سنڌ جي مستقبل جا معمار اڳتي وڌڻ چاهين ٿا!

شڪارپور شهر تاريخي طور تي علمي ۽ ادبي حوالي سان هڪ الڳ سڃاڻپ رکندڙ شهر طور پنهنجو نالو مڃرايو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هتان اهڙيون شخصيتون نروار ٿيون آهي جن نه صرف سنڌ يا پوري ملڪ، بلڪه سموري دنيا ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي ۽ شڪارپور جي تاريخ ان ڳالھ کي چٽيءَ ريت ثابت ڪري ٿي.

نه صرف ماضي، پر شڪارپور جو حال به پنهنجي اهڙي سڃاڻپ جي تسلسل جون جھلڪيون ڏيکاري رهيو آهي، جنهن جو واضح ثبوت شڪارپور جي شاگردن جو ملڪي توڙي عالمي سطح تي نروار ٿيڻ آهي. تازو ئي منهنجي نظر جڏهن ملڪ ۾ سٺي ساک رکندڙ امتحاني بورڊ آغا خان پاران جاري ڪيل نائين ڪلاس جي 2022ع جي امتحاني نتيجن تي پئي ته ان ۾ شڪارپور جي خانگي اسڪول ”ڪهڪشان“ ۾ پڙهندڙ ٻن شاگردن شِوَم ۽ زين اعجاز لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ سلسليوار پهرين ۽ ٻي پوزيشن ۽ مخصوص سبجيڪٽن جي حوالي سان صوبائي ليول تي 100 مان 100 مارڪون کڻي پنهنجي اسڪول، استادن، خاندان ۽ شهر توڙي سنڌ لاءِ فخر جو باعث بڻيا آهن. جڏهن ته بورڊ پاران جاري ڪيل نتيجن ۾ پڻ سرِ فهرست آهن. اهو انهن جي محنت جو باڪمال اظهار آهي، جنهن تي سڄي سنڌ کي فخر آهي هي ته هڪ خانگي امتحاني بورڊ سان لاڳاپيل خانگي اسڪول جو نتيجو آهي، پر سوال اهو آهي ته آخر سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۽ انهن سان لاڳاپيل امتحاني بورڊن جو حال ڇو گھڻو پوئتي آهي؟ پرائيويٽ اسڪولن جي حوالي سان عام طور تي چيو ويندو آهي ته اهي تعليم جي نالي تي ڪاروبار ڪن ٿا، پر اتان جيڪڏهن سنڌ توڙي ملڪ جي علمي آڪاس ۾ شِوَم ۽ زين اعجاز جھڙا شاگرد ستارن جيان اڀري اچن ته پوءِ سرڪاري اسڪولن جي انتظاميه ۽ سرڪار کي ڪهڙا لقب ڏجن، جن تعليم جي نالي تي ڪرپشن ۽ تباهي کانسواءِ ڪهڙو ڪارنامو سر انجام ڏنو آهي؟ اسان ڪنهن ترقي يافته قوم جو ذڪر ڪري حيرت ۽ تعجب جو اظهار ڪندا آهيون ته ان قوم جي ماڻهن لاءِ اها ڪهڙي جادوءَ جي لٺ آهي، جيڪا انهن کي ڪاميابي، عزت ۽ ترقيون عطا ڪري انهن کي تاريخي طور به سرخرو ڪري ٿي ته هر سماجي برائي، لاقانونيت، جهالت، جاگيرداريت ۽ هر سماج دشمن عنصر کي نيڪالي ڏيڻ جي سگھ عطا ڪري ٿي. هر شعور وند جڏهن ان سوال جو جواب ڳوليندو ته هن کي سمجھ ۾ ايندو ته تعليم ۽ شعور ئي اهڙيون قوتون آهن، جيڪي ڪنهن به خطي يا قوم کي اهڙي بلند ۽ اعليٰ مقام تي رسائين ٿيون.

هاڻي ڳالھ جڏهن شعور جي اچي ته پوءِ ان لاءِ بنيادي ڳالھ تعليم جو هجڻ آهي. ڇو ته تعليم ئي ته آهي، جنهن ذريعي شعور جا رستا هموار ٿيندا آهن ۽ تعليم سان ئي ڪنهن به سماج دشمن عنصر جو سماج ۾ نه صرف وڌڻ ويجھڻ رڪجي ويندو آهي، پر ان جو وجود ئي چڪنا چور ٿي ويندو آهي. تنهنڪري تعليم هر مهذب ۽ مثبت تبديليءَ جي تمنا رکندڙ فردن ۽ قوم جي هڪ اولين ترجيح هوندي آهي. اهڙي خواهش رکندڙ فرد ۽ قومون تعليم کي بنياد بڻائي پنهنجي ترقيءَ جون عمارتون اڏينديون آهن ۽ دنيا ۾ پنهنجو قد ڪاٺ بلند ڪنديون آهن. جيڪڏهن شڪارپور ۾ تعليم جي موجوده صورتحال ڏسجي ته ان جي صورتحال مجموعي طور سنڌ جي سڀني شهرن جي تعليم جهڙي ئي خراب آهي يا ايئن چئجي ته هي شهر انهن جي ڀيٽ ۾ به پٺتي آهي ته اها ڳالھ غلط نه ليکبي، ڇو ته هتان جي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ تعليمي سهولتن جي اڻ هوند، سياستي بنيادن تي استادن جي بدلي ۽ مقرري، بنيادي انفرا اسٽرڪچر جي تباهي، عمارتن جو زبون حالت ۾ هجڻ ۽ ڪاپي ڪلچر جو نظام عروج تي هجڻ اهڙا عنصر آهن، جن سبب هتان جي تعليم اڳتي وڃڻ بجاءِ پٺتي وڃي رهي آهي ۽ ان ۾ بهتري اچڻ بجاءِ بدتري ايندي پئي وڃي. اهڙي تعليمي فقدان ۾ ماضي جي پئرس شڪارپور مان ڪهڪشان نالي خانگي اسڪول جي شاگردن جو عالمي سطح جي امتحاني بورڊ مان سرِ فهرست ٿيڻ هڪ وڏي ڳالھ آهي، جنهن سان سرڪاري تعليم جي ڪارڪردگي تي سوال پيدا ٿين ٿا. سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ ڏني ويندڙ تعليم ڏانهن غير ڌياني ۽ بي فڪري جو اهم سبب سنڌ سرڪار ۾ ويٺل عوام دشمن وڏيرا ۽ جاگيردار آهن، جيڪي ڪڏهن به تعليم جي موجوده تقاضا موجب فراهمي ته پري جي ڳالھ آهي، پر موجوده اسڪولن جي صحيح معنيٰ ۾ فنڪشنل ڪرڻ ۽ اتي گھرجن جو پوراءُ ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي زحمت ئي نه ڪندا آهن. حالانڪه آمريڪا جھڙا ملڪ به فڪرمند آهن ۽ سنڌ جي تعليم جي بهتري لاءِ نه صرف مدد ڪن ٿا، پر عالمي ماهر سٺيون ۽ موزون تجويزون به پيش ڪن ٿا، پر سوال اهو آهي ته جڏهن تعليم هنن جي ترجيح ۾ ئي شامل ناهي ته پوءِ ڪير ڪيتري به مدد ڇو نه ڪري ۽ ڪير ڪيتري به ڳڻتي ڇو نه ڪري، ڪجهه به نٿو ٿي سگھي. جيئن چوندا آهن ته ڪنهن قوم جي حالت تيستائين تبديل نٿي ٿي سگھي، جيستائين اها قوم خود تبديل ٿيڻ نٿي چاهي. سو اسان جي سرڪار جو حال به اهو آهي، پر ڇا سرڪار جي تعليم دشمني تي پاڻ کي مجبور سمجھي ماٺ ڪري ويهي رهجي؟

نه! اسان کي اڳتي اچڻو پوندو، ڇو ته سنڌ جو نوجوان پڙهڻ چاهي ٿو، هو اڳتي وڌڻ چاهي ٿو ۽ دنيا کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته هو به دنيا جي ٻين شاگردن کان گھٽ ناهي، جنهن جي ثابتي ان ڳالھ مان ملي ٿي ته تعليمي فقدان واري صورتحال ۾ به سنڌ جو شاگرد پنهنجي محنت، جذبي ۽ لڳاءُ سان پاڻ کي مڃرائي رهيو آهي. اها ڳالھ واقعي به مڃڻ جوڳي آهي ته سنڌ ۾ ٽئلينٽ موجود آهي ۽ مون کي ته پنهنجي شهر شڪارپور تي فخر آهي ته اهڙي اڻ هوند ۾ ۽ تعليمي لحاظ کان پٺتي پيل شهر ۾ اهڙا قابل ۽ اهل شاگرد ۽ نوجوان به موجود آهن، جيڪي پنهنجي قوم جو مستقبل روشن ٿيڻ جا واضح اشارا ڏين ٿا، پر افسوس جو اسان وٽ اهڙن قابل، اهل ۽ شوق رکندڙ شاگردن کي اڳتي اچڻ نٿو ڏنو وڃي يا انهن لاءِ اهي راهون هموار نٿيون ڪيون وڃن جن تي هلي هو محنت ڪري پنهنجو پاڻ کي مڃرائي سگهن. هنن کي هٿ سان ڪاپي ڪرائي، سندن مستقبل اونداهو ڪيو وڃي ٿو. پاڻ ڄاڻون ٿا ته سنڌ جي سرڪاري امتحاني بورڊن ۾ ڪاپي ڪلچر عروج تي آهي، پر شاگرد جيڪڏهن پاڻ يا والدين جي صلاح سان آغا خان يونيورسٽي جهڙن ڪاپي کان پاڪ ۽ شفاف امتحاني بورڊن سان وابسته ٿي وڃي ته پوءِ کيس اڳتي وڌڻ جو ۽ خوابن جي حاصلات جو سٺو موقعو ملي سگهي ٿو، پر اسان وٽ ته شاگردن کي يا انهن جي والدين کي خبر ئي نه هوندي آهي ته لاڙڪاڻي، حيدرآباد، سکر وغيره جهڙن بورڊن کان علاوه ٻيا به ساک وارا امتحاني بورڊ موجود آهن.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments