجون لڳن. سي ئي ڳالهيون پڙهندڙن جي لڪل صلاحيتن کي مٿي اڀارڻ ۽ جذبو ڏيارڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿينديون آهن، انهن جو فيصلو وري به پڙهندڙ ئي ڪندا آهن. ڇا لکيو ويو آهي ۽ ڪيئن لکيو ويو آهي؟، پڙهندڙ تن ڳالهين ۽ ذڪر هيٺ ايندڙ معلومات جي مثبت يا منفي راءِ جو اظهار ڪندا آهن. ليکڪ تحريرن ۾ ڏٺل ۽ اڻ ڏٺل، موجود ۽ غير موجود شين جو احساس ڏياريندڙ به هوندو آهي. ها جيڪڏهن لکندڙ انهيءَ ڳالھ ۾ ڪامياب ويو ته معنيٰ اهو ليکڪ پنهنجي شعور ۽ ادارڪ جو درست استعمال ڪري ٿو. ٻي ڳالھ اها به آهي ته پڙهندڙن جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا، هڪڙا دوستن يارن ۽ واقف ڪارن جي تحريرن کي ڏسن ٿا يا ٿورو گهڻو انهن جي تحريرن کي پڙهي ۽ پوءِ واهه واهه ڪن ٿا! دوستن ۽ ڏٺل واٺل ماڻهن جي سکڻي ساراھ ڪن ٿا، پر انهن جي لکڻين ۾ ڪهڙي معلومات ڏنل آهي ۽ ڪيئن ڏنل آهي تن شين کان بلڪل بي خبر ۽ لاچار هوندا آهن. ٽيان وري گهرا ۽ اونها پڙهندڙ هوندا آهن، هرهڪ شيءِ کي پڙهن ٿا. معلومات کان ويندي ٻوليءَ جي استعمال کي به ڏسن ٿا ۽ تخاطب جي صيغن تي به نگاھ وجهن ٿا سي ئي ڪامياب پڙهندڙ چئبا. ڇاڪاڻ جو انساني عقل جون تمام وسيع سرحدون آهن انهيءَ جي اندر ڪيئي لڪل صلاحيتون موجود هونديون آهن انهن صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ استاد، اديب، شاعر، سائنسدان، مذهبي عالم، محقق ۽ نقاد، علمي، ادبي محفلون. ڪجھ پراڻن ۽ اڄ جي دور جي ذريعن ريڊيو، ٽيليويزن، اخبارن، يوٽيوب، فيس بڪ، ٽوئيٽر، واٽس ايپ، اي ميل، انسٽا گرام وغيره وغيره کان ويندي معاشري تائين سکڻ ۽ سيکارڻ جا هن وقت جا ذريعا سمجهيا وڃن ٿا. اسان جڏهن سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقي ترويج بابت سوچون ٿا ته اُن لاءِ ڪهڙي سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي؟ سنڌي ٻولي، ادب ۽ ان جي تاريخ تڏهن ئي مضبوط ۽ پائيدار ٿيندي، جڏهن سموريءَ سنڌ ۾ تعليم جو جيڪو ڄار وڇايو پيو آهي انهيءَ کي درست ڪري انهيءَ جي ڪا جامع ۽ واضح پاليسي اختيار نه ڪئي ويندي تيستائين اسين مونجهارن ۽ معامرن جو شڪار ئي رهنداسين. سنڌ جي تعليم ۾ سڌارو تڏهن ئي ممڪن بڻبو جڏهن ملڪي تعليم ۾ ادب کي پڙهائڻ تي زور ڏنو ويندو. ادب جو سڌارو مطلب ته مادري زبان جي تعليم سان سلهاڙيل آهي، انهيءَ کانسواءِ تعليم ۾ ترقي ناممڪن آهي. نومبر ۽ ڊسمبر 2020ع يعني ٻن مهينن ۾، سنڌي ادب ۽ تعليم جو وڏو نقصان ٿيو آهي. نثار احمد صديقيءَ جي وفات، ڊاڪٽر غلام علي الانا، محمد يوسف شيخ، قلندر شاھ لڪياري ۽ ڊاڪٽر ڪمال الدين ڄامڙي صاحب جو اچانڪ وڇوڙو اسان کان ڄڻ ته، سڀ ڪجھ کسي ورتو آهي. ڇا اسان وٽان اهڙن عالمن، اديبن ۽ محققن ۽ نقادن جي موڪلائڻ سان تعليم ۽ علم ادب جو ڪو نقصان ٿيو؟ جواب ها ۾ ئي آهي، ڇاڪاڻ جو انهن پنجن ئي عالمن جو تعلق علم سان دلي لڳاءُ طور تي هو، جن جي خدمتن کي ڪوبه فراموش نٿو ڪري سگهي. انهن مان ٽن عالمن جو تعلق سنڌي زبان جي علم ادب سان گهرو ۽ گهاٽو هو. سنڌي ٻولي ۽ علم ادب بابت پُرجوش ۽ سنجيده نموني ڪتاب لکي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن تن ۾، سائين ڊاڪٽر غلام علي الانا، سائين قلندر شاھ لڪياري ۽ سائين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب جي سنڌي ٻولي ۽ لوڪ ادب تي ڪيل خدمتن بابت سنڌ وارن کي هميشه ناز رهندو. ٽنهي عالمن جي لاڏاڻي سان سنڌي ٻوليءَ کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي ۽ اهو خال شايد ڀرڻ مشڪل آهي. آئندي ۾ اميد آهي ته سنڌ ڌرتيءَ پنهنجي خمير مان جيڪي عالم پيدا ڪيا آهن ۽ پيدا ٿيندا رهندا تن تي وڏو فرض عائد ٿئي ٿو ته سي انهن عالمن جي منشور ۽ مشن کي جاري رکن. ڇا ڀلا ايئن ٿي سگهي ٿو جو انهن ٽنهي عالمن جي وڇوڙي کانپوءِ، سنڌي زبان ۽ ادب ۾ ڪو ميدان سنڀالڻ وارو نه آهي. اسان جي مادري زبان سنڌيءَ جي تعليم لاءِ ڪوبه آواز نه اٿاريندو ته شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شهيد بينظير آباد، سنڌ مدرسته السلام ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين يونيورسٽين، اسڪولن، ڪاليجن ۽ پرائيويٽ ادارن کان ڪير به مطالبو نه ڪندو ۽ نه ئي گورنمينٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ گورنمينٽ ۽ ٻين صوبائي اختيارن کان اهو مطالبو نه ڪيو ويندو ته قومي ادارن ۽ سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۽ ملڪي يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبا کوليا وڃن. نومبر مهيني جي شروعاتي هفتي ۾ مون کي هڪ فون ڪال آئي ته آئون شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شهيد بينظير آباد جي سنڌي شعبي مان ڊاڪٽر سيد عامر شاھ پيو ڳالهايان. دعا سلام کانپوءِ چيائين ته اسان شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شهيد بينظير آباد جي سنڌي شعبي پاران هڪ ريسرچ جنرل شايع رهيا آهيون ان لاءِ اوهان کي گذارش ڪجي ٿي ته هڪ آرٽيڪل اسان کي لکي ڏيو. مون ڳالھ تي سرهائي محسوس ڪئي. ڪجھ ڏينهن سوچڻ کانپوءِ، ڊاڪٽر سيد عامر شاھ صاحب سان رابطو ڪيم ته مون آرٽيڪل لکڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان آرٽيڪل جو موضوع ئي نوابشاھ شهر جي ادب کي بڻايم. ان جو عنوان آهي: “سن 1947ع کان 1960ع تائين نوابشاھ شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو” ظاهر ۾ ته موضوع جو ڪل عرصو تيرهن سالن تي مشتمل آهي، پر نواب شهر انهيءَ عرصيءَ دوران نئين ٽهيءَ مان وڏا وڏا شاعر، اديب، محقق ۽ نقاد پيدا ڪيا آهن ۽ اهڙي طرح، سنڌ جا سمورا شهر، ڳوٺ، واهڻ ۽ وستيون عالمن، اديبن ۽ ڏاهن جي ڏاهپ جي گواهي پيش ڪري رهيا آهن، ليڪن انهيءَ طرف اڃان تائين ڪو جوڳو ڌيان نه ڌريو ويو آهي. مون جڏهن اهو آرٽيڪل پوري هڪ مهيني جي مسلسل محنت ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر سيد عامر علي شاھ ڏانهن اي ميل ڪيو ۽ اها ڳالھ ڊاڪٽر صاحب کان فون تي معلوم ڪئي ته مقالو پهتو. سائين جي جِيءَ چوڻ کانپوءِ، مون کانئس اهو پڻ معلوم ڪيو ته ڇا سنڌي شعبو هن يونيورسٽيءَ ۾ شروع ٿي چڪو آهي ۽ ڪيتري داخلا آهي. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته ٽيهن کان چاليهن شاگردن جو تعداد ٿيندو. اها ڳالھ ٻڌي مون کي اڃان به وڌيڪ سرهائي ٿي ته شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شهيد بينظير آباد هڪ قدم اڳتي وڌايو آهي، ان جو سربراھ مبارڪن جي لائق آهي ۽ ٻئي طرف اهو به محسوس ڪيم ته اسان جو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب جيڪو سنڌ وارن کان مطالبو ڪري رهيو آهي اهو سندس خواب ساڀيان ۽ عملي جامعي ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب اِنهيءَ ڳالھ جي ڪاميابي کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو ۽ ايئن محسوس ڪندو ته الله نه ڪري سنڌ رڃ ٿي وڃي، پر قدردانن ۽ قرب وارن جي ڪمي نه رهندي. سنڌ جي ڀلوڙ شاعر شيخ اياز چيو آهي:

اڃا رڃ مان رڙ اچي پئي، اچي پئي،

متان ائين سمجهين ته مئا مور سارا.

اسان سنڌ وارن کان ڪا وڏي عمر ته نه هئس. سائين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو تڪڙو ۽ تيز هليو ويو! اهو خواب جيڪو سندس اکڙين ۾ سانڍي مطالبا ڪندو رهيو. سنڌي زبان کي سنڌ جي سمورن سرڪاري ۽ غير سرڪاري تعليمي ادارن ۾ پڙهايو وڃي. ايم. فل ۽ پي ايڇ ڊي جي شاگردن کي سنڌيءَ ۾ وڌ کان موقعا فراهم ڪيا وڃن ۽ شاگردن جي تحقيق تي خوشيءَ جو اظهار ڪندو رهيو. جن اسڪالرن جا ايم. فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون، زباني امتحان يا سيمينار ٿيندا هئا تن جون تصويرون ميڊيا تي شوق سان رکي نئين نسل کي اتساھ ڏياريندو هو ۽ اهو به چوندو ته اسان ايم. فل ۽ پي ايڇ ڊي جي شاگردن لاءِ وڌ ۾ وڌ آساني پيدا ڪري رهيا آهيون ۽ اسان طرفان انهن جي ڪم ۾ ڪابه رڪاوٽ ڪونهي. سنڌ جي سڄڻن کي ڪهڙي خبر ته هي سائين اسان وٽان وڃڻ جون وايون پيو ڪري.

اڄ پڻ وايون ڪَنِ، وڻجارا وَڃَڻَ جِيُون.

هَلڻ هارا سُپرِين، رُئان تان رنه رَهَنِ،

آءُ جَهليندِي ڪيتَرو، آيَلِ سامُونڊِرينِ،

پَگھَ ڇوڙِي جَنِ، وڌا ٻيڙا ٻارِ ۾. (شاھ)

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب 16 ڊسمبر بروز اربع، 2020ع تي اسان کان وڇڙي ويو. هاڻ انهيءَ ڳالھ جي ضرورت آهي، جن پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو سي ته وڇڙي ويا! انهن جي رهيل ڪم کي ڪيئن اڳتي کڻبو؟ سنڌ جا سڄڻ ايندڙ دور ۾ پنهنجي سنڌي ٻولي جي تعليم بابت پنهنجا مطالبا ۽ جدوجهد ڪيئن ڪندا ۽ پنهنجي ڳالھ ڪيئن مڃرائيندا ته سنڌي ٻوليءَ ۾، سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ تعليم ڏني وڃي. جنهن سان اسان جي ٻولي محفوظ ٿيندي ۽ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي روح کي تسڪين تڏهن ملندو. ڇاڪاڻ ته جيڪا ڄامڙي صاحب جي فلاسافي هئي انهيءَ فلاسافيءَ ۾ فهم فڪر ۽ ادراڪ وارو رستو اختيار ڪيل هو، انهيءَ راھ تي ڪير ٿا اڳتي اچن، سو هلندڙ وقت ۾ شدت سان انتظار رهندو. ٻوليون قومن جي وچ ۾ مضبوط ڳانڍاپو جوڙينديون آهن، جن ملڪن کي پنهنجي تعليمي سرشتي ۾ پنهنجي مادري زبان نٿي پڙهائي وڃي تن قومن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا جڙيل ڪونه آهن، اگر انهن ٿوري گهڙي لاءِ به پاڻ ۾ لاڳاپا جوڙيا آهن سي جٽادار ثابت نه ٿيندا، هڪ ڏينهن ضرور اُهي لاڳاپا ڪچيءَ تند سان اڻيل ڪپڙي وانگر ليرا ليرا ٿي ويندا. جيستائين اسان وٽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح، سچل سرمست، سامي، بيدِل، بيڪس، شيخ اياز، استاد بخاري، راشد مورائي، محمد خان مجيدي ۽ ٻين ڪيترن ئي قومي شاعرن جي ڪلام کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ وارا موجود آهن، تيستائين تا قيامت سنڌي زبان قائم رهندي. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي اڱڻ تان تنبوري جي تار ۽ واين جي گونج سان ڪيترين دلين کي گرمايو ويندو تيستائين دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اها شاعري ڪروڙين دلين کي پاڻ ڏانهن ڇڪي آڻيندي. ديس ۽ پرديس پئي واسيندي. جيستائين شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ سنڌ جي شاعرن، عالمن، اديبن، مورخن، محققن ۽ نقادن جا جلوه هن سنڌ ڌرتي تي رونق افروز پيا ٿيندا رهندا تيستائين سنڌي ٻوليءَ کي ٻاهران ايندڙ گرم هوائن مان ڪوبه لهر نه ڪي لوڏو آهي. جيڪڏهن اسان اهي سموريون وٿون وڃائي ڇڏيون ته پوءِ، اسان جي ايندڙ نسل لاءِ هي سنڌي زبان خدا نه ڪري جو موهن جي دڙي واري لکت واري صورت پئي ڏيندي رهي. ڊاڪٽر فهميده حسين هڪ ڪتاب “سنڌو لکت- ايڪيهين صديءَ ۾ ٿيل نئين تحقيق” جي سنڌيڪار آهي. جنهن ۾ ناشر پاران ۾ لکي ٿي ته: “گذريل ڏيڍ صديءَ کان موهن جي دڙي ۽ هڙپا مان مليل سنڌو لکتن جي لپيءَ يا رسم الخط جي ڳجهارت کي ڀڃڻ سمجهڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، پر انهن ۾ ڪا خاطر خواھ ڪاميابي نه ٿي سگهي آهي، جنهن جي ڪري ايڪيهين صديءَ ۾ اچي ڪن عالمن اهو شڪ ظاهر ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته ڪٿي ائين ته ڪونهي ته انهيءَ رسم الخط ۾ مورڳوئي ڪا ٻولي آهي ئي ڪانه! اهي محض ڪي غير لساني علامتون آهن.” مذڪوره ڪتاب ۾ ستن پرڏيهي عالمن جا مقالا شامل ڪيل آهن سي هن طرح جي عنوانن سان لکيل آهن: 1. سنڌو رسم الخط بابت دعويٰ جو ڊهي پوڻ، اسٽيوِفارمر، رچرڊ اسپروٽ. 2. ڇا سنڌو رسم الخط واقعي ۾ لکڻ جو سرشتو ڪونهي؟، آسڪوپرپولا. 3. سنڌو رسم الخط، پيغام رسانيءَ جي صلاحيت جي تورتڪ ۽ ٻولي، راجيش رائو ۽ ساٿي. 4. سنڌو رسم الخط: نشانين جي نمونن جو مطالعو، نشايادَو ۽ ساٿي. 5. غير لساني سنڌو رسم الخط هڪ اجايو بحث، اِروٿم مهاديون. 6. سنڌو  سرسوتي رسم الخط جي ڀاڃ تي هڪ نظر هڪ نئين روشني، راجوٽ اين پال. 7. ڇا ڪمپيوٽر 5000 سال پراڻي ٻوليءَ جي ڀاڃ ڪري سگهن ٿا؟ ڊيوڊ زيڪس ۽ اهڙي طرح هن ڪتاب ۾، ڊاڪٽر آسڪوپرپولا ۽ اروٿم جا انٽرويو شامل آهن. ڊاڪٽر فهميده حسين اهو به لکي ٿي ته: “هن ڪتاب ۾ ايڪيهين صديءَ ۾ ڇپيل اهڙن ڪجھ مقالن جو ترجمو پيش ڪيو ويو آهي، جيڪي نه صرف تحقيق جا نوان ڏس ۽ گس ڏيکارين ٿا، بلڪه موضوع تي سنڌ جي نوجوانن کي پڻ تحقيق لاءِ اتساهي سگهن ٿا. سنڌو ماٿريءَ مان مليل مهرن تي جيڪي نشانيون ملن ٿيون. هنن مقالن ۾ انهن لاءِ ڪيترائي جدا جدا اصطلاح ڪتب آيل آهن، جيئن: اڪريل لکتون(Inscriptions)  متن (Texts) عبارتون(Manuscripts)  وغيره.” ڊاڪٽر فهميده حسين لاءِ اها ڳالھ عام مشهور آهي ته هُوءَ تحقيق جي طالب علمن جي خاص طور تي ايم.فل ۽ پي ايڇ ڊي جي مقالن کي تمام گهرائي سان پڙهي پوءِ، پنهنجي اصلاحي راءِ سان نوازيندي آهي. اهڙو ڪم عظيم ادبي ۽ تعليمي خدمتگار پنهنجي سماج جي هڏڏوکي ۽ ڪيترن ئي نوجوانن جي ذهني ۽ فڪري تربيت ۾ اتساھ جو سبب بڻجي ٿي. اسان وٽ اهڙن رهبرن جي رهنمائي جي سخت ضرورت به آهي، جيڪي تحقيق جهڙي اهم شعبي جي طالب علمن لاءِ فني تربيت سان گڏ رهنمائي ڪندا رهن. مذڪوره ڪتاب ڏانهن اشارو ۽ ذڪر ڪرڻ جو مقصد به اهو ته اسان جا نوجوان هن ڪتاب جو مطالعو ڪن ۽ پرڏيهي عالمن جي ذهني ۽ فڪري خيالن کان واقف ٿي پنهنجي زبان ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺي اڳڀرا رهن. مذڪوره ڪتاب جي مقدمي ۾ جا اهم ڳالھ ڪئي وئي آهي، سا هي آهي ته: “جيڪي سنڌي (لسانيات) جا ماهر به آهن ته اهي لسانيات ۾ جديد ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال کان اڻ واقف آهن. جيڪڏهن ڪو سنڌي انهن مطالعن ۾ شامل هجي ته ڪيترن لفظن ۽ بناوٽن بابت پنهنجي ٻوليءَ جا مثال ڏئي سگهي يا ڪمپيوٽر جي مدد سان پڙهيل متنن ۾ سنڌيءَ جا اهڃاڻ محسوس ڪري سگهي، پر ائين نه ٿي سگهيو آهي.” هن ڪتاب کي سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ پاران 2012ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي. هن وقت اسان جيڪو ادب پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهي ۽ لکي سگهون ٿا اُن کي تحقيق جي جديد اصولن جي روشنيءَ ۾ آڻيون. ليڪن ائين نه ڪيوسين ۽ نه ئي پنهنجي نئين نسل ڏانهن توجھ ڏنوسين ته پوءِ، اسان جو نسل نه شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي ٻولي کي سمجهندو نه ئي، سنڌي سماج سمجھ ۾ ايندو. اسان جي تهذيب ۽ تمدن ڌنڌلي عڪس ۾ مٽجي ويندي! جيئن موهن جي دڙي جي لکت بابت ڪي ئي هورا ۽ هدرا پئي هلندا رهيا آهن، نه ئي صحيح طرح موهن جي دڙي جي لکت سمجھ ۾ اچي ٿي ۽ نه ئي عالم پاڻ ۾ متفق آهن. هر ڪنهن پئي مفروضا قائم ڪيا آهن.

هت آئون هڪ ٻئي ڪتاب “سنڌي ٻوليءَ جو اصل نسل” سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت بحث جو مختصر تعارف پيش ڪرڻ گهران ٿو:

مذڪوره ڪتاب جو ليکڪ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو عالم سراج الحق صاحب آهي. هن ڪتاب جي ارپنا، سر جان مارشل، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، سوامي سنڪار آنند، آسڪوپارپولا ۽ ٻين اسڪالرن جي نالي جن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ ابتدائي ڪوششون ڪيون تن جي نالي ڪيل آهي. هي سمورو ڪتاب چار سئو اٺاسي صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو مهاڳ، ڊاڪٽر فهميده حسين جو لکيل آهي. هن ڪتاب کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن جي فهرست هن طرح جي آهي: 1. ڀاڱي پهرين ۾، سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل بابت جيڪي مقالا شامل ڪيل آهن تن ۾، “سنڌو لکت جي ڀاڃ، لاءِ رهنما ڪتاب” تاج جويو، “سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ” ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، “سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ” (تنقيدي جائزو)، سراج، “سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ” (تنقيدي جائزي بابت وضاحت)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، “سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ” (هڪ گذارش)، سراج، “سنڌي ٻوليءَ، ڪتاب جو ديباچو” محمد ابراهيم جويو، “سنڌي ٻوليءَ جو اصل نسل” (سنڌي ٻولي ڪتاب مان هڪ باب)، سراج، “سراج الحق جي ڪتاب سنڌي ٻولي جو مطالعو” گنگا رام سمراٽ، “شري گنگا رام سمراٽ جي خدمت ۾سراج”، “جي. ايم سيد ڏانهن هڪ خط” گنگا رام سمراٽ، “شري سمراٽ جي تنقيدن جو جائزو” علي نواز جتوئي، ڪتاب “سنڌي ٻوليءَ بابت راءِ” مولانا غلام محمد گرامي “تکيون مٺيون ڳالهيون” محمد عثمان ڏيپلائي، “رسالي روح رهاڻ ۾ ڇپيل هڪ خط” منگها رام ملڪاڻي، “سنڌ ڄائي سنڌي ٻولي” سراج، “سنڌي زبان جا چند مسئلا” ڊاڪٽر غلام علي الانا، “سنڌي ٻوليءَ جا چند مسئلا” سراج، “سنڌي زبان جا مسئَلا” سراج.. هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾، سنڌي ٻوليءَ بابت متفرقه مضمون شامل آهن، سي آهن: ٻوليءَ جون چند خصوصيتون، سراج، جنهن ۾ سراج ميمڻ چيو آهي ته، ٻولين جو علم اهڙو سمنڊ آهي، جنهن لاءِ سچل جا اهي لفظ چئي سگهجن ٿا: “انت بحر جي ڪل نه ڪائي!” هن معلومات ڏيندي چيو آهي ته، “موهن جي دڙي جي ستن اٺن هزارن سنڌي ورهين جي تاريخ ۽ انساني تمدني سرمايو آهي.” اسان مٿي چئي آيا آهيون ته هن وقت جي سنڌي ٻوليءَ جي حفاظت ڪريون ۽ انهيءَ جي علمي ۽ ادبي سرمائي کي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪندا رهون ته جيئن اهو وهڪرو تازو توانو رهي. مذڪوره عنوان ۾، مرحوم سراج سنڌي ٻوليءَ کي گرامر جي اصولن جي روشنيءَ ۾ لفظن جي چونڊ ڪري سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسم ذات، اسم مجموعه، اسم خاصيت ۽ ٻين اهم جنسن جي سڃاڻپ جون نشانيون ڏنيون آهن. لفظن جي چونڊ ڪندي سمجهائي ٿو ته، “اسين جيڪي لفظ لکندا پڙهندا آهيون تن جو اڪثر ماڻهو غلط استعمال ڪندا آهن.” انهن لفظن جا ڪي مثال ڏنا ويا آهن جيئن: “ڳاڙهو، مان “ڳاڙهاڻ” ۽ “ڳاڙھ” اسم ٺهن ٿا، پر “ڳاڙنهن” يا “ڳارٺِ” نٿا ٺهن… مثال طور: “ڪارو” مان “ڪارِڙو” يا “ڪار سرو” ۽ “ڳاڙهو” مان “ڳاڙسرو” صفتون ٺهن ٿيون.” اهڙيءَ طرح متعدي يا متعدي بالواسطه جيڪن مثالن کي آڏو آڻي انهن جي سمجهاڻي ڏني وئي آهي. ٻيو اهو به سمجهايو ويو آهي ته جي “ج” جي هڪ صورت اڪرترڪ ۽ پريوگن ۾ داخل ٿئي ٿي، مثال طور: “اچجي”، “وڃجي”، “هلجي” اُن “ج” جو اثر اهو ٿئي ٿو ته اهي لازمي فعل پنهنجو فعل وڃائي ٿا ويهن.” سراج ميمڻ اهڙا اصول ۽ سمجهاڻيون ڏئي، سنڌي ٻولي ۽ ان جي لفظن جي اصلي صورتن کي تڪي توري بهارڻ ۽ گرامر مطابق درست صورت کي آڏو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾، سراج مرحوم جا اٺ مضمون ۽ هڪ مضمون ڊاڪٽر غلام علي الانا جو عنوان: “سنڌي لسانيات جو هڪ قدآور دانشور سراج” بابت ملي ٿو. ڪتاب جي آخر ۾ سراج صاحب جو هڪ انٽرويو شامل ڪيل آهي. انهيءَ انٽرويو چوي ٿو ته: “ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هڪڙو مضمون “مهراڻ” ۾ ڇپيو هو. ان مضمون ۾ مسئلو اهو اٿاريو ويو هو ته سنڌي ٻولي، ويندي ان جي جيڪا قديم صورت قديم آهي، سا سامي نسل جي آهي. جنهن عربي ۽ عبراني ٻوليون آهن. اهو نظريو رکڻ ڪائي وڏي ڳالھ ڪانهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو علمي طرح سان ان کي ثابت ڪري ته ان ۾ ڪوبه اهم ڪونهي، پر ان ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون ڪيون ويون، جيڪي ان وقت جيڪا ريسرچ جي صورتحال هئي، گرامر جي لسانيات جي ۽ سائنسي علم جي ۽ جيڪي لساني اصول آهن، ان ۾ اهو (خيال) نه پئي ٺهڪيو.” (ص: 453) ۽ ان لاءِ سراج پنهنجي انٽرويو ۾، ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق جي حوالي سان ڪن مثالن کي آڏو آڻيندي چوي ٿو ته: “ڊاڪٽر صاحب اهو لکيو ته سنڌيءَ ۾ حرف علت آهن ئي ڪونه. اهو هڪڙو عام رواجي ماڻهو، جيڪڏهن چوي ته، پوءِ سمجھ ۾ اچي ٿو ٺيڪ آ، انهن ۾ (حرف علت) نظر ڪونه ٿا اچن. ڇاڪاڻ ته حرف علت آهن “الف”، “حمزو”، “واءُ”، “يي” وغيره، اهي واقعي انهن ۾ ڪونهن، پر جيڪڏهن اها ڳالھ، هڪڙو ڏاهو ماڻهو ڪري، جيڪو استاد هجي، جنهن سنڌي پڙهائي هجي، جيڪو سنڌيءَ تي ريسرچ ڪندو هجي، اهو جيڪڏهن اهڙي ڳالھ ڪري ۽ ان کي بنياد بڻائي پوءِ ان کي عربيءَ سان ملائي، ته: “ڏسو قتل قتلو ٿيڻ کانپوءِ وڃي ٿو واءُ ملي، نه ته قتل ۾ آهي ئي ڪونه ته اها ڳالھ مون کي ٿوري ڏکي لڳي.” (ص: 154) مذڪوره ڪتاب جي اڀياس ڪرڻ سان ڪيترين ئي معلوماتي علمي ادبي بحث مباحثن وارن مثالن ۽ معلوماتي ڳالهين سان پڙهندڙ روشناس ٿين ٿا. سنڌي ٻوليءَ بابت جيڪي علمي ۽ عملي بحث ڪيا ويا آهن تن کي آڏو آندو ويو آهي. هن علمي بحث طلب ڳالهين مان جيڪا معلومات آڏو اچي ٿي ته، عالمن پنهنجي تحقيق ۽ علمي ادبي بنيادن کي سامهون رکي لسانيات جي روشني ۾، سنڌي ٻوليءَ جي لوازمات کي پرکي، ڇنڊي ڇاڻي ڪيتريون ئي ڳالهيون هُيون جيڪي مونجهارن مان نڪري آسان بڻجي پيون آهن، پر شرط هي آهي ته پڙهندڙ ڪتاب جي هر هڪ جزي تي ويچار ڪري پڙهي. هت هيٺ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مثال پيش ڪريان ٿو: “آئون سنڌي کي سامي سٿ جي زبان نه، پر سنڌو ماٿر جي سنسڪرت کان اڳ واري دور جي هند، آريائين ٻولي سمجهان ٿو. انهيءَ وضاحت ڄاڻ هوندي به رد لکندڙ جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر بلوچ ۽ ساڻن هم خيال عالم، “سنڌي کي سامي- سٿ جي زبان سمجهن ٿا.” هڪ صريح بهتان آهي، رد لکندڙ اهڙي الزام تي به اڪتفا نه ڪئي آهي، بلڪه مٿان ٻيو الزام مڙهيو آهي ته “سنڌيءَ کي عربيءَ يا سامي تمدن جي مرهون ثابت ڪرڻ” ڄڻ “مذهب” شخصي پسند ۽ ذاتي لاڙن کي دخل انداز ٿيڻ” ڏنو ويو ويو آهي، ڪنهن جي نيت تي حملا ڪرڻ نه صرف علمي تنقيد جي دائري کان ٻاهر آهي، بلڪه ديانتداريءَ جي اصولن جي خلاف آهي.” (129، 130) ڊاڪٽر غلام علي الانا مرحوم، لکي ٿو ته: “سنڌي لسانيات واري موضوع تي سراج صاحب، شُهرت تڏهن حاصل ڪئي، جڏهن هن 1959ع ۾، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد جي حوالي سان جڳ مشهور سنڌي عالم ۽ سنڌ شناس، جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ٽماهي رسالي “مهراڻ” ۾، 1959ع، ۾ “سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ” جي عنوان سان ڇپيل مقالي تي تنقيد ڪئي.” (ص:443) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج الحق ميمڻ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پنهنجي دور ۾ جيڪي علمي ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن تن ۾ ٽنهي عالمن انتهائي سنجيده ۽ غور ويچار سان ادب ۽ ٻولي بابت سوچيو ۽ ڪم ڪيو آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ محمد ابراهيم جويي جو هڪ مضمون “سنڌي ٻولي” ڪتاب جو ديباچو ۾ جهڙي طرح غور فڪر ڪري ڪن مشرقي ۽ مغربي عالمن جي ٻولين بابت ڪم ۽ ڪارڪردگي کي آڏو آڻي پوءِ پنهنجي موضوع جي طرف اچڻ کان اڳ ۾، ڪي مضبوط دليل ڏنا آهن. چوڏهن صفحن ۾ حوالن ۽ مثالن کان پوءِ لکي ٿو ته: “جڏهن ڪا قوم پنهنجي شخصيت کان باخبر ٿيندي آهي، تڏهن ان جو پهريون ڌيان پنهنجي تاريخ ۽ ٻوليءَ ڏانهن ويندو آهي. اسان جو عزيز دوست، محترم سراج صاحب، جو هيءُ ڪتاب “سنڌي ٻولي” ان نوع جي هڪ اهم ڪوشش آهي، جنهن مان هن جي جذبي ۽ هن جي محنت جو اندازو لڳائي سگهندا. سنڌي ٻوليءِ بابت ڪن عام ۽ ڪن خاص راين کي هن ڪتاب ۾ رد ڪيو ويو آهي، ان بابت نئون نظريو پيش ڪيو ويو آهي.” (ص: 181) محمد ابراهيم جويي صاحب اهو به ڄاڻايو آهي ته، سراج انهيءَ ڳالھ جي مڃڻ کان انڪار ڪري ٿو ته، (هاڻوڪي) سنڌي توڙي سنسڪرت (۽ ٻيون اڪثر هند- پاڪستاني ٻوليون) ڪنهن هڪ ساڳي آڳاڻي (آوائلي) ٻوليءَ مان نڪتل آهن، جنهن کي پڻ هو “سنڌي” سڏي ٿو، پر جنهن لاءِ هو شايد “پروٽو- سنڌي” (يا پروٽو هند- انڊڪ” (يا “پروٽو هند- يورپي”) لفظ استعمال ڪرڻ وڌيڪ موزن سمجهندو.” (ص: 182) دل چاهي ٿي ته هن مضمون ۾ ڪيترن ئي سنڌي ٻولي جي خدمتگارن جي ڪتابن کي آڏو رکي انهن ڪتابن ۾ آيل علمي ۽ ادبي بحث مباحثن کي پڙهندڙن آڏو پيش ڪريان ليڪن آهستي آهستي وقت به وقت حياتيءَ ساٿ ڏنو ته، ائين ڪبو رهبو. هن ڪتاب کي سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز حيدرآباد، ڪراچي پاران جنوري 2016ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي. مون انهيءَ خيال کان مذڪوره ڪتابن جو تعارف پيش ڪيو آهي ته جيئن اسان جو نئون نسل پنهنجي عالمن جي علمي ۽ عملي ڪارنامن کي آڏو آڻي، انهن قيمتي شهپارن جو مطالعو ڪري ۽ پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو آڻي ۽ انهن ڳالهين تي ڪي مثبت نموني پاڻ ۾ بحث مباحثا ڪري پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪري، ايئن ڪرڻ سان نئون نسل استفادو حاصل ڪري سگهندو.

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments