سنڌ جي سڄاڻ سيبتي شاعر خاڪي جاني سان ڳالهه ٻولهه مسافر هاليپوٽو

مسافر: پنهنجو مڪمل تعارف؟

خاڪي: منهنجو جنم ضلعي بدين تعلقي ماتلي جي ڳوٺ محمد خان نظاماڻي (بخشو نظاماڻي) ۾ 3 مارچ 1978 تي پڙھئي لکئي ڪٽنب “ماستراڻي” جي سادي ۽ کري شخص نصير محمد جي گهر ۾ ٿيو. منهنجي تعليم ڊي. اي. اِي، بي. اي، بي ايڊ، ايم اي (جاري) آھي. 2005 کان نيو ارا پبلڪ هاءِ اسڪول ۾ استاد طور ڀرتي ٿيس سال بعد انهيءَ اسڪول جو پرنسپل ٿيس. 12 سال نيو ارا جي خدمت ڪئي. گذريل ٽن سالن کان پنهنجي اداري فرحت پبلڪ هاءِ اسڪول راڄو خاناڻي ۾  پرنسپل ۽ اونر طور فرض انجام ڏيئي رهيو آھيان. 1999 کان سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي. منهنجي بنيادي سڃاڻپ سنڌي ادبي سنگت ماتلي شاخ آھي. هاڻ راڄو خاناڻي شاخ جو ميمبر آھيان س. ا. س ضلعي بدين جو ٽي ڀيرا رابطا سيڪريٽري رهيس. سيپٽمبر ۾ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت سنڌ منتخب ٿيو آھيان. ڪيترائي تنقيدي مضمون لکيا، 10 ڪتابن جا مهاڳ لکيا آھن ۽ 20 کن ڪهاڻيون لکي چڪو آھيان، پر منهنجي سڃاڻپ شاعر ئي آھي.

مسافر: لکڻ جي شروعات؟

خاڪي: ننڍي هوندي کان ئي لکندو رهيس باضابطه شروعات 1994 کان ٿي.

مسافر: ڇپيل پهرين تخليق؟

خاڪي: 1994 ۾ ماهوار پرھ ڪراچي ۾ نظم ڇپيو ساڳي ئي سال  ڪهاڻي بدنما داغ سنڌ رنگ ۾ ڇپي.

مسافر: اوهان جا ڇپيل ڪتاب؟

خاڪي: شاعري جا ٻه مجموعا ڇپيل آھن هڪ “امن ٿو گهران” 2011 سچائي اشاعت گهر ۽ ٻيو “درد کي هڪلي هلون” 2019 احساس پبليڪيشن.

مسافر: اوهان شاعر نه هجو ها ته؟

خاڪي: مون مٿي به عرض ڪيو ته لکڻ جو چاھ ننڍپڻ کان ئي هو ايئن سمجهو ته آئون جنم جنم جو شاعر.

مسافر: ڪهڙا سبب هئا جو اوهان شاعريءَ جي واٽ ورتي؟

خاڪي: ادا سائين شاعري خود راھِ مشعل آھي. شاعري دڳ ڏسيندي آھي ان جي واٽ تي پنهنجي خواهش سان ڪوبه نٿو وڃي، پر شاعري اهڙي دوشيزه آھي جيڪا پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آھي ۽ شاعر ان تي اڪن ڇڪن ٿي پوندا آھن. شاعري مون لاءِ محبوبه وانگي آھي جيڪا منهنجي روح ۾ رچي ٿي. 

مسافر: شاعريءَ جي پنڌ ۾ اوهان نئين ٽھيءَ مان ڪيترا مطمئن آھيو؟

خاڪي: مسافر شاعري جو سفر مستقل مزاجي ٿو گهري جيڪي به نئين ٽھي جا شاعر مستقل مزاج آھن اهي سنڌي شاعري جو آئندو آھن ۽ آئندو نوان گس ۽ رنگ کڻي ايندو آھي، مطمئن جو لفظ وڏو آھي، پر ايئن چوندس ته مون کي سنڌي شاعري جي پنڌ ۾ نئين ٽھي جي وکن مان مستقبل جي اميد آھي ڇو ته اڪثر سٺو لکن پيا.

مسافر: موجوده سنڌي ادب ڪهڙي معيار جو سرجي يا لکجي پيو؟

خاڪي: جيڪڏھن معيار مان مراد بين الاقوامي ڀيٽا طور آھي ته اسان وٽ اسان جا ادارا ناهن اسان وٽ اسان جي ٻولي لاءِ رياستي سهڪار شامل ناهي پنهنجي مدد پاڻ تحت اسان پنهنجي معيار تي بلڪل پورا آھيون.

مسافر: اوهان جون پسنديده صنفون ڪهڙيون آھن؟

خاڪي: مون کي مجموعي طرح غزل ۽ نظم وڻندا آھن، پر جيڪڏھن  ڪلاسيڪيت جي ڳالھ ڪجي ته بيت ۽ وايون سي به ڀٽائي جون.

مسافر: ڪهڙا اُپاءُ وٺجن جن سان سنڌي ادب ترقي ماڻي سگھي؟

خاڪي: مٺا مسافر اسان اوهان ۽ سمورا سنڌ جا اديب شاعر ۽ پبلشر  پنهنجي پنهنجي ليکي محنت ڪري رهيا آھن، اپاءُ ته حڪومتون وٺنديون آھن جيڪڏھن سرڪار همسري ۽ ٻين پبليڪشن جي ٻانهن ٻيلي ٿي پوي ته سنڌي ادب ترقي ڪري بين الاقوامي ادب سان ڪلهو هڻي، پر ايئن ٿي پوي ته!

مسافر: سنڌي ڪهاڻيءَ کي ڪٿي بيٺل ٿا ڏسو بحيثيت هڪ شاعر جي؟

خاڪي: شاعر کي شاعري جي ئي خبر، ها جيڪڏھن بحيثيت هڪ پڙھندڙ چئون ته ڪهاڻي اڄ به پڙھندڙن جي ڌيان جو مرڪز آھي ۽ ڪهاڻي جتي به بيٺل آھي اها پنهنجن پيرن تي ئي بيٺل آھي ان کي نه گولي لڳي آھي نه ئي اها مري وئي آھي.

مسافر: ادب ۾ تنقيد جو عمل ڪيترو ضروري آھي؟

خاڪي: ادب ۾ تنقيد ايتري ضروري آھي جيتري اکين جي لاءِ روشني  جيڪر اکيون هجن سهائو نه هجي ته اهي اکيون نظر ته اينديون، پر انهن ۾ نظر نه هوندي ايئن ئي ادب مان تنقيد کي خارج ڪندا ته اهو اونداهو ادب سڏبو.

مسافر: هڪ بهترين نقاد ۾ ڪهڙيون خوبيون ۽ خاصيتون هجڻ ضروري آھن؟

خاڪي: جيئن شاعر لاءِ وسيع مطالعو ۽ مشاهدو ضروري آھي ايئن ئي نقاد لاءِ به، جنهن نقاد ۾ مطالعي ۽ مشاهدي جي وسعت هوندي ته ان نقاد ۾ موقعي جي نسبت ڳالھائڻ جو فن به هوندو ته ادبي فن پاري جي پرک به ڪري سگهندو ۽ اهڙي نقاد ۾ اختلاف راءِ کي ٻڌڻ جي برداشت به هوندي ۽ اختلاف رکڻ جي جرئت به جڏھن اختلاف ٻڌي سگهندو ته لازمي ان ۾ سهپ به هوندي جيڪر نقاد ۾ صبر تحمل ناهي ته ان کي تنقيد جهڙي دقيق موضوع ۾ ھٿ ئي نه وجهڻ گهرجي.

مسافر: هڪڙا شاعر خيال جي اڏار کي ترجيح ڏيندا آھن ته ٻيا عروض کي، اوهان ڇا ٿا چئو؟

خاڪي: ادا هڪڙا چون شلوار ضروري آھي ٻيا چون قميص ضروري آھي ته اهڙن تڪڙن اڪابرن کي ٻڌائبو ٻئي هڪٻئي جو حصو آھن ٻنهي جي گڏجڻ سان پوشاڪ مڪمل ٿئي ٿي، ايئن ئي خيال جي اڏام ۽ وزن بحر  شاعري جو مڪمل لباس آھن، جيڪڏھن ڪو شاعر پنهنجي تخليق کي اڌ اگهاڙو ئي رکڻ ٿو پسند ڪري ته اها ان جي ذاتي سوچ آھي.

مسافر: پنهنجي ٻولي ۾ ٻين ٻولين جا لفظ استعمال ڪرڻ واري عمل کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

خاڪي: پنهنجي ٻولي يعني سنڌي ۾ ڌارين ٻولين جا لفظ اسان استعمال ڪري ئي نٿا سگهون جيڪڏھن اسان جي طرفان ڪي ڌاريان لفظ آندل هوندا ته اهي سنڌي لفظن سان ٽنبيل نظر ايندا، پر ڳنڍيل نه. هڪ ٻولي ٻين ٻولين جا لفظ پاڻ جذب ڪندي آھي اهي لفظ جڏھن عام واهپي ۾ ايندا آھن تڏھن ئي شاعر يا ليکڪ انهن لفظن کي اپنائين ٿا پنهنجي طرفان ڪوبه ليکڪ ڪوبه لفظ کڻي لکڻي ۾ لڳائي ڇڏي اهو ممڪن ناهي اهڙن لفظن کي ٻولي اوڳاڇي ٻاهر ڪندي آھي. ڪابه ٻولي ٻين ٻولين جا جيڪي لفظ پاڻ ۾ ھضم ڪندي آھي اهي لفظ ڌاريان رهندا ئي ناهن اهي ان ٻولي جي لهجي سان رلي ملي ان ئي ٻوليءَ جا ٿي ويندا آھن.

مسافر: شاعر قومن جي اصلاح جا ذميوار هجن ٿا ان حوالي سان موجوده وقت ۾ اسان جي تعليمي معيار کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

خاڪي: هڪ ئي ڌڪ ۾ ٻه سوال ڪري ويا آھيو. پهريون شاعر قومن جي اصلاح جا ذميوار قومن جي اصلاح جو ذمو رياست تي هوندو آهي رياست قومن کي اهڙو ماحول يا اهڙا برک استاد مهيا ڪندي آهي جنهن سان قومون پستي مان نڪري بلندي تائين پهچنديون آهن ها باقي شاعر قوم، ٻولي ۽ ڌرتيءَ سان واڳيل هجي هر شاعر قومي ڌارا ۾ جوابدار ضرور آهي توهان جي سوال جو ٻيو حصو تعليمي معيار… ته اسان جو تعليمي معيار جيڪڏهن گهٽ هجي ته اسان جا ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر ٻاهرين ملڪن ۾ نه هجن، پر بدقسمتي ضرور آهي جو اسان وٽ روزگار تي خاص طبقي جي لت ڏنل آهي ان بيروزگاري گهڻائي جي ڪري اهو تاثر ٿو وٺجي ته تعليمي معيار بهتر ڪونهي. اسان جو نوجوان ڏاڍو ذهين آهي رڳو هن کي موقعا نٿا ڏنا وڃن.

مسافر: ڀلا تعليم جي هلندڙ نظام ۾ سڌارا ڪيئن آڻجن؟

خاڪي: اسان جي پوري نظام ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، اسان وٽ ٻٽو نظام هلي ٿو اهو متڀيد جيستائين ختم نه ٿيندو تيستائين سڌارن جا رڳو خواب پيا ڏسبا.

مسافر: شاعري ۾ ڏات ۽ الهام واري ڳالهه کي مڃو ٿا؟

خاڪي: شاعري کي قدرتي، فطرتي چئو پر اهو الهام وري ڇا آهي؟ ڇا الهام هر شاعر تي لهندو، ڇا هر شاعر نبي يا رسول ٿي سگهي ٿو؟ يا هر شاعر بابت اها رڳو دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته انسان آهي جنهن شاعر ۾ ماڻهپو ئي نه آهي، جنهن شاعر ۾ ماءُ جي ٿڃ ملهائڻ جي جرئت نه آهي، جنهن شاعر کي ڌرتي جي اون ناهي، جنهن شاعر کي نياڻي جي لٽجڻ تي ڪو افسوس ناهي، جنهن شاعر کي يتيم ٻار سان ڪا همدردي ناهي ڀلا ان تي لهي…؟ الهام يا نزول ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ شاعري ڏات آهي جيڪڏهن شاعري الهام هجي ها ته اهو الهام خاص ذات يا خاص ماڻهن کي ٿئي ها، پر الهام ته رڳو نبين کي ٿيندو آهي.

مسافر: اوهان نئين ٽهي جي شاعري ۾ ڪنهن کان متاثر رهيا آهيو؟

خاڪي: ممطمئن ۽ متاثر ۾ فرق آهي جيڪڏهن آئون نئين ٽهي مان متاثر هجان ته معنيٰ ان شاعر جي اثر ۾ هجان ۽ ان جي شاعراڻي اثر هيٺ لکان اهو ممڪن آهي ته سينيئر شاعرن مان نوجوان شاعر متاثر ٿي ان جي اثر ۾ رچنائون رچين، پر اهو ڪٿي ٻڌو سئو ناهي ڪو نئين ٽهي کان متاثر هجي. بهرحال آئون اهڙي ڪنهن به اثر ۾ نه آهيان.

مسافر: پنهنجي ادبي سفر مان ڪيترو مطمئن آهيو؟

خاڪي: جنهن ڏينهن مطمئن ٿيندس ان ڏينهن منهنجي تخليق جو موت هوندو آئون پنهنجين لکنين تي هر روز پاڻ ئي تنقيد ڪري تبديلي آڻيندو رهندس.

مسافر: شاعر ٿيڻ لاءِ ڇا ضروري آهي علم، عشق، حساس دل يا استاد؟

خاڪي: شاعر ٿيڻ لاءِ شاعراڻي دل، ٻاراڻا احساس، استاداڻي شفقت ۽ جوڌن جهڙي جذبن جي ضرورت آهي.

مسافر: پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟

خاڪي: منهنجا سائين اوهان ڀلي ڇا به هجو، پر جيڪڏهن اوهان ۾ ماڻهپو ڪونهي ته ڪجهه به نه آهيو بس ماڻهو ٿي وڃو ته سڀ ڪجهه آهيو.

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments