سنڌ جي صحت واري وزير بين الصوبائي ٽرانسپورٽ معطل ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو به ڪورونا وائرس تي قابو ڪرڻ جي لاءِ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ معطل ڪرڻ جي تجويز ڏيئي ڇڏي آهي. عذرا پيچوهو چيو آهي ته مسافرن جي اچ وڃ سبب ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن. حيدرآباد سڀني کان وڌيڪ 7 سيڪڙو اضافي سان گڏ ڪورونا سبب متاثر ٿيو آهي. صحت واري وزير موجب ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 4.3 سيڪڙو رهي. واضح رهي ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ سبب ان کان اڳ سنڌ جو وڏو وزير به بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جي تجويز ڏيئي چڪو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي تجويز کانپوءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر (اين سي او سي) ٻه ڏينهن يعني ڇنڇر ۽ آچر تي بين الصوبائي ٽرانسپورٽ معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته ريلوي 70 سيڪڙو مسافرن سان گڏ هلنديون رهنديون.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments