سنڌ جا ٻيٽ ڪنهن جي جاگير ناهن، وفاق کي آرڊيننس واپس وٺڻو پوندو: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ طوفان اُٿي رهيو آهي، ٻيٽ ڪنهن جي جاگير ناهن، وفاق کي آرڊيننس واپس وٺڻو پوندو. ڪراچي جي جناح باغ ۾ پيپلز پارٽي جي ميزباني هيٺ پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ جي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاق سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي، اهي ٻيٽ مهاڻن جا آهن، اسان توهان کي انهن تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته جنهن صبح لاءِ جمهوري طاقتن قربانيون ڏنيون آهن اهو صبح جلد ايندو، اسان کي هن ملڪ ۾ عوام جي حڪمراني، آئين جي بالا دستي ۽ جمهوريت لاءِ جنگ وڙهڻي آهي، هيءَ جنگ ملڪ جي سڀني جمهوري طاقتن کي وڙهڻي آهي، اپوزيشن جي ويڙهه اقتدار لاءِ ناهي، سڀني آزادين جو ضامن جمهوري نظام آهي، هن نااهل، نالائق وزيراعظم کي وڃڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته عمران خان ڪراچي کي رڳو دوکو ڏنو آهي، ڪراچي پيڪيج جو هڪ رپيو به وفاق کان نه آيو، ڪي اليڪٽرڪ عوام جو رُت چوسي رهي آهي ۽ وزيراعظم پنهنجي دوست کي بچائي رهيو آهي، وفاق اين ايف سي ايوارڊ جا 300 ارب رپيا اڃان تائين سنڌ کي ناهن ڏنا، ان سان ڪيترن ئي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪري سگهون ٿا. پ پ چيئرمين چيو ته اسان ملڪ جي جمهوريت جو دفاع پنهنجي رت سان ڪيو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير پنهنجو رت ڏنو، پر عوام جو ساٿ نه ڇڏيو، ان کي عوام جا ڳوڙها نظر نه پيا اچن ۽ اهو شخص جمهوريت هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو، عوام ان شخص جو غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندو. ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جلسي ۾ تقرير ڪندي چيو ته عوام کي گهٻرائڻو ناهي چوندڙ پاڻ هڪ جلسي سان گهٻرائجي ويو، وڏن جي ويڙهه ۾ ٻارن جو ڪو ڪم ناهي هوندو. سندس چوڻ هو ته ماڻهن جيئن منهنجي آجيان ڪئي، جيڪا محبت ڪراچي وارن ڏني، سڄي زندگي ان محبت جو قرض نٿي لاهي سگهان. هن عوام کي مخاطب ٿيندي چيو توهان ڏٺو هوندو ته هو رڙيون ڪري پنهنجي ناڪاميءَ جو ماتم ڪري رهيو هو، اهي ته هڪ ئي جلسي ۾ پنهنجا هوش ۽ حواس وڃائي ويٺا، دٻاءُ ۾ ڪيئن رد عمل ڏيندا آهن توهان کي خبر نه هئي ته نواز شريف کي سکو ها، تقرير ۽ توهان جي هڪ هڪ حرڪت سان توهان جو خوف نظر اچي رهيو هو، خدارا وزيراعظم جي ڪرسي جي ئي لڄ رکي ڇڏيو ها. مريم نواز چيو ته توهان ڌرڻو هنيو، نواز شريف هڪ ڏينهن به پريشر نه ورتو، هن گهٻرائي ابتيون سبتيون ڳالهيون نه ڪيون. جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي ايم اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر محسن داوڙ چيو ته پي ڊي ايم ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت ۽ سول بالا دستي جي شروعات آهي. هن سنڌ، بلوچستان، وزيرستان، گلگت بلتستان ۾ سياسي ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو ته اهي ڪيس سياسي اختلافن سبب داخل ڪيا ويا آهن، رياست هلائڻ لاءِ شهرين کي احساس ڏيارڻو پوندو ته اهي غلام نه پر معزز شهري آهن. ان کان اڳ جلسي ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ جي صدر مولانا فضل الرحمان، ن ليگ نائب صدر مريم نواز، پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان (نوراني) جو شاهه اويس نوراني، پشتون تحفظ موومينٽ اڳواڻ محسن داوڙ، اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، ساجد مير، قمر زمان ڪائرا ۽ ٻيا جلسي گاهه پهتا. پي ڊي ايم جلسي ۾ موجود ڪارڪنن ۽ شهرين جي وڏي انگ نعرن ۽ جهومرين ۾ پنهنجي اڳواڻن جي آجيان ڪئي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments